زينون
زينون 54Xe | |
|---|---|
| Xenon | |
| علامت | Xe |
| ايٽمي انگ (Z) | 54 |
| ايٽمي وزن (A) | 131.29 |
| گروپ | 18 (نوبل گئس) |
| سيريز | 5 |
| بلاڪ | block-p |
| اليڪٽران جي ترتيب | Kr + 4d10 5s2 5p6 |
| اليڪٽران في شيل | 2,8,18,18,8 |
| ايٽمي ريڊيس | 140±9 پيڪو ميٽر |
| آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) | پهرين:1170.4 ٻين: 2046.4 |
| آڪسائيڊيشن نمبر | عام: +8، 0، +6،+4،+2 |
| گھاٽائي (STP تي) | 5.894 گرام في ليٽر |
| حالت (STP تي) | گئس |
| وجود | شروع کان |
| حڪومت طبيعي خاصيتون | |
| • طرز | نوبل گئس |
| • اُبلڻ جو نقطو | 165.051°K C°(108.099-) |
| • پگھلڻ جو نقطو | 161.40°K C°(111.75-) |
| • خاص گرميء گنجائش | 21.01 ڪلو جول/(مول.ڪيلون) |
| • پگھرائڻ لاء حرارت | 2.27 ڪلو جول في مول |
| • ٻاڦ جي حرارت | 12.64 ڪلو جول في مول |
زينون (Xenon) هڪ ڪيميائي تت آهي، ان جو نشان "Xe" ۽ ايٽمي نمبر (Z) "54" آهي. اهو هڪ گهاٽو، بي رنگ ۽ بوءِ کان پاڪ نوبل گيس آهي جيڪو زمين جي ماحول ۾ تمام گهٽ مقدار ۾ ملي ٿو.[1] جيتوڻيڪ اهو عام طور تي غير رد عمل وارو (inert) آهي، پر ڪجهه رد عملن، جيهڙو کي زينون هيڪسا فلورو پلاٽينيٽ (پهريون نوبل گيس مرڪب جيڪو سنٿيسائز ڪيو ويو) جي ٺاهڻ ۾ ڪيميائي رد عمل کان گذرندو آهي.[2][3]
زينون فليش ليمپ ۽ آرڪ ليمپ ۾ ۽ سرجري دوران، مريض کي بي هوش ڪرڻ لاء هڪ عام انيسٿيٽڪ طور به استعمال ڪيو ويندو آهي.[4] پهرين زائمر ليزر ڊيزائن (Ximer Laser Design) ۾ هڪ ڊائمر زينون ماليڪيول (Xe2) کي وچولي طور استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته ابتدائي ليزر ڊيزائنن ۾ زينون فليش ليمپ کي پمپ طور استعمال ڪيو ويندو هو. زينون کي فرضي ڪمزور رد عمل واري وڏي ذرڙن جي ڳولا[5] ۽ خلائي جهاز ۾ آئن ٿرسٽرز کي اڳ وڌائڻ لاء، پروپيلنٽ طور به استعمال ڪيو ويندو آهي.
قدرتي طور تي موجود، زينون جا ست مستحڪم آئسوٽوپس ۽ ٻه ڊگهي عرصي تائين رهندڙ ريڊيو ايڪٽو آئسوٽوپس آهن. 40 کان وڌيڪ غير مستحڪم زينون آئسوٽوپس ريڊيو ايڪٽوپس جي زوال پذيري (decay) مان گذرن ٿا. زينون جي آئسوٽوپن جو هي تناسب شمسي نظام جي شروعاتي تاريخ جي مطالعي لاءِ هڪ اهم اوزار آهي. ريڊيو ايڪٽو زينون-135، آئيوڊين-135 (ايٽمي ڀنج جي پيداوار) جي بيٽا زوال (decay) ذريعي پيدا ٿئي ٿو. اهو ايٽمي ري ايڪٽرن ۾ سڀ کان اهم، پر هڪ مرحلي تي ناپسنديده، نيوٽرانن جو جاذب آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Xenon". Columbia Electronic Encyclopedia (6th ڇاپو). Columbia University Press. 2007. October 23, 2007 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Husted, Robert; Boorman, Mollie (December 15, 2003). "Xenon". Los Alamos National Laboratory, Chemical Division. September 26, 2007 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rabinovich, Viktor Abramovich; Vasserman, A. A.; Nedostup, V. I.; Veksler, L. S. (1988). Thermophysical properties of neon, argon, krypton, and xenon. National Standard Reference Data Service of the USSR. جلد 10. Washington, DC: Hemisphere Publishing Corp. Bibcode:1988wdch...10.....R. ISBN 0-89116-675-0.
{{cite book}}:|journal=ignored (مدد) - ↑ Sanders, Robert D.; Ma, Daqing; Maze, Mervyn (2005). "Xenon: elemental anaesthesia in clinical practice". British Medical Bulletin 71 (1): 115–35. doi:. PMID 15728132.
- ↑ Ball, Philip (May 1, 2002). "Xenon outs WIMPs". Nature. doi:. http://www.nature.com/news/2002/020429/full/news020429-6.html. Retrieved October 8, 2007.
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with no map
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- CS1 errors: periodical ignored
- ڪيميائي تت
- نوبل گيسون