ساپورو
ساپورو 札幌市 | |||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
نامزد شهر | |||||||||||||||||||||||||||
| City of Sapporo[1] | |||||||||||||||||||||||||||
ساپورو شهر جي اسڪائي لائين ساپورو گهنٽا گهر ساپورو ٽي وي ٽاور ساپورو بيئر ميوزيم مرڪزي علائقو سوسوڪينو، رات جو منظر ساپورو ۾ "هوڪائيڊو جو تاريخي ڳوٺ" هوڪائيڊو پريفيڪچر جو اڳوڻو گورنمينٽ آفيس | |||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||
![]() Interactive map outlining Sapporo | |||||||||||||||||||||||||||
| Coordinates: 43°03′43″N 141°21′16″E / 43.06194°N 141.35444°E | |||||||||||||||||||||||||||
| ملڪ | |||||||||||||||||||||||||||
| ريجن | هوڪائيڊو ريجن | ||||||||||||||||||||||||||
| پريفيڪچر | اشيڪاري سب پريفيڪچر | ||||||||||||||||||||||||||
| حڪومت | |||||||||||||||||||||||||||
| • ميئر | ڪاتسوهيرو اڪيموتو | ||||||||||||||||||||||||||
| • آبادي | 19,59,750 (2023ع) | ||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي | |||||||||||||||||||||||||||
| • نامزد شهر | 1,121 چورس ڪلوميٽر (433 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||
| آبادي (July 31, 2023) | |||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 1959750 | ||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||||||||||||||||||||||||||
| • ميٽرو | 2,661,000 | ||||||||||||||||||||||||||
| وقتي علائقو | UTC+09:00 (JST) | ||||||||||||||||||||||||||
| City hall address | 2-1-1 Kita-ichijō-nishi, Chūō-ku, Sapporo-shi, Hokkaido 060-8611 | ||||||||||||||||||||||||||
| Climate | Dfa | ||||||||||||||||||||||||||
| ويب سائيٽ | www | ||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||
| Sapporo | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| "Sapporo" in kanji | |||||
| جاپانی نام | |||||
| کانجی | 札幌 | ||||
| Hiragana | さっぽろ | ||||
| |||||
ساپورو (札幌市، ساپورو-شي) هوڪائيڊو، جاپان ۾ هڪ نامزد شهر آهي. اها هوڪائيڊو ٻيٽ تي ڏکڻ-اولهه ۾ واقع آهي. اها ٽويوهيرا ندي (اشيڪاري ندي جي هڪ معاون ندي) جي گاد سان ٺھيل زمين (Alluvial fan) جي اندر واقع آهي. ساپورو هوڪائيڊو پريفيڪچر ۽ اشيڪاري سب پريفيڪچر جو گاديءَ جو هنڌ آهي. 31 جولاءِ 2023ع تائين، شهر جي آبادي 19,59,750 هئي، جيڪا ان کي هوڪائيڊو جو سڀ کان وڏو ۽ ٽوڪيو جي اتر ۾ سڀ کان وڏو شهر بڻائي ٿي. اهو جاپان ۾ پنجون نمبر تي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي ۽ هوڪائيڊو جو ثقافتي، اقتصادي ۽ سياسي مرڪز آهي.
اصل ۾ هڪ ميداني علائقو جتي اينو ماڻهو آباد هئا، ايڊو دور ۾ هن علائقي ۾ متسومي ڊومين جون ڪجهه واپاري پوسٽون هيون. 1869ع ۾ هوڪائيڊو ڊولپمينٽ ڪميشن هيڊ ڪوارٽر جي قيام سان، شهر هڪ انتظامي مرڪز جي طور تي شروع ٿيو. ڪيوٽو ۽ هيجو-ڪيو جي قديم شهرن کان متاثر ٿي، هن لاء هڪ گرڊ پلان اختيار ڪيو ويو ۽ هن کي اوڊوري پارڪ جي چوڌاري وڌايو ويو. ٻئي مهاڀاري جنگ کانپوءِ، ان کي "اوتارو" جي جاء تي کي هوڪائيڊو جي تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز طور تبديل ڪيو ويو ۽ ان جي آبادي سال 1970ع تائين ڏهه لک کان وڌي وئي.
سال 1940ع جا سياري جا اولمپڪس، جنهن جي ميزباني لاء ساپورو کي چونڊيو ويو هو، جنگ جي ڪارن ڇڏي ڏيڻ کانپوءِ، ساپورو 1972ع جي سرمائي اولمپڪس، ايشيا ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين سرمائي اولمپڪس، جي ميزباني ڪئي. "ساپورو ڊوم" ۾ سال 2002ع فيفا ورلڊ ڪپ دوران ٽي ميچ ۽ سال 2019ع رگبي ورلڊ ڪپ دوران ٻه ميچ منعقد ڪيا ويا. ساپورو ۾ ٽي ڀيرا ايشيائي سرمائي رانديون؛ 1986ع، 1990ع ۽ 2017ع ۽ 1991ع جي سرمائي يونيورسٽي رانديون منعقد ٿي چڪيون آهن.
ساليانو ساپورو برفاني ميلو،[2] 20 لک کان وڌيڪ سياحن کي راغب ڪري ٿو. ٻين قابل ذڪر جڳهن ۾ "ساپورو بيئر ميوزيم" ۽ "ساپورو ٽي وي ٽاور"، جيڪو اوڊوري پارڪ ۾ واقع آهي،[3] شامل آهن. هوڪائيڊو يونيورسٽي، ساپورو ۾ آهي. شهر جي خدمت لاء به ايئرپورٽ؛ اوڪاداما ايئرپورٽ ۽ چٽوس جي ويجهو، نيو چٽوس ايئرپورٽ موجود آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "City of Sapporo". City of Sapporo. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان آگسٽ 26, 2006 تي محفوظ ڪيل. سيپٽمبر 2, 2006 تي حاصل ڪيل.
- ↑ さっぽろ雪まつり実行委員会. 前回のさっぽろ雪まつりの様子. اصل نسخو مان جُونِ 11, 2019 تي محفوظ ڪيل. آڪٽوبر 11, 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Japan National Tourist Organization — Sapporo Beer Museum آرڪائيو ڪيا ويا June 15, 2011, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا 札幌市. |
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Use mdy dates from May 2023
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using embedded infobox templates with the title parameter
- Articles containing Japanese-language text
- CS1 uses جاپاني-language script (ja)
- Commons link from Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ساپورو
- جاپان
- هوڪائيڊو
- جاپان جا شهر
- هوڪائيڊو ريجن
- هوڪائيڊو پريفيڪچر
- Cities in Hokkaido
- Populated places established in 1868
- 1868 establishments in Japan
- Cities designated by government ordinance of Japan
- نقشن وارا صفحا
