سانچو:مقالو مُک صفحو/10 جولاءِ 2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌي ادب
سنڌي ادبي دور جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي، ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي, خداآبادي يا خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو. سومرن جي دور کي سنڌي ادب جو شروعاتي چيو ويندو آهي. ڪيترائي محقق موهن جي دڙي واري دور کي سنڌي ادب جي شروعات ڪوٺين ٿا، سندس خيال مطابق، سنڌي ادب متعلق ان دور جي ڪا تاريخ موجود ناهي. رائي گهراڻي جي زماني سنڌ جي وڏن شهرن توڙي ننڍن شهرن ۾ علم جا باقائده مدرسا سنڌي ٻولي ۾ موجود هئا. ان وقت جي سنڌي ٻولي جا حرف عبراني زبان سان ملندا هئا. عرب دور ۾ سنڌي شاعرن جا حوالا ملن ٿا ۽ ان دور ۾ قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جا مثال پڻ ملن ٿا، پر سنڌ جي ليکڪن جي گھڻائي انهن کي سنڌي ادب جو دور نٿا ڪوٺين. سنڌي ادب جو بنياد ۽ اوسر وارو باقاعده دور سومرن جي دور کي سمجهيو وڃي ٿو. توڙي جو سومرن جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي ۽ سرڪاري زبان عربي هئي پر سومرا حڪمرانن جي مادري زبان سنڌي هجڻ سبب ان دور کي سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع وارو دور تصور ڪيو ويندو آهي. ڳاھ جي صورت ۾ سنڌي ۾ بيت سومرا دور کان ملڻ شروع ٿين ٿا، ڳاهه سنڌي شاعري جي هڪ قديم صنف آهي، جنهن کي سنڌي بيتن جي اوائلي صورت قرار ڏنو وڃي ٿو. سومرا دؤر سنڌي رومانوي داستانن جي حوالي سان انتهائي اهم دؤر آهي. سنڌ ۾ ناٽڪ جي تاريخ اوڻويهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سهيڙجڻ شروع ٿي. 1854ع ۾ رايل ٿيئٽر ڪراچي سنڌي ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم هو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سنڌي زبان جا افساني نگار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو.