مواد ڏانھن هلو

سائيڪاڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائيڪاڪو ( جپاني ناول نويس ۽ شاعر)  1642ع ۾ اوساڪا ۾ ڄائو ۽ 1693ع ۾ گذاري ويو. ھن جو اصلي نالو ٽوگو ھو ۽ ذات جو ھيراياما. پر سندس قلمي نالو ايھارا سائيڪاڪو ھو. اوساڪا تن ڏينھَن ۾ واپار جي ھڪ منڊي ھو ۽ پاڻ اُتي جي وڏن واپارين مان ھو. 1675ع ۾ سندس زال پنجويھ سالن جي ننڍي ڄمار ۾ گذاري وئي جنھن سان سندس تمام گھڻو پيار ھو. سندس ھڪ ڪتاب " ھڪ ھزار ھائيڪائي شعر" جي شروعات ۾ ان بابت لکي ٿو تہ ھن جي موت کيس سخت صدمو پهچايو ۽ پنھنجي پيار جي اظهار لاءِ ستين ڏينھن ھن صبح کان شام تائين ويھي پورا ھڪ ھزار ھائيڪائي شعر لکيا. ٻن سالن بعد واپار وڙي تان بہ دل کَٽي ٿي پيس ۽ ھڪ ڪلارڪ جي حوالي ڪم ڪري پاڻ دنيا جي خفن کان آجو ٿي ڪڏھن ڪيڏانهن تہ ڪڏھن ڪيڏانهن گھمندو ڦرندو رھيو. سائيڪاڪوءَ شاعري پندرهن سالن جي عمر ۾ شروع ڪئي ھئي ۽ ھائيڪائي شاعريءَ جي دنيا ۾  ھو وڏي ڳالھ سمجھيو ويو. [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جپان رس