ساهسي راءُ جو دارالفنا مان لاڏاڻو ڪرڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آخر خدائي قضا ڳجهي پردي جي پويان ظاهر ٿي. راءِ بيمار ٿيو ۽ بيماري ڊگهي ٿي پيئي، ۽ موت جي نشانين هن جي حياتيءَ جي چهري کي ڦيرائي ڇڏيو. راءِ جي زال ڳڻتي ۾ پئجي، چچ کي گهرايو ۽ چيائينس ته: اي چچ! راءِ جي عمر پوري ٿي چڪي آهي، ۽ موت جون نشانيون هن جي جسم ۾ ظاهر ٿي ويون آهن. راءِ کي ڪو فرزند ڪونه آهي، جو سندس مرڻ تي ملڪ جو وارث ٿئي، ۽ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته راءِ جا مائٽ ملڪ ۽ ملڪيت تي قابض ٿيڻ سان، ضد سبب، اسان کي ڌڪارڻ ۽ ڏکوئڻ شروع ڪندا، بلڪ جيئن ته راءِ جي حياتيءَ ۾ ئي طعنن جي زبان کولي هئائون [23]، ته پوءِ هينئر اسان کان جان ۽ مال کسي وٺندا. مون کي هڪ رٿ يا خيال دل ۾ اچي ٿي، پڪ اٿم ته درست ثابت ٿيندي، اسان جي مراد بلڪل پوري ٿيندي، ۽ هيءُ ملڪ وري توّکي ملندو. ڇاڪاڻ ته منهنجو عقل گُهر ٿو ڪري ته اسان جي همت سان ڌڻي پاڪ هيءُ ملڪ تنهنجي حوالي ڪندو، هيءَ بادشاهي ۽ عزت تو سان قائم رهندي، ۽ سڀيئي تنهنجي تابعداري ڪندا. چچ چيو ته: تنهنجو حڪم منهنجي اکين تي آهي، ۽ تنهنجو فرمان ضرور عين مصلحت هوندو، پر مخلص خدمتگارن سان صلاح ڪرڻ پڻ فرض آهي، تنهنڪري اسان کي به هن حال کان واقف فرمائج، نهن تي راڻي سونهن ديوي چيو ته: پنجاهه ڪڙولن ۽ ڳٽن تيار ڪرڻ جو حڪم ڏي، ۽ رات جو مخفي طور آڻي اندر تهخاني ۾ تيار رک. پوءِ چچ حڪم ڪيو، جنهن تي ڳريون ٻيڙيون ۽ زنجير تيار ڪري، راتو رات محلات ۾ آڻي تهخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ تيار ڪري رکيائون. جڏهن راءِ جو پويون وقت ٿيو ۽ سڪرات جي حالت پهتي، ۽ ويڄن اٿي ٻاهر وڃڻ جي ڪئي، تڏهن راڻي سونهن ديوي چيو ته: گهڙي کن گهر ۾ اندر ترسو، ۽ پنهنجي هڪ ايجنٽ کي حڪم ڏنائين ته: سڀني کي گهر ۾ پوري دروازو بند ڪري ڇڏ، جئن راراءِ ساهسي جي موت جي خبر شهر ۾ نه پوي، ۽ جيڪي تنهنجا ۽ منهنجا تابع آهن، تن سڀني کي محلات ۾ آڻ. بس پوءِ ته پنهنجن سڀني تابعدارن کي محلات ۾ آندائون، پوءِ چيائين ته: فلاڻو فلاڻو، جيڪي راءِ جا عزيز آهن ۽ ملڪ جا دعويدار آهن، تن سڀنيءَ کي هڪ هڪ ڪري سڏ. اهڙيءَ طرح هڪ هڪ کي، انهي بهاني سان ته راجا اڄ البت خوش آهي، ۽ هن سان ڪا صلاح ڪرڻي اٿس، آندائون ٿي. ۽ جڏهن حاضر ٿيا ٿي [24]، تڏهن کين اندر ٿي موڪليائون، جتي خاص ڀروسي جوڳن ماڻهن کين قيد ٿي ڪيو، نيٺ سڀني مخالفن کي بند ڪري، ٻيڙين ۽ ڳٽن ۾ قيد ڪيائون. پوءِ راءِ جي مائٽن مان ٻئي ٽولي کي، جيڪي غريب هئا، سڏي ٿي چيائين ته: اڄ راءِ تنهنجي فلاڻي عزيز تي، جنهن جي ڏمر کان توکي رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي،ڪاوڙ جي کيس قيد ڪيو آهي. تون جيڪڏهن فقر فاقي کان نجات چاهين ٿو، ۽ شان شوڪت ۽ مال حاصل ڪرڻ، گهرين ٿو ته قيد خاني ۾ گهڙي، پنهنجي دشمن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري، هن جو گهر، سامان سڙو، نوڪر ۽ زمين وڃي پنهنجي قبضي ۽ تصرف ۾ آڻ. اهڙيءَ طرح هر هڪ ويو ٿي ۽ پنهنجي مخالف کي ڪـُـهي، هن جي گهر، وهٽن، ڪپڙن، سامان، دولت ۽ عيال تي وڃي قابض ٿيو ٿي. انهيءَ نموني هڪ ئي رات ۾ مخالفن کي خونخوار ترار جي خوراڪ ڪيائون، ۽ کين دشمن کان دلجاءِ ٿي، ڇو ته انهيءَ ملڪ ۾ ڪو به مخالف ڪونه رهيو، جو ميراث جي دعويٰ ڪري. [1] [2]