ساهيوال تعلقو، سرگوڌا
ڏيک
ساهيوال (اردو، پنجابي: تحصِيل ساہِيوال)، پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي سرگوڌا جو هڪ تعلقو آهي. اهو مکيه سرگوڌا-ملتان هاءِ وي تي، سرگوڌا کان لگ ڀگ 40 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. اهو انتظامي طور تي 14 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي، جن مان ٻه تعلقي ساهيوال جي گاديءَ جو هنڌ ۾ آهن.[1] شهر جي آبادي 4,07,487 (سال 2023 ع جو اندازو) آهي. آبادي جي اڪثريت مسلمان ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ آهي. جهلم درياهه ڀرسان لنگهي ٿو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Tehsils & Unions in the District of Sargodha", nrb.gov.pk, اصل کان 09 فيبروري 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 مارچ 2012۔