مواد ڏانھن هلو

ساوِتريِ ٻائي ڦُلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ساوتري ٻائي ڦلي (3 جنوري 1831 - 10 مارچ 1897) هڪ هندستاني تعليمدان، سماجي سڌارڪ ، ۽ شاعره هئي، جنهن کي نئين دور جي ڀارت جي پھرين ماترياڻي مڃيو ويندو آھي. [1] پنهنجي مڙس، جيوتيبا ڦلي سان گڏ، هن مهاراشٽر ۾ عورتن جي حقن ۽ تعليم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ھن جي ڪمن جو اثر اڃان تائين ڀارت جي سماج سڌار جي ڪمن تي آھي. هن کي هندستان جي ناريوادي تحريڪ جي اڳواڻ پڻ سمجهيو ويندو آهي. هن ذات ۽ جنس جي بنياد تي ماڻهن سان ڀيدڀاو ۽ بدسلوڪيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. ساوتري بائي ڦلي ۽ سندس مڙس ڀارت ۾ زالن جي تعليم جا اھم اڳواڻ هئا. [2]


[2] [3] [4] 1848 ۾، انهن پوني ۾ تاتيا صاحب ڀِڙي جي گھر(جيڪو ڀِڙيواڙا) ۾ ڇوڪرين لاءِ پنھنجو پھريون اسڪول کوليو. [5] [6]


[6] اڳتي ھلي ھن 1873 ۾ سَتيَشوڌَڪ سماج (مطلب: سچ ڳولھيندڙن جو سماج) جي سٿاپنا ڪئي ءَ ھن جي ناري وڀاگ جي اڳواڻ ٿي رھي. [7]


[7]

ساوتري ٻائيءَ جو جنم مالي قوم ۾ ٿيو ھو. سندس ننڍي عمر ۾ اي جيوتيرائو ڦُلي سان شادي ڪرائي وئي. شاديءَ تائي ھوءَ اڻپڙھيل ھئي. سندس تعليم سندس مڙس گهر ۾ پڙهائڻ ذريعي شروع ڪئي ۽ بعد ۾ سکارام يَشونت پرانجپي ۽ ڪيشو شيورام ڀولڪر جي سرپرستي پڙھائي ڪيائين. [7]


[7] ھن پُڻي ۽ اھِليانگر مان ماسترن جي سکيا جو ڪورس (ٽيچرس ٽريننگ ڪورس) ڪيو ۽ ڀارت جي پھرين پيشيوار ٽريننگ ورتل ناري ماسترياڻي ۽ پرِنسيپل ٿي. 1848 ۾، جيوتي رائو ۽ ساگونا ٻائي ڪشيرساگر سان گڏ، هن سماج جي سخت مخالفت جي باوجود، پُڻي جي ڀِڙيواڙا ۾ وِگيان، حساب ۽ سماجي تعليم جي آڌونِڪ سيليبس وارو ديش جو ڇوڪرين لاءِ پھريون اسڪول کوليو.

ڇوڪرين ۽ پچڙي قومن جي لاءِ تعليم جو ڪوششون ھن جو ڪيرئير جو وڏو حصو ھيون. 1851 تائين، هن ۽ جيوتي رائو پُڻي ۾ لڳ ڀڳ 150 شاگردن سان ٽي ڇوڪرين جا اسڪول منظم ڪيا. انهن ڪل 18 اسڪول کوليا ۽ عورتن جي حقن کي اڳتي آڻڻ لاءِ 1851 ۾ "مَهِلا سيوا منڊل" ۽ 1853 ۾ بيواهہ عورتن لاءِ ٻارن جي قتل جي روڪٿام جو ڪيندر "بالهتيا پرتي بنڌڪ گرھہ" جهڙين شروعاتن ڪيئون. ساوتري ٻائيءَ جي ادبي ڀاڱيدارين ۾ ڪاويہ ڦلي (1854) ۽ باون ڪاشي سُبوڌ رتناڪر (1892) شامل آهن. هوءَ 1897 ۾ بوبونڪ پليگ جي ڪري مري وئي. اڄ "هندستان ۾ جديد تعليم جي ماءُ" جي حيثيت سان سندس ورثو برقرار آهي جنھن کي يادگارن، ادارن جي نالن ۽ ثقافتي نمائندگي ذريعي ياد ڪيو ويندو آهي.

  1. Joshi, Priti; Shukla, Subir (17 October 2019) (en ۾). Child Development and Education in the Twenty-First Century. Springer Nature. pp. 29. ISBN 978-981-13-9258-0. https://books.google.com/books?id=gY23DwAAQBAJ&pg=PA29.
  2. 1 2 Paik 2014. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "FOOTNOTEPaik2014" defined multiple times with different content
  3. "Savitribai Phule: The pioneer of women's education in India". The Week (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 24 June 2021 تي محفوظ ڪيل. 18 December 2020 تي حاصل ڪيل.
  4. Chakrabarty, Roshni (3 January 2025). "How Savitribai Phule's compassion shaped history through education and motherhood". India Today (انگريزي ۾). 10 May 2025 تي حاصل ڪيل.
  5. Pol, Prabodhan (21 December 2023). "The Long-Lasting Legacy of Bhide Wada, Where the Phules Set Up Their First School". The Wire (انگريزي ۾). 9 May 2025 تي حاصل ڪيل.
  6. 1 2 Sperandio 2018. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "FOOTNOTESperandio2018" defined multiple times with different content
  7. 1 2 3 4 Somanaboina & Ramagoud 2021. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "FOOTNOTESomanaboinaRamagoud2021" defined multiple times with different content