مواد ڏانھن هلو

ساحيل حياتياتي جاگرافيائي علائقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ساحيل

ساحل (عربي)
Sahel
حياتياتي جاگرافيائي علائقو
ساحيل علائقي جو سوانا ۽ هن ۾ ڦهليل ببول جا وڻ، گرمي جي ورسات جي موسم جي شروعات ۾
ساحيل علائقي جو سوانا ۽ هن ۾ ڦهليل ببول جا وڻ، گرمي جي ورسات جي موسم جي شروعات ۾
Official logo of ساحيل
ساحيل جي سڃي علائقي ۾ گاري سان ٺاهيل عمارتون ڦهليل آهن، جهڙوڪ برڪينا فاسو ۾ مانسا موسي پاران ٺاهيل وچين دور ۾ تعمير ٿيل اها مسجد
آفريڪا ۾ ساحيل علائقو: 1,000 ڪلوميٽر (620 ميل) ويڪرو پٽو جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ کان ڳاڙهي سمنڊ تائين 5,400 ڪلوميٽر (3,360 ميل) تائين پکڙيل آهي.
آفريڪا ۾ ساحيل علائقو: 1,000 ڪلوميٽر (620 ميل) ويڪرو پٽو جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ کان ڳاڙهي سمنڊ تائين 5,400 ڪلوميٽر (3,360 ميل) تائين پکڙيل آهي.
حياتياتي جاگرافيائي دائروافرو- ٽراپيڪل
حياتي جو دائروٽراپيڪل ۽ ذيلي ٽراپيڪل گاهه جا ميدان، سوانا ۽ جهاڙين واري زمين
جانورگهوڙا، اٺ، خچر، رڍ
ممالياآفريڪي مينهن، هرن، اورڪس
پکين جون نوعونلڏپلاڻ ڪرڻ وارا پکي
حدوناوڀر صحارا جابلو جهنگلي علائقو، اوڀر سوڊان جو سوانا وارو علائقو، ايٿوپيا جا جبلن جا ٻيلا، اندرين نائيجر ڊيلٽا، چاڊ ڍنڍ جو ٻوڙ وارو سوانا، ڏکڻ صحارا جا اسٽيپ ۽ ٻيلن وارا ميدان، سڏ فلڊ گاهه واري زمينون، اولهه صحارا جا جبلن وارا ٻيلا، اولهه سوڊان جا سوانا
آبهواآبهوا: ٽراپيڪل سوانا آبهوا (Aw) گرم نيم صحرائي (BSh)، گرم صحرائي آبهوا (BWh)
درياههدرياهه: سينيگال ندي، نائيجر ندي، نيل درياهه, درياهه: سينيگال ندي، نائيجر ندي، نيل درياهه
ملڪالجزائر، برڪينا فاسو، نائيجر، مالي، سوڊان، نائيجيريا، سينيگال، گيمبيا، ڏکڻ سوڊان، ڪيمرون، وسطي آفريڪي جمهوريه، ڪيپ وردئ، چاڊ، اريٽيريا، موريتانيا
پکيڙپکيڙ: 3053200 چورس ڪلوميٽر 1178800 چورس ميل
اچائي200 کان 400 ميٽر تائين 660 کان 1310 فوت تائين

ساحيل علائقو (انگريزي: Sahel؛ /səˈhɛlعربي: ساحل، معني ڪنارو) يا ساحيلي ببولي سوانا (Sahelian acacia savanna)، آفريڪا ۾ هڪ حياتياتي جاگرافيائي علائقو آهي. اهو ڏکڻ ۾ وڌيڪ نمي واري سوڊاني سوانا ۽ اتر ۾ خشڪ صحارا جي وچ ۾ منتقلي وارو علائقو آهي. ساحيل ۾ گرم نيم خشڪ آبهوا آهي ۽ اتر آفريڪا جي ڏاکڻي ويڪرائي ڦاڪن تي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ ۾ پکڙيل آهي. جئين ته جاگرافيائي طور تي اها ٽراپڪ (Tropic) جي علائقي ۾ واقع آهي، پر ساحيل جي آبهوا ٽراپيڪل ناهي.

خاص طور تي اولهه ساحيل جي علائقي ۾، نيم خشڪ موسم جي ڪري کاڌي ۽ پاڻي جي کوٽ ۽ ڪيترائي ڀيرو ڏڪار اچي چڪيون آهي. تنهن هوندي به، علائقي ۾ انساني پيدائش جي شرح تمام گهڻي رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. تازن وقتن ۾، ساحيل جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص طور تي فرانس جي اڳوڻي نوآبادين ۾ مختلف بغاوتون، نسلي فسادات ۽ پرڏيهي مداخلتون ٿيون آهن.

ان جي ماحولياتي ۽ موسمياتي اهميت کان سواء ساحيل کي هڪ جيوپولٽيڪل علاقو پڻ سمجهيو ويندو آهي. سامراجي طاقتون اڃ به هتان موجود قدرتي وسيلن تي نظر رکنديون آهن، جنهن جي ڪارڻ علائقي ۾ اندروني عدم استحڪام پيدا ڪري پرڏيهي مداخلت ڪن ٿيون.[1][2]

نالو

[سنواريو]

جاگرافي

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]

ٻوليون

[سنواريو]

سياست

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  1. Clingendael Institute, "The Sahel’s New Geopolitics", June 2024.
  2. Clingendael Institute, "The Sahel’s New Geopolitics", June 2024.