مواد ڏانھن هلو

سانچو:مُک صفحو/بهترين مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندستاني مذهب، ڪڏهن ڪڏهن ڌرمي مذهبن يا هندستاني مذهبن کي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي اهي مذهب آهن جيڪي هندستاني برصغير ۾ پيدا ٿيا آهن. جن ۾ ٻڌمت ، هندوڌرم ، جين ڌرم ، ۽ سک ازم شامل آهن. جيتوڻيڪ هندستاني مذهب هندستان جي تاريخ سان ڳنڍيل آهن، هي مذهب، مذهبي برادرين جو هڪ وسيع سلسلو آهن، هي رڳو هندوستان تائين محدود ناهن. هندوستاني برصغير ۾ قديم مذهب جا ثبوت ميزوليٿڪ دور جنهن کي پٿرن وارو دور به سڏجي ٿو، جي جابلو غارن اندر ٺهيل چٽسالين مان مليا آهن. سنڌو ماٿري جي هڙاپائي ماڻهن جي تهذيب، جيڪا 3300 کان 1300 ق.م. (بالغ دور 2600-1900 ق.م.) تائين رهي هئي. اها هاڙاپائي تهذيب ۽ ان سان گڏ سنڌو تهذيب هڪ ابتدائي شهري ثقافت ۽ نظام هئي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ويدڪ مذهبن کان به اڳ واريون تهذيبون هيون هندوستاني مذهبن جي تاريخ، جڏهن لکت جي شڪل ۾ سامهون آهي، اتان شروع ٿي ٿئي ڇو ته ان کان اڳ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي ته اهي ڪيئن شروع ٿيون ۽ اڀريون، تڏهن ئي هندوستاني مذهبن جي تاريخ ويدڪ مذهبن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهي ويد سنڌو نديءَ جي ڪنارن ۽ ڪَپن تي ويهي آرين لکيا هئا. انهن شاعراڻي انداز ۾ لکتن کي ويد ۽ اگامس چيو ويندو آهي، سمجهيو ويندو آهي ته اگامس دراوڙي نسل جي ماڻهن لکيا هيا، جڏهن ته ويدن کان پتو پئي ٿو ته اهي شروعاتي هند-آريائي ماڻهن جا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي طريقا هئا. اڄڪلهه ته ان تي به بحث هلي ٿو پيو ته ڪجهه ڊي اين اي رپورٽن آرين جو هندوستان ۾ اچڻ کي چيلينج ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ممڪنه اهي لکتون هتان جي مقامي ماڻهن لکيون هونديون. انهن مذهبي خيالن ۽ انهن جي لکڻين جي ترتيب، ترميم، تبصرن ۽ بحث مباحثن جي دور کي ويدڪ دور چيو ويندو آهي ۽ اهي ويد تقريباً 1750 کان 500 ق. ۾ لکيا ويا هئا. ويدن جي فلسفانه ڪتابن کي اُپشندن چيو ويندو آهي. اُپشند نثر ۾ لکيل فلسفي وارا ڪتاب آهن، جيڪي ويدن جي شعرن جي شرح آهن. هنن جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سئو ٻڌايو وڃي ٿو، جن کي عام طور تي ويدانت - Vendanta پڻ چيو ويندو آهي. ويدانتا Vedānta کي ٻن مختلف طرح سان تشريح ڪئي وئي آهي پهرين تشريع ۾ چوندا آهن ته ويدانيت ان هندي مذهب جا آخري باب ۽ حصا آهن، ٻيو چيو ويندو آهي ته ويدانتا جو مطلب ئي اهو‌ آهي ته موجوده ويدن جو مقصد ئي سڀ کان بلند مقصد آهي يا کڻي ائين سمجهجي ته ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾ ٻڌايل مت ۽ ويچار آهن، اهي ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن. شروعاتي اپنشد عام دور Common Era کان اڳ جا آهن، يارنهن مکيه اپنشدن مان پنج اپشند ممڪن طور تي 6 صدي قبل مسيح کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ خاص ڪري يوگا ۽ موڪش جنهن جو ابتدائي ويدن اندر ذڪر ٿيل آهي.