سازش

سازش، جنهن کي پلاٽ، چال يا منصوبو پڻ چيو وڃي ٿو، ماڻهن (جن کي سازشي يا سازش ڪندڙ چيو وڃي ٿو) جي وچ ۾ اهڙو ڳجهو معاهدو هوندو آهي، جنهن جو مقصد ڪو غيرقانوني يا نقصانڪار عمل هجي، جهڙوڪ قتل، غداري يا بدعنواني، خاص طور تي سياسي مقصدن سان،[2] ۽ اهو معاهدو عوام يا متاثر ماڻهن کان لڪايو ويندو آهي۔ سياسي معنيٰ ۾، سازش انهن ماڻهن جي گڏيل ڪوشش آهي جيڪي موجوده سياسي طاقت جي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ چاهين ٿا۔ اهو اقتدار تي قبضو ڪرڻ، ان ۾ تبديلي آڻڻ، يا غيرقانوني فائدو حاصل ڪرڻ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو۔ حالتن موجب، سازش هڪ جرم يا شھري ڏوھ ٿي سگهي ٿي۔[3]
عام طور تي لفظ "سازش" غلط يا غيرقانوني عمل جي نشاندهي ڪري ٿو، ڇاڪاڻتہ عام خيال اهو آهي ته ماڻهو قانوني ۽ اخلاقي عملن لاءِ ڳجها معاهدا نٿا ڪن.[4][5]
ڪجهه گڏيل سرگرميون اهڙيون به ٿين ٿيون جيڪي ڳجهيون هونديون آهن، پر انهن کي سازش نٿو سمجهيو وڃي۔ مثال طور، آمريڪا جي سي آءِ اي ۽ برطانيا جي ايم آءِ سڪس جهڙيون خفيه ادارا دشمنن تي نظر رکڻ لاءِ ڳجها منصوبا ٺاهيندا آهن، پر اهو انهن جي سرڪاري ذميوارين جو حصو هوندو آهي، تنهنڪري انهن کي سازش نٿو چيو وڃي.[6] اهڙي طرح، راندين جي ٽيمون به بند دروازن پٺيان حڪمت عملي ٺاهينديون آهن، پر اهو به سازش ۾ شمار نٿو ٿئي۔
سازش لاءِ اهو ضروري آهي ته ماڻهو ڄاڻي واڻي ان ۾ شامل ٿين۔ جيڪڏهن ڪنهن سماجي روايت مان ڪجهه ماڻهن کي فائدو ۽ ٻين کي نقصان ٿئي، پر ماڻهو شعوري طور اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ نه ٿيا هجن، ته اها سازش نٿي سڏجي.[6]
ٻئي پاسي، جيڪڏهن سازش ڪرڻ جو ارادو موجود هجي، ته پوءِ سازش وجود ۾ اچي وڃي ٿي، ڀلي تفصيل واضح طور بيان نه ڪيا ويا هجن.[6] مثال طور، سي آءِ اي جون خفيه ڪارروايون گهڻو ڪري ثابت ڪرڻ مشڪل هونديون آهن، پر تحقيق ۽ اڳوڻن ملازمن جي بيانن مان ڪجهه اهڙا واقعا سامهون آيا آهن جتي هن اداري واقعن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.[7] سرد جنگ دوران آمريڪا 66 ڀيرا ٻين ملڪن جي حڪومتن کي ڳجهي طور تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان 26 ۾ ڪامياب ٿيو.[8]
هڪ "سازشي نظريو" اهو عقيدو آهي ته ڪنهن سياسي واقعي جي پويان ڪو ڳجهو منصوبو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان نظريي جا حامي متفق نه هوندا آهن.[9] اهڙا نظريا اڪثر پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا آهن ۽ عام طور تي انهن کي رد ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، ڇاڪاڻتہ اهي هر قسم جي مخالفت کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺندا آهن.[10] سياسي ماهر مائيڪل بارڪن موجب، اهڙا نظريا ٽن اصولن تي ٻڌل هوندا آهن: ڪجھ به اتفاق سان نٿو ٿئي، هر شيءِ جيئن لڳي ٿي تيئن ناهي، ۽ هر شيءِ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي۔[11]
اصل لفظ
[سنواريو]لفظ ڪنسپائرسي لاطيني لفظ ڪنسپائريٽيو مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب "گڏيل معاهدو" يا "اتحاد" به ٿي سگهي ٿو۔ اهو ڪنسپائرو مان نڪتل آهي، جنهن جو لفظي مطلب آهي "مان ٻين سان گڏ ساهه کڻان ٿو"، يعني گڏيل عمل۔
سازشن جا قسم
[سنواريو]- شهري سازش – ماڻهن جو اهڙو معاهدو جيڪو ٻين کي ڌوڪو ڏيڻ يا ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي۔
- فوجداري سازش – ماڻهن جو اهڙو معاهدو جنهن جو مقصد مستقبل ۾ قانون ٽوڙڻ هجي۔
- سياسي سازش – سياسي طاقت حاصل ڪرڻ يا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل منصوبو۔
- حب ۽ اسپوڪ سازش – اهڙي سازش جنهن ۾ هڪ مرڪزي شخص مختلف ماڻهن سان الڳ الڳ معاهدا ڪري، پر سڀ گڏيل نتيجي لاءِ ڪم ڪن۔
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Sharpe, James A. (2005). "The Evil Empire and The Enemy Within". Remember, Remember: A Cultural History of Guy Fawkes Day. ڪيمبرج، ميساچوسٽس: هارورڊ يونيورسٽي پريس. ص. 1–37. ISBN 9780674019355.
- ↑ Collins Dictionary: conspiracy
- ↑ "Conspiracy". merriam-webster.com. December 27, 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Conspiracy Definition & Meaning".
- ↑ "Conspiracy".
- 1 2 3 Peter Knight, Conspiracy Theories in American History: An Encyclopedia (2003), p. 15-16.
- ↑ Four more ways the CIA has meddled in Africa. BBC, 17 May 2016.
- ↑ The U.S. tried to change other countries' governments 72 times during the Cold War. By Lindsey A. O'Rourke. The Washington Post, December 23, 2016
- ↑ Joseph E. Uscinski and Joseph M. Parent, American Conspiracy Theories (2014)
- ↑ What Are Conspiracy Theories?. January 2023.
- ↑ Barkun, Michael. A Culture of Conspiracy.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا سازشون. |
وڪي قول تي سازش بابت قول
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- سازش
- منصوبا
- انساني رويا