ستي ڦڪي
سُتي ڦَڪِي ٻٽو لفظ يا ڪمپائونڊ ٻول آهي، جنهن جي معنا دوا يا علاج آهي. باقي ستي ۽ ڦڪي جي ڌار ڌار معنا، سُتي ڪاڙهي يا اوٻاري پوءِ چمچي ذريعي پياري ويندي آھي. ڦڪي مختلف جڙي ٻوٽيون گهوٽي پائوڊر ٺاهي دوا طور کارائي ويندي آهي.
سُتِي لفظ سَتَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنا آهي، ڪنهن به ٻوٽي، يا شئي جي رَسُ، جيڪا پراڻي دور ۾ سِپَ ۾ وجهي پياري ويندي هئي.
ڦڪي لفظ ڦَڪ مان نڪتل آهي، ڦَڪَ جي معني آهي، هٿ جي تريءَ تي ڪا شئي لاهي ۽ پوءِ ڦڪجي يعني ستي ڦڪي مان مراد آهي ته، اها دوا جيڪا پيئجي يا کائجي.
سُتي چمچو نموني جو ٿانوُ آھي، جنھن سان ٻار کي پاڻيٺ واري دوا پياري ويندي آھي. اھا سامونڊي جانور سپ جي خول جو اڌ ھوندي آھي. ڦڪي گھوٽيل دوا، جيڪا ٻورو يا پاؤڊر جي نموني ھجي. ٻنھي کي ملائي ڪري، سُتي ڦڪي معنا دوا وغيره جيڪا بيماري کان اڳ بچاءُ لاءِ يا بيماري کان پوء علاج لاءِ ڏجي.
دوا دارون، پاڻياٺ جي صورت جيڪا ٻار کي ڪنهن سِپي ۾ وجهي پياري وڃي، پاڻي ۾ حل ٿيل ڪا دوا.
سُتي معنا علاج یا دوا درمل، جوهر، عرق، دَرمان، مسئلي جو حلُ. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "سُتي ڦَڪِي" (sd ۾). Wiktionary. 2025-02-23. https://sd.wiktionary.org/wiki/%D8%B3%D9%8F%D8%AA%D9%8A_%DA%A6%D9%8E%DA%AA%D9%90%D9%8A.