ساموا جي تاريخ

ساموآ ٻيٽ (Samoa Island) لڳ ڀڳ 3,500 سال اڳ آسٽرو نيشيائي توسيع جي حصي طور آباد ٿيا. ساموا جي شروعاتي تاريخ ۽ ان کان پوءِ جي جديد تاريخ ٻئي ويجهن ٻيٽن ٽونگا ۽ فجي جي تاريخ سان گهري طرح جڙيل آهن؛ انهن سان ساموا جا ڊگهي عرصي کان نسلي لاڳاپا ۽ گڏيل ثقافتي روايتون رهيون آهن.
يورپي ڳولا ڪندڙ پهريون ڀيرو ارڙهين صدي جي شروعات ۾ ساموان ٻيٽن تائين پهتا. 1768ع ۾ لوئي-انطوان ڊي بوگين وِل انهن کي “نييويگيٽر آئلينڊز” جو نالو ڏنو. آمريڪي ڳولا مهم (1838–1842)، جيڪا چارلس وِلڪس جي اڳواڻي هيٺ هئي، 1839ع ۾ ساموا پهتي. 1855ع ۾ جي. سي. گوڊيفروئي اينڊ زون (J.C. Godeffroy & Sohn) ساموان ٻيٽن ۾ پنهنجي واپاري ڪاروبار کي وسيع ڪيو.
پهريون ساموآئي گهرو ويڙهه (1886–1894) سبب نام نهاد ساموان بحران پيدا ٿيو، جيڪو علائقي تي قبضي لاءِ مغربي طاقتن وچ ۾ جدوجهد هو. ان جي نتيجي ۾ ٻيون ساموان گهرو ويڙهه (1898–1899) ٿيو، جنهن جو حل ٽرائي پارٽائيٽ ڪنوينشن ذريعي نڪتو؛ هن معاهدي تحت آمريڪا، برطانوي سلطنت (گريٽ برٽن) ۽ جرمن سلطنت ٻيٽن کي ورهائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ساموا کي جرمن ساموا ۽ آمريڪن ساموا ۾ ورهايو ويو.
پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ، نيوزيلينڊ اُن علائقي جو انتظام سنڀاليو جيڪو اڳ ۾ جرمن ساموا هو، ۽ ان علائقي جو نالو ويسٽرن ساموا ٽرسٽ ٽيريٽري رکيو ويو. هي علائقو 1962ع ۾ آزاد ٿيو ۽ ويسٽرن ساموا سڏجڻ لڳو. 1997ع ۾ “ويسٽرن” لفظ ختم ڪيو ويو ۽ ملڪ جو نالو ساموا رکيو ويو. جڏهن ته آمريڪن ساموا اڄ به آمريڪا جون گڏيل رياستن جي غير شامل علائقي (Unincorporated Territory) طور برقرار آهي.
شروعاتي تاريخ
[سنواريو]
اندازو آهي ته ساموائي ٻيٽن ۾ انسانن جي سڀ کان پهرين آبادڪاري تقريباً 2900 کان 3500 سال اڳ (يعني 1500–900 ق.م.) ٿي.[1]. هي اندازو قديم لاپيٽا ثقافت سان لاڳاپيل مٽيءَ جي ٿانون (برتنن) جي ٽڪرن جي تاريخي تاريخن (ڊيٽنگ) تي ٻڌل آهي، جيڪي سڄي ٻيٽن ۾ مليا آهن. هن وقت تائين سڀ کان پراڻا اهڙا ٽڪرا موليفانوئا ۽ ساسواʻا، فاليفا مان هٿ آيا آهن. پولينيشيا جي ٻيٽن ۾ ملندڙ سڀ کان پراڻا آثار، جن ۾ ٽونگا به شامل آهي، به لڳ ڀڳ انهيءَ ئي دور جا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي علائقي ۾ پهرين آبادڪاري تقريباً هڪ ئي وقت ٿي. 750 ق.م. کان 1000ع تائين ٻيٽن ۾ انساني سرگرمين بابت گهڻو ڪجهه معلوم نه آهي، پر ممڪن آهي ته هي دور وڏي پيماني تي هجرتن جو هو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄوڪي پولينيشيا آباد ٿي. حيرت انگيز طور، هن عرصي دوران مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ اوچتو بند ٿي ويا نظر اچن ٿا. ساموان ماڻهن وٽ اهڙي ڪا زباني روايت موجود ناهي جيڪا هن ڳالهه جي وضاحت ڪري. ڪجهه آثارِقديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته پولينيشيا ۾ ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ مناسب مواد موجود نه هو، ۽ هجرتي دور ۾ استعمال ٿيندڙ گهڻو ڪري ٿانوَ مقامي طور تي ٺاهڻ بدران ٻاهر کان آندا ويندا هئا. ساموا جي شروعاتي تاريخ فجي جي ڪجهه سرداري رياستن ۽ ٽونگا جي بادشاهت جي تاريخ سان گهري طرح جڙيل آهي. ساموا جي زباني تاريخ ۾ ساموا ۽ پاڙيسري ٻيٽن وچ ۾ وڙهيل ڪيترين ئي جنگين جون يادون محفوظ آهن. ٽونگن ۽ فجي جي شاهي خاندانن ۽ ساموائي اشرافيه وچ ۾ شاديون انهن ٻيٽ ملڪن جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون، جيڪي اڄ تائين برقرار آهن. اهڙا شاهي نسلي لاڳاپا خاص تقريبن ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۾ باقاعدي طور تسليم ڪيا وڃن ٿا. ساموان لوڪ ڪهاڻين موجب، فجي مان آيل ٻه ڇوڪريون ساموا ۾ تاتو (انگريزيءَ ۾ ٽئٽو) جي فن لاءِ ضروري اوزار کڻي آيون، ۽ اهو ئي روايتي ساموان مووي (مردن لاءِ پيʻا ۽ عورتن لاءِ مالو) جي شروعات جو سبب بڻيو. ساموا جون غالب ثقافتي روايتون، جيڪي فاʻساموا جي نالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون[1]، جنگجو راڻي نافانوئا سان منسوب آهن. سندس حڪمراني دوران فاʻاماتائي جو نظام قائم ٿيو، جنهن ۾ خاندانن، ڳوٺن ۽ علائقن جي سطح تي غيرمرڪزي سرداري ڍانچو شامل هو. سندس ڀائٽي سلاماسينا هن نظام کي اڳتي وڌايو، ۽ هنن جي دور کي ساموان ثقافتي روايتن جو سنہري دور سمجھيو وڃي ٿو. لساني لحاظ کان، ساموان ٻولي پولينيشيائي ٻولين جي ذيلي شاخ سان تعلق رکي ٿي، جيڪا آسٽرو نيشيائي ٻولين جي خاندان جو حصو آهي؛ لسانيات دانن موجب هن ٻولي خاندان جي شروعات تائيوان مان ٿي. زباني روايت موجب، ساموا ۽ پولينيشيا جو هڪ گڏيل وڏو ابن ڏاڏو هو: ٽاگالوئا.[2]. ساموا جي سڀ کان ابتدائي تاريخ جو تعلق ساموان ٻيٽن جي اوڀرئين حصي مانوئا ۾ هڪ سياسي مرڪز سان آهي، جيڪو تُوئي مانوئا جي حڪمراني هيٺ هو. اوڀر طرف ڪُڪ ٻيٽن ۾ به اها روايت ملي ٿي ته ڪاريڪا، يا تُوئي مانوئا ʻعلي، مانوئا مان ڪُڪ ٻيٽن ڏانهن آيو هو؛ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پولينيشيا جا باقي علائقا مانوئا ۽ ساموا مان آباد ٿيا.
يورپي رابطي کان پوءِ
[سنواريو]18هين صدي
[سنواريو]يورپين سان رابطو ارڙهين صدي جي شروعات ۾ شروع ٿيو، پر اهو ان وقت تيز ٿيو جڏهن برطانوي مبلغ ساموا پهتا. 1722ع ۾ ڊچ سياح جيڪب روگيوين پهريون يورپي هو جنهن ساموان ٻيٽن کي ڏٺو. ان کان پوءِ فرانسيسي ڳولا ڪندڙ لوئي-انطوان ڊي بوگين وِل (1729–1811) آيو، جنهن 1768ع ۾ انهن کي “نييويگيٽر آئلينڊز” جو نالو ڏنو. 1787ع ۾ جين-فرانسوا ڊي گالو، ڪائونٽ ڊي لاپيروُز ساموا آيو، جتي ٽوٽُوئيلا ٻيٽ تي (اڄوڪي آمريڪن ساموا ۾) هڪ جهڳڙو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مارجي ويا؛ جن ۾ ٻارهن فرانسيسي پڻ شامل هئا.
19هين صدي
[سنواريو]
يورپي، تاهيتين ۽ ڪُڪ ٻيٽن جا مبلغ ۽ واپاري، ريورنڊ جان وليمز جي اڳواڻي ۾، لڳ ڀڳ 1830ع ڌاري اچڻ شروع ٿيا. تاهيتين رستي اچڻ سبب، ساموا ۾ انهن کي لوٽو تاهيتِي چيو ويندو هو. وليمز کي علي‘i ماليٽوئا وائينوʻپو جي مدد حاصل ٿي، جنهن سان گڏجي هن لنڊن مشنري سوسائٽي (LMS) جو مشن قائم ڪيو. LMS جي مبلغن تاهيتين نون عيسائين کي به آندو ته جيئن نئين مذهب جي قبوليت کي هٿي ملي. هي عيسائي ڪوشش ساموا جي ڪانگريگيشنل ڪرسچن چرچ جي بنيادن جو سبب بڻي.
آمريڪي ڳولا مهم (1838–1842)، جيڪا چارلس وِلڪس جي اڳواڻي هيٺ هئي، 1839ع ۾ ساموا پهتي ۽ هڪ انگريز جان سي. وليمز (مبلغ جو پٽ) کي قائم مقام آمريڪي قونصل مقرر ڪيو. پر هي مقرري آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪڏهن به باضابطه طور منظور نه ٿي؛ جان سي. وليمز کي رڳو “آمريڪا جو تجارتي ايجنٽ” طور سڃاتو ويو. ان وقت اپيا ۾ اڳ ئي هڪ برطانوي قونصل رهائش پذير هو.
1855ع ۾ جي. سي. گوڊيفروئي اينڊ زون (J.C. Godeffroy & Sohn) ساموائي ٻيٽن، جن کي تڏهن نييويگيٽر آئلينڊز چيو ويندو هو، ۾ پنهنجي واپاري ڪاروبار کي وڌايو. اوڻيهين صدي جي ٻئي اڌ ۾ جرمن سلطنت جو اثر ساموا ۾ وڌندو ويو، جتي وڏيون پوکيون قائم ڪيون ويون، خاص طور تي ناريل، ڪاڪو ۽ هيوا ربڙ جي پوک لاءِ؛ خاص ڪري اوپولو ٻيٽ تي، جتي جرمن ڪمپنين ڪوپرا ۽ ڪاڪو بين جي پروسيسنگ تي اجارو قائم ڪيو. برطانوي واپاري ادارا، بندرگاهن جا حق ۽ قونصليٽ آفيسون اهي بنياد هئا جن تي برطانيا کي ساموا ۾ مداخلت جو جواز مليو. آمريڪي بحريه 1877ع ۾ پاگو پاگو (ٽوٽُوئيلا) جي بندرگاهه تي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ مقامي سردارن سان اتحاد جوڙيا، خاص طور تي ٽوٽُوئيلا ۽ آئونُوʻو ٻيٽن تي. 17 اپريل 1900ع تي فگاتوگو ڳوٺ جي سوگيلائو ٽڪري تي آمريڪي جهنڊو ڦڙڪايو ويو؛ اهڙيءَ طرح اوڀر ساموا آمريڪن ساموا جي نالي سان آمريڪا جو علائقو بڻيو. مانوʻا جي بادشاهت 1904ع ۾ آمريڪن ساموا جو حصو بڻي.
1880ع واري ڏهاڪي ۾ برطانيا، جرمني ۽ آمريڪا ٽنهي ساموا جي بادشاهت جي مختلف حصن تي دعوائون ڪيون ۽ واپاري چوڪيون قائم ڪيون. انهن طاقتن وچ ۾ رقابت مقامي ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي، جيڪي سڀ مڪمل سياسي اختيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هيون. آخرڪار، 1890ع واري ڏهاڪي ۾ ٻيٽ ٽنهي طاقتن ۾ ورهايا ويا، ۽ 1899ع ۾ خاص طور تي آمريڪا ۽ جرمني وچ ۾ تقسيم ٿي[3].
پهرين ساموان گهرو ويڙهه ۽ ساموان بحران
[سنواريو]

پهريئن ساموان گهرو ويڙهه لڳ ڀڳ 1886ع کان 1894ع تائين هلي، جيڪا بنيادي طور مقابلي ڪندڙ ساموان ڌرين وچ ۾ هئي؛ پر وڏين طاقتن ڪيترائي ڀيرا فوجي مداخلت به ڪئي. ان کان پوءِ لڳ ڀڳ اٺ سالن تي پکڙيل گهرو ويڙهه جو دور رهيو، جنهن ۾ ٽنهي طاقتن ساموان وڙهندڙ ڌرين کي هٿيار، تربيت ۽ ڪڏهن ڪڏهن جنگي فوجون پڻ فراهم ڪيون[4]. ساموان بحران مارچ 1889ع ۾ انتها تي پهتو، جڏهن ٽنهي مغربي مقابلي ڪندڙن پنهنجا جنگي جهاز اپيا بندرگاهه ۾ آندا، ۽ وڏي پيماني تي جنگ ويجهو نظر اچي رهي هئي؛ پر 15 مارچ 1889ع تي آيل هڪ شديد طوفان جنگي جهازن کي نقصان پهچايو يا تباھ ڪري ڇڏيو، جنهن سان فوجي ٽڪراءُ ختم ٿي ويو. رابرٽ لوئس اسٽيڦنسن 1889ع ۾ ساموا آيو ۽ وائيلِيما ۾ گهر تعمير ڪيو. هو جلدي ئي سياسي سازشن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو. سندس اثر ساموان ماڻهن تائين پکڙجي ويو، جيڪي صلاح لاءِ هن ڏانهن رجوع ڪرڻ لڳا، ۽ هو مقامي سياست ۾ سرگرم ٿيو. هن سياست ۾ ٽن عظيم طاقتن، آمريڪا، جرمني ۽ برطانيا، ساموا تي ڪنٽرول لاءِ مقابلو ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مقامي ڌريون به مڪمل سياسي اختيار لاءِ جاکوڙي رهيون هيون. اسٽيڦنسن کي يقين هو ته ساموا تي حڪومت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل يورپي عملدار نااهل هئا. ڪيترين ناڪام ڪوششن کان پوءِ، هن “ايٽ يئرز آف ٽربل ان ساموا” بابت ڪتاب: "آ فٽ نوٽ ٽو ھسٽري" (A Footnote to History) شايع ڪيو، جيڪو 1882ع کان 1892ع تائين جو دور بيان ڪري ٿو. هي موجوده حالتن خلاف ايترو تيز احتجاج هو جو ٻن عملدارن کي واپس گهرايو ويو، ۽ ڪجهه وقت لاءِ اسٽيڦنسن کي خدشو رهيو ته کيس پاڻ به ملڪ بدر ڪيو ويندو.
ٻي ساموائي گهرو ويڙهه ۽ اپيا جو گهيرو
[سنواريو]
ٻي ساموائي گهرو ويڙهه 1898ع ۾ پنهنجي انتها تي پهتي، جڏهن جرمني، برطانيا ۽ آمريڪا ساموان ٻيٽن تي ڪنٽرول بابت اختلاف ۾ اچي ويا.
اپيا جي لڙائي مارچ 1899ع ۾ ٿي. شاهي امير تانو سان وفادار ساموائي فوجون طاقتور سردار ماتاʻافا ايوسيڦو سان وفادار ساموان باغين جي وڏي فوج طرفان گهيري ۾ آيون. امير تانو جي مدد لاءِ چار برطانوي ۽ آمريڪي جنگي جهازن مان لٿل فوجي دستا موجود هئا. ڪيترن ڏينهن جي ويڙهه کان پوءِ ساموان باغين کي شڪست ملي.
15 مارچ 1899ع تي آمريڪي ۽ برطانوي جنگي جهازن اپيا تي گولا باري ڪئي؛ جنهن ۾ يو.ايس.ايس.فلاڊليفيا
(USS Philadelphia) پڻ شامل هئي. اپيا ۾ شروعاتي شڪست کان پوءِ، 1 اپريل 1899ع تي وائيليلي ۾ ماتاʻافا جي باغين آمريڪي، برطانوي ۽ تانو جي گڏيل فوج کي شڪست ڏني، ۽ اتحادي پوئتي هٽي ويا. هڪ جنگي ناما نگار موجب، ان کان پوءِ ماتاʻافا جي جنگين آمريڪي ۽ برطانوي لاشن جا مٿا ڪٽي ڇڏيا.
جرمني، برطانيا ۽ آمريڪا جلدي جنگ بند ڪرڻ لاءِ 1899ع جي ٽرائي پارٽائيٽ ڪنوينشن ذريعي ٻيٽن جي ورهاست تي متفق ٿيا. جنگ ۾ کيس شڪست نه ڏئي سگهڻ سبب، هن معاهدي جي نتيجي ۾ ماتاʻافا کي علي‘i سيʻئي، ساموا جو اعليٰ سردار، مقرر ڪيو ويو.
ٻيٽن جي ورهاست
[سنواريو]1899ع جي ساموا ٽرائي پارٽائيٽ ڪنوينشن تحت، جيڪو ٽن ميمبرن تي ٻڌل گڏيل ڪميشن هئي: آمريڪا لاءِ بارٽليٽ ٽرپ، برطانيا لاءِ سي. اين. اي. ايلِيئٽ، سي. بي. ۽ جرمني لاءِ فرايھر اسپيڪ فون اسٽرنبرگ، ٻيٽن کي ورهائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٽرائي پارٽائيٽ ڪنوينشن موجب 171 درجا اولهه ڊگھائي کان اولهه واقع ٻيٽن جو ڪنٽرول جرمني کي ڏنو ويو (جن کي پوءِ ويسٽرن ساموا چيو ويو)، جن ۾ اوپولو ۽ ساوائيئي (اڄوڪو ساموا) ۽ ڀرپاسي جا ٻيا ٻيٽ شامل هئا. اهي ٻيٽ جرمن ساموا جي نالي سان سڃاتا ويا.


آمريڪا کي اوڀر وارا ٻيٽ, ٽوٽُوئيلا ۽ مانوʻا, ڏنا ويا (اڄوڪو آمريڪن ساموا). بدلي ۾، ساموا بابت پنهنجي دعوائن تان هٿ کڻڻ عيوض، برطانيا جي رضامندي سان جرمني پنهنجا اتر سليمان ٻيٽن ۽ اولهه آفريڪا ۾ موجود ڪجهه ٻيا محافظتي علائقا منتقل ڪيا. ائين ظاهر نٿو ٿئي ته ورهاست بابت ڪنهن به ساموان سان صلاح مشورا ڪيا ويا هجن، ۽ گڏوگڏ بادشاهت به ختم ڪئي وئي.
1908ع کان، ماو تحريڪ (“راءِ واري تحريڪ”) جي قيام سان، ويسٽرن ساموا وارن آزاديءَ لاءِ پنهنجو حق زور سان پيش ڪرڻ شروع ڪيو. ماو تحريڪ جي شروعات 1908ع ۾ ساوائيئي تي ‘ماو ا پولي’ مزاحمت سان ٿي، جنهن جي اڳواڻي خطيب سردار لاوڪي نامولاؤʻولو ماموئي ڪئي. 1909ع ۾ لاوڪي ۽ ماو ا پولي جا سردار، انهن جون زالون ۽ ٻار سائپان ڏانهن جلاوطن ڪيا ويا، جتي ڪيترائي ماڻهو جلاوطني دوران فوت ٿي ويا.[2].
آگسٽ 1914ع ۾ پهرئين عالمي جنگ شروع ٿي، ۽ ٿوري ئي عرصي بعد نيوزيلينڊ جرمن ساموا تي قبضي لاءِ هڪ فوجي دستو موڪليو. جيتوڻيڪ جرمني سرڪاري طور ٻيٽن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ٿي ۽ قبضي جو عمل بغير ويڙهه جي مڪمل ٿيو. نيوزيلينڊ سڄي جنگ دوران ويسٽرن ساموا تي پنهنجو قبضو برقرار رکيو. 1919ع ۾ ورسيائي معاهدي تحت، جرمني ٻيٽن تي پنهنجون سڀ دعوائون ڇڏيون.
نيوزيلينڊ جي حڪمراني
[سنواريو]نومبر 1918ع ۾ اسپيني فلو ساموا جي علائقي کي سخت متاثر ڪيو. مقامي آباديءَ جي 38,302 ماڻهن مان لڳ ڀڳ 90٪ (يعني 34,471) ماڻهو بيمار ٿيا، ۽ 20٪ (يعني 6,894 ماڻهو) فوت ٿي ويا. ان جي ابتڙ، آمريڪن ساموا جي آبادي وڏي حد تائين هن تباهيءَ کان محفوظ رهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت جي گورنر جان مارٽن پوئر جي سخت ۽ اثرائتين قدمن سبب بيماريءَ کي روڪيو ويو. هن صورتحال سبب جنوري 1919ع ۾ ڪجهه ساموائي شهرين درخواستون داخل ڪيون ته علائقي کي آمريڪا جي انتظام هيٺ منتقل ڪيو وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ نيوزيلينڊ جي انتظام کان الڳ ڪيو وڃي. پر ڪجهه ئي ڏينهن اندر اها درخواست واپس ورتي وئي[5]. نيوزيلينڊ، ويسٽرن ساموا، جنهن کي ساموان ٻوليءَ ۾ ساموا ئي سسيفو چيو وڃي ٿو، کي پهرين قومن جي ليگ (League of Nations) جي مينڊيٽ طور ۽ پوءِ گڏيل قومن جي ٽرسٽ ٽيريٽري طور هلائيندو رهيو. ماو تحريڪ کي هن دور ۾ وڌيڪ زور مليو، جڏهن ساموا جي شاهي اڳواڻن تحريڪ جي حمايت کليءَ طرح ڪرڻ شروع ڪئي، پر ساڳي وقت تشدد جي مخالفت به ڪئي. 28 ڊسمبر 1929ع تي اپيا ۾ هڪ پرامن مظاهري دوران توپوا تاماسيسي ليالوفي ٽئين سميت يارهن ٻين ماڻهن کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو. توپوا تاماسيسي ايندڙ ڏينهن فوت ٿي ويو؛ سندس آخري لفظن ۾ اها اپيل شامل هئي ته وڌيڪ رت نه وهايو وڃي. ماو تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ساموا جي انتظاميه تي تنقيد ڪندڙ ٻين شخصيتن کي نيوزيلينڊ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، جن ۾ اولاف فريڊرڪ نيلسن پڻ شامل هو[6][7].
آزادي
[سنواريو]1 جنوري 1962ع تي ساموا نيوزيلينڊ کان آزادي حاصل ڪئي ۽ ويسٽرن ساموا جو نالو اختيار ڪيو، اهڙيءَ طرح ويهين صديءَ ۾ خودمختيار رياست طور تسليم ٿيندڙ پهرين پولينيشيائي قوم بڻجي وئي[8]. آزاديءَ کان پوءِ ساموا جو پهريون وزيراعظم اعليٰ سردار فيامي ماتاآفا فاؤمُوينا مولينوʻو ٻيون هو[9][10]. ساڳئي سال نيوزيلينڊ سان دوستيءَ جو معاهدو به ڪيو ويو، جنهن تحت نيوزيلينڊ، ضرورت پوڻ تي، ويسٽرن ساموا کي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ مدد ڏيڻ تي رضامند ٿيو.[11] . 28 آگسٽ 1970ع تي ساموا ڪامن ويلٿ آف نيشنز جو ميمبر بڻيو. 1977ع ۾ راڻي ايلزبيٿ ٻئي ڪامن ويلٿ جي دوري دوران ساموا جو دورو ڪيو. بعد ۾، ساموا ۽ آمريڪن ساموا جي وچ ۾ ٿوري عرصي لاءِ تڪرار پيدا ٿيو، جڏهن ساموا پنهنجي نالي مان “ويسٽرن” لفظ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. هي تبديلي 4 جولاءِ 1997ع تي ويسٽرن ساموا جي قانونساز اسيمبلي جي قانون ذريعي عمل ۾ آئي..[12] هن قدم سبب پاڙيسري آمريڪن ساموا ۾ “حيرت ۽ هُلچل” پيدا ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه آمريڪن ساموانن جو خيال هو ته نالي جي تبديلي سان ساموا پاڻ کي “حقيقي” ساموا ظاهر ڪري رهيو آهي، ۽ آمريڪن ساموا کي رڳو آمريڪا جو هڪ حصو سمجهيو پيو وڃي۔.[13]. سيپٽمبر 1997ع ۾ آمريڪن ساموا جي قانونساز اسيمبليءَ جا ٻه ميمبر اپيا ويا، جتي هنن ساموا جي سربراهه مملڪت ماليٽوئا تانومفلي ٻئي سان ملاقات ڪري نالي جي تبديلي واپس وٺڻ لاءِ لابنگ ڪئي، ته جيئن امن ۽ سٺا لاڳاپا برقرار رهن.[13] . گڏوگڏ، آمريڪن ساموا طرفان گڏيل قومن ۾ ساموا کي “ساموا” نالو استعمال ڪرڻ کان روڪڻ بابت درخواست تي سنجيده بحث ٿيو، ۽ ڏهه آمريڪن ساموان نمائندن هڪ اهڙو بل پيش ڪيو، جيڪو آمريڪن ساموا کي آزاد ساموا جي نئين نالي کي تسليم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هو؛ پر اهو بل ڪامياب نه ٿي سگهيو.[13]. آزاد ساموا جي وزيراعظم توفيلاو ايٽي الي سانا ان تجويز ڪيل بل کي “جلديءَ ۾ کنيل ۽ غيرذميوار” قرار ڏنو.[13]. 2002ع ۾ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم هيلن ڪلارڪ نيوزيلينڊ جي انتظام واري دور دوران پيش آيل ٻن واقعن بابت باضابطه معافي ورتي:
- (1) 1918ع ۾ جهاز ايس ايس ٽيلون کي قرنطينه ۾ ناڪام رکڻ، جنهن سبب اسپينش فلو ساموا ۾ داخل ٿيو ۽ اهڙي وبا ڦهلجي، جنهن ساموان آباديءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو؛ ۽
- (2) 1929ع ۾ هڪ رسمي جلوس دوران غيرتشدد واري ماو تحريڪ جي اڳواڻن تي فائرنگ.
2007ع ۾ ساموا جو پهريون سربراهه مملڪت، عالي جناب ماليٽوئا تانومفلي ٻيو، 94 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هو هي عهدو ٽوپوا تاماسيسي مياآولي سان گڏيل طور سنڀاليندو رهيو، جيستائين ٻيو شخص 1963ع ۾ فوت ٿيو. ماليٽوئا تانومفلي ٻيون 45 سال ساموا جو سربراهه مملڪت رهيو. هو ماليٽوئا تانومفلي پهرئين جو پٽ هو، جيڪو يورپ ۽ مغربي دنيا طرفان تسليم ٿيل آخري ساموان بادشاهه هو. هن وقت ساموا جو سربراهه مملڪت عالي جناب ٽوئيمالياليʻيفانو واʻاليٽوآ سوئلاووي ٻيون آهي، جنهن کي ساموا جي پارليامينٽ جي متفقه منظوريءَ سان هي عهدو عطا ڪيو ويو. اهو فيصلو روايتي ساموان پروٽوڪول جي علامت آهي، جيڪو اڪيهوين صديءَ ۾ به اتفاقِ راءِ کي اهميت ڏئي ٿو. مئي 2021ع ۾ فيامي ناؤمي ماتاآفا[14] ساموا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي[15]. سندس سياسي جماعت فاست (FAST) پارٽي 2021ع جي عام چونڊن ۾ تنگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنهن سان ڊگهي عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ توئلاʻيپا سائليلي ماليليگااوئي جي حڪمراني جو خاتمو ٿيو. 24 مئي 2021ع تي فيامي ناؤمي ماتاآفا باضابطه طور وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو[16]. آگسٽ 2022ع ۾ ساموا جي قانونساز اسيمبلي ٽوئيمالياليʻيفانو واʻاليٽوآ سوئلاووي ٻئي کي ٻيهر پنجن سالن جي ٻئي مُدي لاءِ سربراهه مملڪت مقرر ڪيو.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Petchey, Fion J (2001). "Radiocarbon Determinations from the Mulifanua Lapita Site, Upolu, Western Samoa". Radiocarbon 43 (1): 63–68. doi:. Bibcode: 2001Radcb..43...63P.
- 1 2 Tuvale, Te'o. "An account of Samoan history up to 1918: Chapters I-IV". Retrieved 19 September 2011.
- ↑ Paul M. Kennedy, The Samoan Tangle: A Study in Anglo-German-American Relations 1878–1900 (University of Queensland Press, 2013).
- ↑ Spencer Tucker, ed (2009). The Encyclopedia of the Spanish-American and Philippine-American Wars: A Political, Social, and Military History. ABC-CLIO. pp. 569–70. ISBN 9781851099511. https://books.google.com/books?id=8V3vZxOmHssC&pg=PA569.
- ↑ Mary Boyd (1968). "The Military Administration of Western Samoa, 1914-1919". New Zealand Journal of History 2 (2): 163. http://www.nzjh.auckland.ac.nz/docs/1968/NZJH_02_2_04.pdf. Retrieved 19 January 2021. آرڪائيو ڪيا ويا 19 October 2021 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Western Samoa – A Continuing Disappointment". II(10) Pacific Islands Monthly. 19 May 1932. Retrieved 26 September 2021.
- ↑ "Pig-Headed New Zealand and Stubborn Samoa". III(3) Pacific Islands Monthly. 19 October 1932. Retrieved 26 September 2021.
- ↑ New Zealand Ministry for Culture and Heritage (19 July 2010). "Towards independence - NZ in Samoa". nzhistory.net.nz. Retrieved 29 April 2011.
- ↑ Mata'afa, friend to all, who led Samoa 'long and loyally' Pacific Islands Monthly, July 1975, p7
- ↑ "Western Samoa SMOOTH PROGRESS TO INDEPENDENCE". The Press: p. 10. 30 December 1961. https://paperspast.natlib.govt.nz/newspapers/CHP19611230.2.112.
- ↑ Brij V Lal (22 September 2006). "'Pacific Island talks': Commonwealth Office notes on four-power talks in Washington". British Documents on the End of Empire Project Series B Volume 10: Fiji. University of London: Institute of Commonwealth Studies. p. 305. ISBN 9780112905899. https://books.google.com/books?id=Z2R3Nk3jUlsC&pg=PA297.
- ↑ Constitution Amendment Act (No. 2) 1997 (No. 15)
- 1 2 3 4 Migration happens: reasons, effects and opportunities of Migration, Katarina Ferro, Margot Wallner and Richard Bedford, 2006. p. 72
- ↑ "Samoa set to appoint first female prime minister". Reuters. 17 May 2021. https://www.reuters.com/world/asia-pacific/samoa-set-appoint-first-female-prime-minister-2021-05-17/.
- ↑ "Pacific island swears in its first female PM in a tent after she is locked out of Parliament". 24 May 2021.
- ↑ Ligaiula, Pita. "Tuimalealiifano reappointed as Samoa Head of State | PINA". https://pina.com.fj/2022/08/23/tuimalealiifano-reappointed-as-samoa-head-of-state/.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- Samoa, A Hundred Years Ago And Long Before, George Turner (1884), an eText available from Project Gutenberg