ساقي سجاولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

غلام احمد ولد محمد عارب داروغو عرف ساقي سجاولي 10 جنوري 1914ع تي سجاول ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو.

سوانح[سنواريو]

ساقي سجاوليءَ (Saqi Sijawali) شروعاتي پڙهائي پنهنجي ڳوٺ ۽ پوءِ سجاول ۾ حاصل ڪئي. پڙهئي کانپوءِ هو پهرين داروغو ٿيو، پوءِ ڪلارڪ ٿيو، ان بعد ماستري اختيار ڪيائين. ساقي سجاوليءَ کي ننڍي هوندي کان ئي علم جي مڻيان من ۾ هئي. پهرين هو ننڍيون آکاڻيون ۽ مضمون وغيره لکندو هو. سندس پهرين ڪهاڻي ”آهه! غريبي تو مون کي تمنائن کان روڪيو.“ 1936ع ۾ ان وقت جي نامياري اخبار ”الوحيد“ ۾ شايع ٿي. ساقي سجاولي، هڪ ڪامياب ۽ عمدو ڪهاڻيڪار هو. ساقي سجاوليءَ جا افسانا ڏاڍا مشهور ويا. سندس افسانا ”قرباني“ اخبار ۾ ”گمنام“ جي تخلص سان پڻ شايع ٿيندا هئا. تنهن کانسواءِ ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ سندس افسانا ۽ انشائيه شايع ٿيندا هئا.

ساقي سجاوليءَ 1948ع ۾ گل حسن طاهراڻي سان گڏجي ”اهل قلم“ جي نالي سان رسالو ڪڍيو. جنهن جو ايڊيٽر پاڻ هو. هن کي صحافت سان پڻ دلچسپي هوندي هئي. ذڪر ڪيل رسالو سندس انهيءَ شوق جي هڪ ڪڙي هئي، جنهن ۾ افسانا، شعر ۽ مضمون ڇپبا هئا. ورهاڱي جي ڪارڻ ۽ سنڌي هندو اديبن جي لڏي وڃڻ جي ڪري انهي رسالي ترقي پسند ادب ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو ذڪر ڪندي رشيد ڀٽي لکي ٿو:

”....ان وقت سڄي پاڪستان جي ترقي پسند اديبن پنهنجي گڏيل جماعت جي تياري جو اعلان ڪيو ، جنهن جي سڏ کي ورنائيندي مٿين اديبن، انجمن ترقي پسند مصنيفن، جي سنڌي شاخ قائم ڪئي. هيل سندن ٽولي ۾ تاج محمد ابڙي ۽ مرحوم ساقي سجاوليءَ جو اضافو ٿيو. مرحوم ساقي ته ورهاڱي کانپوءِ پهريون سنڌي رسالو ”اهل قلم“ به ڪڍيو، جو چڱي معيار هئڻ جي باوجود به غير يقيني حالتن سبب ڪاميابي سان هلي نه سگهيو ۽ ٽن اشاعتن کانپوءِ بند ٿي ويو.“

ترجمو: ساقي سجاولي، اصلوڪين لکڻين سان گڏ ڪافي ترجما پڻ ڪيا. هو خليل جبران جو وڏو مداح هو. هن جبران جي مشهور ناول The prophet جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب خليل جبران جو سنڌي ۾ پهرين ترجمو هو. ترجمي جو مهاڳ سنڌ جي مشهور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو، ترجمي کي ساراهيندي بلوچ صاحب لکي ٿو:

”خليل جبران جي آلاپن کي ساقي سجاوليءَ وري سنڌي ”لئي“ ۾ ويهي سرايو آهي. سندس ترجمو لفظي معنيٰ واري گهر کان آجو ۽ اصطلاحي رواني سان ڀرپور آهي.“

ديباچو ثاني ۾ سيد تاج محمد امروٽي لکي ٿو: ”ساقي سجاولءَ کي خليل جبران سان محبت آهي، عقيدت آهي ۽ هن خليل جبران کي پڙهيوآهي ۽ بار بار پڙهي ”خليل جبران“ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ مترجم، مصنف جي مدعا ۽ مقصد کي هيٺ مٿي ڪرڻ کان ڪنارو ڪيو آهي.“

ناٽڪ نويسي[سنواريو]

ساقي سجاول ناٽڪ جو به شائق هو. هن لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊرامي ڪيا. سجاول ۾ هن ”ساقي آرٽ سرڪل“ قائم ڪري اسٽيج ناٽڪ جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن ڪجهه ناٽڪ پاڻ به لکيا ۽ڪن ۾ پارٽ پڻ ادا ڪيائين. موتي پرڪاش انهيءَ جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڪتاب ”پردي اڳيان پردي پٺيان“ ۾ لکي ٿو:

”جاتي ۾ پنڊت ڪندن شرما، چوهڙ جمالي ۾ مهاراج ريواچند راجسٿ ۽ سجاول ۾ ساقي سجاولي سنڌي ناٽڪ پيش ڪرڻ ۾ ڀڙ هئا.“

ناٽڪي سرگرمين سان گڏ ساقي سجاولي ادبي تحريڪ پيدا ڪرڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو. هو جتي به رهيو، اتي ادبي تحرڪ پيدا ڪيائين. ٻنون شهر ۾ ”ايوان ادب“ ٻنون جي نالي سان تنظيم ۽ ساڪري ۾ ”بزم ادب“ تنظيم جو پايو وڌائين. 1956ع ۾ ٻني (ٻنون) ۾ هڪ عظيم ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان جو روح روان ساقي سجاولي ئي هو.

عبارت ۽ ٻولي[سنواريو]

مٿين سرگرمين هوندي به ساقي سجاولي بنيادي طور تي افسانه نويس هو. هن جي افسانن جا موضوع، پيار، محبت، غربت، محرومي ۽ هيٺين ڪلاس جا مسئلا هئا. هن جي ٻولي نهايت سليس ۽وڻندڙ هئي، کيس ٻولي تي سٺي دسترس هئي. هن هڪ ”سنڌي لغت“ به تيار ڪئي هئي. جيڪا پوءِ اڻ ڇپيل رهجي ويئي، سندس سليس ۽ مٺي نثر جو تذڪرو نموني طور پيش ڪجي ٿو:

”ماهه وش بي تاب پنهنجو ٻانهون منهنجي گلي ۾ وڌيون. مون به بي قابو ٿي ماهه وش کي ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو. ماهه وش پنهنجو نماڻيون نگاهون کڻي مون ڏانهن نهاريو.هن جي نگاهن مان محبت جي برسات برسي رهي هئي. منهنجي دل گهريو ته آئون ماهه وش جون مدهوش اکيون چمان ۽ مون سچ پچ ماهه وش جون مدهوش اکيون چميون ۽ مون کي ڪيف و نشاط، سڪون ۽ مسرور محسوس ٿيو.“

ساقي سجاوليءَ جي لکيل ڪتابن جو تعداد 150چيو وڃي ٿو، جن مان هيٺيان ڇپجي سگهيا.

(1)بيروزگاري، (2)پيغمبر (3)محمد علي جناح (4)جواهر لال نهرو (5)ابراهيم ادهم (6)ماهرو (7)ڪافر(8)انمول موتي (9)شير شاهه جو انصاف (10)قاضي جو انصاف (11)قيدي (12)سندري (13)نقلي پيغمبر (14)موتي (15)جهنم ۾ جڳهه ناهي (16)ڪافرستان (17)يوسف زنده باد (18)پرده نشين ڏانهن (19)محمود غزنوي (20)اسلام خاطر (21) انمول رفت (22)ملان نصيرالدين ۽ هڪڙو بادشاهه.

لاڏاڻو[سنواريو]

ساقي سجاولي 16سيپٽمبر 1960ع تي، ٻوڙاڻو بنگلو لڳ سجاول ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-10-19