مواد ڏانھن هلو

اختر مينگل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سردار اختر مينگل کان چوريل)
سردار اختر مينگل
اختر مینگل
بلوچستان جو 9 هون وڏو وزير
عهدي ۾
22 فيبروري 1997ع  15 جون 1998ع
کان اڳنوابزاده ذوالفقار علي مگسي
کان پوءِمیر جان محمد جمالي
پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو ميمبر
عهدي ۾
29 فيبروري 2024ع
تڪاين اي-256 (خضدار)
عهدي ۾
13 آگسٽ 2018ع  10 آگسٽ 2023ع
تڪاين اي-269 (خضدار)
بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر
عهدي ۾
2013ع–2018ع
تڪپي بي-37 (خضدار)
عهدي ۾
2008ع–2013ع
تڪپي بي-35 (خضدار)
عهدي ۾
2002ع–2007ع
تڪپي بي-38 (خضدار)
عهدي ۾
1997ع–1999ع
تڪپي بي-38 (خضدار)
عهدي ۾
1993ع–1996ع
تڪپي بي-27 (خضدار)
عهدي ۾
1990ع–1993ع
تڪپي بي-27 (خضدار)
ذاتي تفصيل
ڄائو (1962-10-06) 6 October 1962 (age 63)
وڍ، خضدار، بلوچستان، پاڪستان
سياسي پارٽيبلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل)
ٻاربناري مينگل، گرگين مينگل، براهم مينگل
پيءُسردار عطاءُ الله مينگل

سردار اختر مينگل (Sardar Akhtar Mengal) (پيدائش 6 آڪٽوبر 1962ع) بلوچستان سان تعلق رکندڙ هڪ پاڪستاني سياستدان آهي جيڪو بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جو چيئرمين آهي. اختر مينگل نامياري سياستدان عطاءُ الله مينگل جو پٽ آھي. هو فيبروري 2024ع کان پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ آهي، هن کان اڳ 1997ع کان 1998ع تائين بلوچستان جو وڏو وزير ۽ بعد ۾ بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو.[1] مينگل آگسٽ 2018ع کان آگسٽ 2023ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو.[2]

سيپٽمبر 2008ع ۾ اختر مينگل کي اٽڪل 700 ڪارڪنن سميت گرفتار ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو هو مشرف حڪومت خلاف لانگ مارچ جي تياري ڪري رهيو هو. 9 مئي 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ حڪومت ۾ اچڻ تي کين آزاد ڪيو ۽ سندس خلاف سمورا الزام واپس ورتا ويا.[3]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي خضدار ضلعو جي وڍ تعلقو جي شهر وڍ ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي گهر ۾ پيدا ٿيو جيڪو به هڪ سياسي رهنما ۽ بلوچستان جو وزير اعلي رهيو آهي.[4] اختر مينگل 2018ع جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.

سياسي شروعات

[سنواريو]

اختر مينگل 1997ع ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ وزير اعلي جو قلمدان سنڀاليائين.[5] اختر مينگل 2018ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. Aamir, Adnan (2015-01-19). "Exclusive Interview Of Akhtar Mengal – Balochistan Point". The Balochistan Point (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-14 تي حاصل ڪيل.
  2. Correspondent, The Newspaper's Staff (2018-08-13). "BNP-M chief Akhtar Mengal to retain his NA seat". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-09-15 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |last= has generic name (مدد)
  3. اختر مينگل : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-05-01 تي محفوظ ڪيل, 2019-12-14 تي حاصل ڪيل
  4. Cowasjee, Ardeshir (2007-01-14). "The man in the iron cage". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-07-10 تي حاصل ڪيل.
  5. Shah, Syed Ali (2013-08-27). "Sardar Mengal to take oath as Balochistan MPA today". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-07-10 تي حاصل ڪيل.
  6. "National Assembly of Pakistan". na.gov.pk. 2019-07-10 تي حاصل ڪيل.