مواد ڏانھن هلو

سائيڪساريس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سائيڪساريس (Cyaxares)
ميديا جو بادشاھ

سائيڪساريس جي ممڪن تصوير، قزقاپان جو مقبرو، سليمانيہ. عراقي ڪردستان.
ميديائي بادشاھ
625 – 585 ق.م
پيشرو فرائورٽس
جانشين ايسٽيئيگس
جيون ساٿي نبوپولاسر جي ڌيءَ (يا پوٽي)
نسل ايسٽيئيگس
ايميٽس
ميدين ٻولي ᴴuvaxšϑra
شاھي گھراڻو ميدين سلطنت
پيءُ فرائورٽس
جنم 675 ق.م
ايڪباتانا
لاڏاڻو 585 ق.م
تدفين سيروميڊيا (اڄوڪو قزقپان، ڪردستان علائقو)[2]
مذھب قديم ايراني مذهب


سائيڪساريس يا ھووخشترہ يا سياخريس (Cyaxares)(/sˈæksərˌiz/؛ SAI-ack-SIR-eez؛ يوناني: Κυαξάρης؛ قديم فارسي: 𐎢𐎺𐎧𐏁𐎫𐎼) [3]لاطيني: Cyaxarēs ميدين جو ٽيون بادشاهه هو. هو 625 ق.م ۾ تخت تي ويٺو، جڏهن سندس والد فراورٽيس اشوريَن سان جنگ دوران مارجي ويو، غالباً اشوربانيپال جي هٿان. ان کان پوءِ اشوري اتحادي، سيٿيائي، ميديا تي 28 سال حڪومت ڪندا رهيا، جيستائين سائيڪساريس سيٿيائي تسلط کي ختم ڪري بادشاھ بڻيو. سائيڪساريس بابليَن سان گڏجي اشوري سلطنت کي تباھ ڪيو، ۽ قديم ايران جي گهڻن ايراني قومن کي متحد ڪري، ميديا کي هڪ وڏي طاقت ۾ تبديل ڪيو.[4][5]

نالو

[سنواريو]

نالو سائيڪساريس (Cyaxares) قديم يوناني لفظ Κυαξάρης مان لاطيني صورت ۾ آندو ويو آهي، جيڪو وري ميدي ٻولي جي لفظ ᴴuvaxšϑra (𐎢𐎺𐎧𐏁𐎫𐎼) مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي “سٺو حڪمران”[3][6] يوناني ليکڪ ڊائوڊورس سڪلس (Diodorus Siculus) سائيڪساريس کي Αστιβαρας جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي،[7] جيڪو ميدي نالي R̥štibara جي هلينائي صورت آهي، جنهن جو مطلب آهي “نيزو کڻندڙ”[8][9]. هي نالو سندس پٽ ايسٽياجز (Astyages) جي ميڊي نالي R̥štivaigah سان به ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن جو مطلب آهي “نيزو اڇلائيندڙ”.[10][11]

زندگي ۽ حڪومت

[سنواريو]

سِيٿين جي حڪومت

[سنواريو]

هيروڊوٽس موجب، سائيڪساريس ميڊيائي بادشاهه فرائورٽس جو پٽ هو. ستين صدي ق.م. جي وچ ڌاري، فرائورتس ميدين کي گڏ ڪري اشورن خلاف بغاوت جي اڳواڻي ڪئي ۽ جنگ ۾ مارجي ويو، يا ته اشورن جي بادشاهه اشوربانيپال جي اڳواڻي هيٺ اشورن هٿان، يا اشورن جي سِيٿي اتحاديءَ هٿان، جن جو بادشاهه ميڊيز ميدين تي چڙهائي ڪري تقريباً ٽن ڏهاڪن تائين اشورن جي طرفان سِيٿين جي بالادستي مٿن مڙهي ڇڏي؛ اهڙيءَ طرح اهو دور شروع ٿيو جنهن کي هيروڊوٽس “ايشيا تي سِيٿين جي حڪومت” سڏيو آهي.[12][13] سِيٿين جي چڙهائي کان پوءِ، سائيڪساريس پنهنجي پيءُ فرائورٽس کان پوءِ سِيٿين جي بالا حاڪميت (Suzarinity) هيٺ ميدين جو بادشاهه ٿيو.[14][15] 620ع ق.م. واري ڏهاڪي تائين، اشوربينپال جي وفات کان پوءِ اشوري سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي: اشوري اندروني بي چينيءَ سان گڏ بابل به 626 ق.م. ۾ اشورن خلاف بغاوت ڪري ويٺو.[16] ايندڙ سال 625 ق.م. ۾ سائيڪساريس ميدين تي سِيٿين جو ڳرو ڳٽ لاھڻ لاءِ سِيٿين حڪمرانن کي دعوتي ضيافت تي سڏي، کين نشي ۾ ڌت ڪري پوءِ سڀني کي قتل ڪرايو، جن ۾ شايد مادئيز پاڻ به شامل هو.[3][16][13]

سِيٿين جي غلامي مان ميدين کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ، سائيڪساريس اشورن سان جنگ جي تياريءَ لاءِ ميدي فوج کي ٻيهر منظم ڪيو: اڳي ميدي قبائلي مليشيا جي صورت ۾، رشتيداريءَ وارن جٿن ۾ ورهايل، ۽ هر سپاهي پنهنجي مهارت موجب هٿيار کڻندو هو؛ پر سائيڪساريس رياست طرفان مڪمل طور تي هٿياربند، اشورن ۽ اورارتين فوجن جي طرز تي هڪ باقاعده فوج قائم ڪئي، جيڪا حڪمتِ عملي ۽ ميداني (ٽيڪٽيڪل) يونٽن ۾ ورهايل هئي.[17] سائيڪساريس شايد سِيٿين کي به پنهنجي حڪمراني ڪيرائڻ کان پوءِ ميدين سان اتحاد تي مجبور ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ 615 ق.م. کان پوءِ بابل جا تاريخي رڪارڊ سِيٿين کي ميدين جا اتحادي سڏين ٿا.[18]

پارٿيا ۾ جنگ

[سنواريو]

پنهنجي حڪومت دوران ڪنهن مرحلي تي، سائيڪساريس ھرڪانيا (Hyrcania) ۽ پارٿيا تي قبضو ڪيو، جيڪي ميديا جي اوڀر پاسي واقع هئا.[19] ڊائيوڊورس سِڪولس موجب، هڪ وقت پارٿين سائيڪساريس خلاف بغاوت ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۽ گاديءَ جي شهر کي ساڪائن[7] يا دھائي (Dahae) جي حوالي ڪيو،[20] جنهن کان پوءِ ميدين ۽ ساڪائن ۾ جنگ ڇِڙي پئي؛ ساڪا پنهنجي راڻي زرينا (Zarinaea) جي اڳواڻيءَ ۾ هئا، جنهن ڪيترائي شهر آباد ڪيا.[7] ڊائيوڊورس موجب، زرينا ساڪن جي بادشاهه سائڊريئس (Cydraeus) جي ڀيڻ ۽ شروعات ۾ زال هئي، پر سندس وفات کان پوءِ پارٿي بادشاھ مرمارس (Marmares) سان شادي ڪيائين. ميدين خلاف جنگ دوران زرينا زخمي ٿي ۽ سائيڪساريس جي ڄاٽي اسٽرنگائيوس (Stryngaeus) هٿان قيد ٿي؛ پر هن زرينا جي التجا ٻڌي کيس حياتي بخشي. جڏهن پوءِ مارمارس اسٽرنگائيوس کي گرفتار ڪيو ته زرينا مارماريس کي قتل ڪري اسٽرنگائيوس کي ڇڏائي ورتو.[21] هن جنگ جي پڇاڙيءَ ۾ پارٿين ميدي حڪمراني قبول ڪئي،[7] ۽ ميدين ۽ ساڪن ۾ صلح ٿي وئي.[22] ڊائيوڊورس جو بيان ڏيکاري ٿو ته پارٿيا جو علائقو پنهنجي اولهه ۾ ميديا جي اثر ۽ ڪيسپين ۽ آرال سمنڊن واري خطي جي ساڪا خانہ بدوشن جي اثر هيٺ هو.[7]

اشورن خلاف جنگ

[سنواريو]

گيبلينو (Gablinu) وٽ اشور-منائيائي (Mannaeans) گڏيل فوج کي نئين بابلي باغي بادشاهه ۽ نئين بابلي سلطنت جي باني نيبوپولاسر (Nabopolassar) هٿان شڪست ٿيڻ کان پوءِ، ايندڙ سال سائيڪساريس منائي تي قبضو ڪيو، جنهن سان ميدي فوجون اشوريا جي سرحدن تائين پهچي ويون.[3] نومبر 615 ق.م. ۾—نيبوپولاسر جي اشور تي قبضي ۾ ناڪاميءَ کان ڇهه مهينا پوءِ، سائيڪساريس زاگرس جبل لتاڙي ارافا (Arrapha) تي قبضو ڪيو. ايندڙ سال، جولاءِ ۽ آگسٽ 614 ق.م. ۾، ميدي فوجون ڌيان هٽائڻ لاءِ ظاهر ۾ اشوريا جي گادي نينوا ڏانهن وڌيون؛ جنهن تي اشوري بادشاھ سنشارشڪون (Sinsharishkun) شهر بچائڻ لاءِ نڪتو. پوءِ ميدي فوجون دجلا جي ڪناري اتر طرف وڌي تربيصو (Tarbiṣu) تي قبضو ڪري، درياهه پار ڪري ساڄي ڪناري سان هيٺ لهندي اشور ڏانهن وڌيون؛ نتيجي ۾ نينوا ۽ ڪلحو کي ٻاهرين مدد کان ڪٽي ڇڏيو. پوءِ ميدين اشور تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو: شهر جي آباديءَ جو قتلِ عام، مندرن جي تباهي، ۽ خزاني جي لُٽ به بيان ڪئي وڃي ٿي.[23] اشور جي زوال کان ٿوري دير پوءِ بابلي بادشاھ نيبوپولاسر سائيڪساريس سان شهر جي کنڊرن وٽ مليو، ۽ ٻنهي اشوريا خلاف اتحاد ڪيو، جيڪو سفارتي شادين سان مضبوط ڪيو ويو: نيبوپولاسر جو پٽ بخت نصر ٽيون (Nebuchadnezzar II) سائيڪساريس جي ڌيءَ ايمِٽِس سان شادي ڪئي.[24] ۽ سائيڪساريس نيبوپولاسر جي ڌيءَ يا ڏوهٽي سان شادي ڪئي.[3] هن اتحاد کان پوءِ ميدي ۽ بابلي فوجون اشورن خلاف جنگ ۾ گڏيل ڪارروائيون ڪرڻ لڳيون. 612 ق.م. ۾ ميدي ۽ بابلي فوجون گڏجي اذيم (Adhaim) درياھ جي وات وٽان لنگهي اشورن جي گادي نينوا تي چڙهائي ڪئي، جنھن کي ٽي مهينا گهيري کان پوءِ فتح ڪري لُٽيو ويو. اشوري بادشاھ سِنشارِشڪون جيتوڻيڪ نينوا جي زوال دوران مارجي ويو.[25] سِنشارِشڪون جي وفات کان پوءِ، هڪ اشوري اڳواڻ، شايد سندس پٽ، اشور-اوبلٽ ٻيون ھاران ۾ پاڻ کي نئون اشوري بادشاھ قرار ڏنو، ۽ باقي بچيل اشوري فوج جي سهاري حڪومت ڪندو رهيو. 610 ق.م. ۾ اشوريا جي حامي مصري فرعون نڪو ٻيون (Necho II) شام-فلسطين ۾ مداخلت ڪري حران پهتو ته جيئن اشور-اوبلِٽ کي سهارو ڏئي. ساڳئي سال 610 ق.م. ۾ سائيڪساريس ۽ نيبوپولاسر حرام (Harran) تي قبضو ڪري ورتو، ۽ اشور-مصري فوج پٺتي هٽي فرات جي اولهه ڪناري ڪارڪميش (Carchemish) ڏانهن وڃي بيٺي.[25]

نئين اشوري سلطنت جي تباهي بابت پراڻن خيالن موجب، ان جو علائقو بابلي ۽ ميدي سلطنتن وچ ۾ ورهايو ويو؛ ميدين کي اهو حصو مليو جنهن ۾ اشورن جو اصل علائقو شامل هو ۽ ڏاکڻي سرحد ڪارڪميش کان شروع ٿي، حران جي ڏکڻ کان ٿيندي جبل سنجار سان گڏ درياء دجلا تائين (اشور جي ڏکڻ ۾)، ۽ پوءِ جبل حمرين سان ٿيندي ديالا ندي (Diyala River) وادي پار ڪري ايلام (Elam) جي اتر-اولهه سرحدن تائين پهچندي هئي.[26] پر وڌيڪ جديد تحقيق موجب، نئين بابلي سلطنت کي اڳوڻي اسيري سلطنت جا تقريباً سڀ علائقا مليا—سواءِ زاگرس جبلن وارن انهن علائقن جي، جيڪي اسيريا اڳ ئي ميدين هٿان وڃائي چڪي هئي—۽ ميدين جو ڪردار گهڻو ڪري “مکيه جنگي قوت” طور هو، جيڪا علائقو هٿ ڪري بابليَن کي سونپي پوءِ پنهنجا فوجي مقصد مڪمل ڪري ميديا ڏانهن موٽي ويندي هئي.[27]

اورارتو جي فتح

[سنواريو]

609 ق.م. ۾ ميدين اوراتو (Urartu) جي راڄڌاني تي حملو ڪيو، جيڪا آرمينيائي مٿاھين پٽ ۾ هئي. اورارتو تي حملو شايد بابليَن سان گڏيل اتحاد ۾ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ بابلي رڪارڊ 608 ق.م. ۾ اورارتو جي هنونيا واري علائقي تي گڏيل ميدي-بابلي حملي جو ذڪر ڪن ٿا،[26] ۽ سِيٿين جو ڪو ٽُٽل جُٿو به شايد ميدين سان شامل ٿي اورارتو جي فتح ۾ حصو ورتو.[28] هن حملي جو نتيجو اورارتو جي مڪمل تباهي نه هو، پر اهو نئين ميدي رياست جو ماتحت راڄ بڻجي ويو.[25] ممڪن آهي ته ميدي دستا ڪارڪميش جي جنگ (605 ق.م.) ۾ به بابلي فتح لاءِ مددگار ٿيا هجن؛ ان کان پوءِ ميدين جي بابلي مهمن سان فوجي ساٿ ختم ٿي ويو، ۽ شام ۽ فلسطين ۾ بعد وارن بابلي مهمن ۾ ميدي فوجون شامل نه رهيون.[26]

ليديا وارن خلاف جنگ

[سنواريو]
ساءِيڪساريس جي ميديا پنهنجي وڌ کان وڌ وسعت وقت

اشوري سلطنت جي خاتمي کان پوءِ، اڪثر سِيٿين 600ع ق.م. واري ڏهاڪي ۾ اولهه ايشيا مان نڪري پونٽڪ گاھ واري ميدان ڏانهن موٽي ويا،[18] ۽ 590ع ق.م. واري ڏهاڪي ۾ ميدين ۽ بابليَن جا لاڳاپا عارضي طور بگڙيا.[26] ديئوترڪينانوي ڪتابِ يهودِٿ 593 ق.م. ۾ بادشاهه نبوڪدنضر ٻئي ۽ ارفڪساد (جنهن کي سائيڪساريس جو ٻيو نالو سمجھيو وڃي ٿو) جي جنگ جو ذڪر ڪري ٿو.[29] پوءِ ميديا ۽ سِيٿين جي هڪ ٻي ٽولي وچ ۾ جنگ ٿي، جيڪا شايد اُن ٽُٽي جُٿَي جا ماڻهو هئا جن موجوده آذربائيجان ۾ هڪ راڄ قائم ڪيو هو. اهي سِيٿين ميدي-حڪمراني هيٺ ٽرانس قفقازيا ڇڏي ليديا ڏانهن ڀڄي ويا، جنهن جو سِيٿين سان اتحاد هو. جڏهن ليديائي بادشاهه الياتس (Alyattes) سائيڪساريس جي اها گهر نه مڃي ته اهي سِيٿين پناهگير کيس حوالي ڪيا وڃن، تڏهن 590 ق.م. ۾ ميديا ۽ ليديا وچ ۾ جنگ ڇِڙي پئي.

قديم ميدي سلطنت جو نقشو لڳ ڀڳ 550 ق.م. ۾ وڌ کان وڌ وسعت وقت

هي جنگ پنج سال هلي، تان جو 585 ق.م. ۾ هڪ سج گرهڻ—جنهن کي ٿيلز وارو سج گرهڻ چيو وڃي ٿو، پيش آيو، ۽ اُن وقت ميدي ۽ ليديائي فوجن ۾ هڪ جنگ وڙهي وئي. تنهن ڪري اها “گرهڻ واري جنگ” جي نالي سان مشهور ٿي. ٻنهي ڌرين گرهڻ کي جنگ روڪڻ جو شگون سمجهيو. پوءِ بابل ۽ ڪليڪيا جي بادشاهن وچ ۾ صلح لاءِ وچٿراڻي ڪئي؛ ۽ صلح نامو شاديءَ سان مضبوط ڪيو ويو: سائيڪساريس جو پٽ ايسٽيئيگز (Astyages) ليديا جي بادشاهه الياتس جي ڌيءَ آرينس (Aryenis) سان شادي ڪئي. ليديا ۽ ميديا جي سرحد اوڀر اناطوليا ۾ ڪنهن اڃا نامعلوم هنڌ تي مقرر ٿي. يوناني-رومي مورخن جو روايتي بيان ته هالِس درياهه کي ٻنهي بادشاهتن جي سرحد مقرر ڪيو ويو، غالباً پوءِ جي دور ۾ ٺهيل هڪ علامتي ڪهاڻي آهي: يونانين لاءِ هالِس “هيٺين ايشيا” ۽ “مٿين ايشيا” جي ورهاست جي نشاني هو، ۽ هالِس بعد ۾ اخيميني سلطنت اندر هڪ صوبائي سرحد به رهيو.[30][31][32][33]

وفات

[سنواريو]
سائيڪساريس جي ممڪن قبر، قزقاپان, سليمانيه، عراقي ڪردستان

سائيڪساريس 585 ق.م. ۾ گرهڻ واري جنگ کان ٿوري عرصي پوءِ وفات ڪري ويو، ۽ سندس پٽ ايسٽياجز سندس جانشين بڻيو. روسي مورخ اِيگور ايم. ڊياڪونوف احتياطي طور اهو خيال پيش ڪيو آهي ته سائيڪساريس جي قبر شايد اُن هنڌ تي هجي جنهن کي اڄ قزقاپان چيو وڃي ٿو، جيڪو موجوده عراقي ڪردستان جي سليمانيه واري ڪوھستاني علائقي ۾ آهي.[25]

حوالا

[سنواريو]
  1. Diakonoff 1985139.
  2. مطابق اِيگور دياڪونوف[1]
  3. 1 2 3 4 5 Diakonoff 1993.
  4. Cyaxares آرڪائيو ڪيا ويا 2014-10-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (Livius.org)
  5. Cyaxares king of Media britannica.com
  6. Schmitt 2011216–218.
  7. 1 2 3 4 5 Olbrycht, Marek Jan (2021). Early Arsakid Parthia (ca. 250–165 B.C.): At the Crossroads of Iranian, Hellenistic, and Central Asian History. Leiden, Netherlands; Boston, United States: Brill. pp. 17–18. ISBN 978-9-004-46076-8.
  8. Hinz 1975207.
  9. Schmitt 2011139–140.
  10. Schmitt, Rüdiger (1987), "Astyages", Encyclopædia Iranica, حاصل ڪيل 12 جولاءِ 2022۔
  11. Hinz 1975208.
  12. Phillips, E. D. (1972). "The Scythian Domination in Western Asia: Its Record in History, Scripture and Archaeology". World Archaeology 4 (2): 129–138. doi:10.1080/00438243.1972.9979527. https://www.jstor.org/stable/123971. Retrieved 5 November 2021.
  13. 1 2 Sulimirski & Taylor 1991565.
  14. Spalinger, Anthony (1978). "Psammetichus, King of Egypt: II". Journal of the American Research Center in Egypt 15: 49–57. doi:10.2307/40000130. https://www.jstor.org/stable/40000130. Retrieved 2 November 2021.
  15. Dandamayev, M.; Medvedskaya, I. (2006), "MEDIA", Encyclopædia Iranica, حاصل ڪيل 11 August 2022۔
  16. 1 2 Diakonoff 1985119.
  17. Diakonoff 1985121–122.
  18. 1 2 Sulimirski & Taylor 1991567.
  19. Dandamayev, M. A. (1994). "Media and Achaemenid Iran". History of Civilizations of Central Asia. Paris, France: UNESCO. pp. 35–64. ISBN 978-9-231-02846-5. "Judging by later indirect evidence, Cyaxares also succeeded in taking Parthia, Hyrcania to the east of the Caspian Sea, and Armenia."
  20. Diakonoff 1985132.
  21. Schmitt, Rüdiger (2000), "Zarinaia", Encyclopædia Iranica, حاصل ڪيل 12 جولاءِ 2022۔
  22. Mayor, Adrienne (2014). The Amazons: Lives and Legends of Warrior Women across the Ancient World. Princeton: Princeton University Press. pp. 379–381. ISBN 978-0-691-14720-8.
  23. Diakonoff 1985122–123.
  24. Diakonoff 1985123.
  25. 1 2 3 4 Diakonoff 1985124.
  26. 1 2 3 4 Diakonoff 1985124–125.
  27. Liverani, Mario (2003). "The Rise and Fall of Media". in Lanfranchi, Giovanni B.; Roaf, Michael; Rollinger, Robert. Continuity of Empire (?) Assyria, Media, Persia. Padua: S.a.r.g.o.n. Editrice e Libreria. pp. 1–12. ISBN 978-9-990-93968-2. http://m-hosseini.ir/mad-hakha/articles-1/20.pdf.
  28. Sulimirski & Taylor 1991568.
  29. "Douay-Rheims Bible, Judith Chapter 1"۔
  30. Diakonoff 1985125–126.
  31. Leloux, Kevin (December 2016). "The Battle of the Eclipse". Polemos: Journal of Interdisciplinary Research on War and Peace (Polemos) 19 (2). https://orbi.uliege.be/handle/2268/207259. Retrieved 2019-04-30.
  32. Rollinger, Robert (2003). "The Western Expansion of the Median ‘Empire’: A Re-Examination". in Lanfranchi, Giovanni B.; Roaf, Michael; Rollinger, Robert. Continuity of Empire (?) Assyria, Media, Persia. Padua: S.a.r.g.o.n. Editrice e Libreria. pp. 1–12. ISBN 978-9-990-93968-2. https://www.academia.edu/13842356.
  33. Leloux, Kevin (2018), La Lydie d'Alyatte et Crésus: Un royaume à la croisée des cités grecques et des monarchies orientales. Recherches sur son organisation interne et sa politique extérieure (PhD) 2, University of Liège, اصل کان 9 October 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 1 May 2022۔

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]