مواد ڏانھن هلو

سبق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وليم ايڊولف بوگيرو جو پينٽنگ "ڏکيو سبق" (1884)
باز پالڻ جو سبق

هڪ سبق (Lesson) يا ڪلاس وقت جو اهو منظم دور آهي جنهن ۾ سکيا جو عمل ٿيڻ مقصود هوندو آهي. [حوالو گهربل] هن ۾ هڪ يا وڌيڪ شاگرد شامل هوندا آهن جن کي هڪ استاد يا انسٽرڪٽر پاران پڙهايو ويندو آهي. عام طور تي، سبق جي تعريف "هدايت جو هڪ حصو، هڪ مطالعو يا مشق، يا تعليمي ڪورس جي هڪ ورهاست" طور ڪئي ويندي آهي.[1] هڪ سبق ڪنهن درسي ڪتاب جو هڪ حصو ٿي سگهي ٿو يا وقت جو هڪ مختصر عرصو، جنهن دوران سکندڙن کي ڪنهن خاص موضوع بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي. سبق عام طور تي ڪلاس روم ۾ پڙهايا ويندا آهن پر اهي ٻاهران عملي ماحول ۾ به ٿي سگهن ٿا. وڏي معنيٰ ۾، سبق ڪنهن اڻ واقف موضوع بابت حاصل ڪيل بصيرت کي چيو ويندو آهي. اهو سبق منصوبابندي ڪيل به ٿي سگهي ٿو ۽ اتفاقي پڻ. محاوري طور "ڪنهن کي سبق سيکارڻ" جو مطلب آهي ڪنهن غلطي تي سزا ڏيڻ ته جيئن هو اها غلطي ٻيهر نه ڪري.

سبق جا قسم

[سنواريو]

سبق جو فارميٽ مختلف ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ استاد هڪ ئي ڪمري ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهائي سگهي ٿو. ان ۾ اشارن ۽ اوزارن جو استعمال به ڪيو ويندو آهي. سبق هڪ ليڪچر، مظاهرو (Demonstration)، يا بحث (Discussion) جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو. جاپان جي تعليمي نظام ۾ سبقن کي "معياري" بڻايو ويو آهي پر 2020ع کان ان ۾ سڌارا آيا آهن.[2] آمريڪا ۾ "ڪامن ڪور" (Common Core) جي اچڻ کان پوءِ سبقن ۾ لکت ۽ پڙهت تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي.[3]

جديد ٽيڪنالاجي سبق ڏيڻ جا نوان طريقا پيدا ڪيا آهن، جهڙوڪ آڊيو، ويڊيو، ٽي وي پروگرام ۽ پوڊ ڪاسٽ. مفاصلاتي تعليم، ويڊيو ڪانفرنسنگ ۽ مجازي سکيا جي ماحول ذريعي هاڻي اهي شاگرد به سبق حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪي جسماني طور استاد سان گڏ موجود ناهن.

سبق جي رٿابندي (Lesson plan)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Lesson plan

استاد عام طور تي هڪ lesson plan تيار ڪندا آهن جيڪو سبق جي بناوت جو تعين ڪري ٿو. نون استادن کي اڪثر مشورو ڏنو ويندو آهي ته اهي تفصيلي پلان لکن ته جيئن سبق جا سڀئي مقصد پورا ٿين. سبق جي رٿابندي ۾ عام طور تي هيٺيون شيون ڏٺيون وينديون آهن:

  • مقصد (Aims): سبق جا وسيع مقصد.
  • اوبجڪٽوز (Objectives): اهي مخصوص مهارتون جيڪي شاگرد سبق جي پڄاڻي تي حاصل ڪندا.
  • شاگردن جو تعداد: ڪلاس ۾ موجود شاگردن جي ڳڻپ.
  • اڳوڻي ڄاڻ: شاگردن کي ان موضوع بابت اڳ ۾ ڪيتري خبر آهي.
  • وقت جي ورهاست: سبق جي هر حصي لاءِ گهربل وقت.
  • وسيلا: گهربل ڪتاب، نقشا يا ٻيو مواد.
  • ارزيابي (Evaluation): سبق جي آخر ۾ پرکڻ ته شاگردن ڪيترو سکيو.

لفظي بنياد (Etymology)

[سنواريو]

لفظ "Lesson" لاطيني ٻوليءَ جي لفظ lectio مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي "پڙهڻ جو عمل". شروعات ۾ هي لفظ بائيبل جي انهن حصن لاءِ استعمال ٿيندو هو جيڪي مذهبي گڏجاڻين ۾ پڙهي ٻڌايا ويندا هئا. بعد ۾، ڪنهن به ڪتاب جي مطالعي واري حصي کي سبق چيو ويو.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "lesson". Merriam-Webster Dictionary. June 26, 2025 تي حاصل ڪيل.
  2. Suzuki, Yuta (2022). Reforming Lesson Study in Japan: Theories of Action for Schools as Learning Communities. Taylor & Francis. ISBN 9781000530476. June 25, 2025 تي حاصل ڪيل.
  3. Davis, Lauren (2014). Common Core Literacy Lesson Plans: Ready-to-Use Resources, 9-12. Taylor & Francis. ISBN 9781317922094. June 25, 2025 تي حاصل ڪيل.

ڪتابيات

[سنواريو]