مواد ڏانھن هلو

ساڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وجي راج سنڌيا، گواليار جي مھاراڻي ساڙي جي لباس ۾، 1940ع

ساڙي جنھن کي انگريزي ۾ ساري ۽ بنگالي ۾ شاڙي چوندا آھن ڀارت ۾ عورتن جو هڪ روايتي لباس آهي، جيڪو ويڙهيل ڪپڙي جي صورت ۾ پاتو ويندو آهي[1].ساڙي اڻسبيل، اُڻيل ڪپڙي جي هڪ ڊگهي پٽي تي مشتمل هوندي آهي، جيڪا لباس طور جسم تي ترتيب سان ويڙهي ويندي آهي؛ ان جو هڪ ڇيڙو چيلھ سان ٻڌبو آهي، جڏهن ته ٻيو ڇيڙو هڪ ڪلهي تي چادر يا رئي وانگر رکيو ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن پيٽ جو ڪجهه حصو کليل به رهندو آهي[2][3] [4][5]. ساڙي جي ڊيگهه عام طور تي 4.5 کان 9 گز (يعني تقريباً 4.1 کان 8.2 ميٽر) تائين هوندي آهي، جڏهن ته ويڪر 24 کان 47 انچ (يعني 60 کان 120 سينٽي ميٽر) تائين ٿيندي آهي[6] [7]. ساڙي ڀارت، بنگلاديش، سري لنڪا، نيپال ۽ پاڪستان ۾ قومي يا روايتي لباس جي صورت ۾ پاتي وڃي ٿي۔ ساڙي ٺاهڻ ۽ ويڙهڻ جا مختلف نالا ۽ انداز موجود آهن، جن مان سڀ کان عام نيِوي انداز آهي۔ ساري عام طور تي هڪ تنگ قميص سان پاتي ويندي آهي، جنهن کي چولي چيو وڃي ٿو (ڏکڻ ڀارت ۾ ان کي راويڪي يا ڪُپاسا، اتر ڀارت ۾ چولي ۽ نيپال ۾ چولو چيو ويندو آهي)، ۽ هيٺان هڪ اسڪرٽ جهڙو ڪپڙو پاتو ويندو آهي، جنهن کي گهگهرا، پرڪر يا ال-پاواڊائي چيو وڃي ٿو[8][9] [10]. ساڙي اڄ به برصغير ۾ فيشن جو حصو آهي ۽ علائقي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي باقاعده يا رسمي لباس پڻ سمجهيو وڃي ٿو[11]

تاريخ

[سنواريو]

ساڙي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ عام طرح ڀارتي لباس سمجهي وڃي ٿي، ان کي ڀارتي فقط ان حد تائين چيو وڃي ٿو، جيترو حصو چيلھ کان هيٺ سان واسطو رکي ٿو۔ ٻڌ مت ۽ ابتدائي هندو دؤر جي مجسمن ۽ تصويرن تي هڪ نظر وجهڻ سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ساري کي سينو ڍڪيندي ۽ مٿي تي اوڍڻ وارو انداز اصل ۾ ڀارتي نه هو، بلڪه ڀارتي لباس جي فيشن ۾ پرڏيهي عنصر محسوس ٿئي ٿو۔ يقين سان نٿو چئي سگهجي ته اهو عنصر پارسي عورتن معرفت متعارف ٿيو، يا ان کان گهڻو اڳ ئي يوناني-باختريائي اثر هيٺ آيو، يا شايد سٿين–هونن جي يلغارن جي نتيجي ۾ داخل ٿيو[12].

حوالا

[سنواريو]
  1. Lynton, Linda (1995). The Sari. New York: Harry N. Abrams, Incorporated. ISBN 978-0-8109-4461-9.
  2. "History of Sari and Draping Styles | JD Institute of Fashion Technology", اصل کان 8 May 2021 تي آرڪائيو ٿيل۔
  3. Jermsawatdi, Promsak (1979). Thai Art with Indian Influences. Abhinav Publications. ISBN 9788170170907. https://books.google.com/books?id=0O9je9dECH8C&q=sari&pg=PA121.
  4. Alkazi, Roshan (1983) "Ancient Indian costume", Art Heritage
  5. Ghurye (1951) "Indian costume", Popular book depot (Bombay); (Includes rare photographs of 19th century Namboothiri and nair women in ancient sari with bare upper torso)
  6. Boulanger, Chantal (1997). Saris: An Illustrated Guide to the Indian Art of Draping. New York: Shakti Press International. ISBN 978-0-9661496-1-6.
  7. Boulanger, Chantal (1997). Saris: An Illustrated Guide to the Indian Art of Draping. New York: Shakti Press International. p. 6.
  8. Boulanger, Chantal (1997) (en ۾). Saris: an illustrated guide to the Indian art of draping. Shakti Press International. pp. 55. ISBN 9780966149616. https://books.google.com/books?id=_1pEAAAAYAAJ. "Women of Andhra Pradesh claim that the modern sari is their own traditional drape . . . this claim is probably true."
  9. Linda Lynton(1995), The Sari: Styles, Patterns, History, Technique ISBN 978-0-8109-4461-9, page 187; Quote: It is in the Karnataka (Mysore) and western Maharashtran area that the nivi style is believed to have originated..
  10. Katiyar, Vijai Singh (2009). Indian saris : traditions, perspectives, design. New Delhi: Wisdom Tree in association with National Institute of Design, Ahmedabad. pp. 211. ISBN 9788183281225. https://books.google.com/books?id=8RjgPQAACAAJ. Retrieved 31 October 2015.
  11. "Sari, Always in Vogue", Hinduism Today, اصل کان 31 مئي 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 مارچ 2018۔
  12. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 292&293; Edited by: Dr.Mubarak Ali