سراڌيا
ڏيک
سِراڌيا: (انگريزي: Siradhiya plant )هي ٻوٽو ڏاڍيري زمين ۾ منو انچ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽارين ۾ انچ ڏيڍ جي وِٿي تي گول ٽنؤر ٿيندو آهي، جو نرم ٻُرٻُر وارو هوندو آهي. ٽارين جي چوڌاري پکڙجي بيهندو آهي. هر هڪ ٽنؤر وٽان پن نڪرندا آهن، جي ننڍا سنها ۽ چهنبدار ٿيندا آهن. هندو ماڻهو پنهنجن مري ويل مائٽن جا شراڌ (آتما کي ثواب پهچائڻ لاءِ خيرات جي ماني) ڪرڻ وقت هي ٻوٽو پٽي پوڄا جي ڪم آڻيندا آهن، تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. اُن کي اُٺ رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلڙا کائيندا آهن[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو