مواد ڏانھن هلو

سانگرھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانگرھ سنه 751ھ (سنه 1350ع) ۾ فيروز شاه دهليءَ جي بادشاه جي وقت ۾ سومرن ۽ سمن ۽ جاڙيجن فساد ڪيو ۽ طاغي سندن مهندار هو. فيروز شاه ٻن هزارن ماڻهن سان آيو ۽ انهن کي شڪست ڏنائين ۽ پوءِ ٺٽي کان دهليءَ ڏي روانو ٿيو. رستي ۾ سانگره جي ڍنڍ وٽ هڪڙو ڪوٽ ٺهرائي انهيءَ ۾ نصير کي رکيائين ۽ آسپاس جي ملُڪ تي مُلڪ بهرام کي حاڪم ڪري رکيائين، پوءِ سيوهڻ ۽ بکر مان لنگهي هليو ويو. ڄام چينو، آدم شاه کان اڳي ڪلهوڙن جو ڏاڏو، جو ڀرالوءَ جو پرڳڻي ۾ چينه ٻيلي شهر ۾ رهندو هو، سو کنڀاٿ ڏي ويندي سانگره جي ڪپ تي مري ويو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو