مواد ڏانھن هلو

زيد بن حارثه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زيد بن حارثه
زيد بن حارثة

رضي الله تعالٰي عنه

مسجد نبوي، مدينه منوره ۾ هڪ جاء تي سيدنا زيد بن حارثه رضي الله تعالٰي عنه جو نالو اسلامي خطاطي ۾ لکيل
پيدائش زيد بن حارثة الكلبي
43 قبل هجري
581 عيسوي (اندازو)
نجد، عربستان (موجوده سعودي عرب)
وفات سال 8 هجري، بمطابق سيپٽمبر 630ع (عمر 49 سال)
موته، بازنطيني سلطنت (موجوده اردن)
وفات جو ڪارڻ موته جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويا
مدفن المزار، موته،  اردن
ٻيا نالا ابو اسامه
بُڻ بُڻياد عرب
شھرت جو ڪارڻ حِبّ رسول الله، محمد صلي الله عليه وسلم جا صحابي ۽ گود ورتل پٽ
مشھور ڪم جنگيون جن ۾ حصو ورتو:
مذھب اسلام
جيون ساٿي * درة بنت ابو لھب
  • ام ايمن
  • ھند بنت العوام
  • زينب بنت جحش
  • ام ڪلثوم بنت عقبه
  • هميمه بنت سيفي
ٻار ٻچا * اسامه بن زيد (پٽ)
  • زيد بن زيد (پٽ)
  • رقيه بنت زيد (نياڻي)
ماءُپيءُ * حارثه بن شراحيل (پيءُ)
  • سوده بنت ثعلبه (ماءُ)
رشتيدار جبلة بن حارثة (ڀاء)

زيد بن حارثه (عربي: زيد بن حارثة الكلبي؛ 581-629 ع)، هڪ ابتدائي مسلمان (سابقون الاولين) صحابي ۽ پيغمبر محمد صلي الله عليه وسلم جا گود ورتل پٽ هئا. عام طور تي کيس سيده خديجه، حضرت علي مرتضی ۽ ابوبڪر صديق کان پوءِ اسلام قبول ڪندڙ چوٿون شخص سمجهيو ويندو آهي. زيد بن حارثه هڪ غلام هئا، جنهن کي حڪيم بن حزام (بي بي خديجه جو ڀائٽيو) عڪاز جي بازار مان ان لاءِ خريد ڪيو، [1] پوءِ زيد بن حارثه سندس ۽ محمد صلي الله عليه وسلم جا ورتل پٽ ۽ گهر وارن جو حصو بڻجي ويا. نبي محمد صلي الله عليه وسلم انهن کي ايترو پيار ۽ مان ڏنو ته ٻين انهن کي زيد بن محمد جي نالي سان سڏائڻ لڳا، جيڪا پوء قرآن جي هڪ آيت سان واضح ڪيو ويو ته گود ورتل پٽ خوني رشتو نه آهي ۽ انهن کي سندس حقيقي پيءُ يعني حارثه جي نالي سان سڏايو وڃي.

زيد رضي الله عنه شروعاتي مسلمان فوج ۾ ڪمانڊر هئا ۽ پيغمبر محمد صلي الله عليه وسلم جي حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي شروعاتي فوجي مهمن جي اڳواڻي ڪئي. زيد سيپٽمبر 629 عيسوي ۾ پنهنجي آخري مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ بازنطيني شهر بصريٰ (شام جو هڪ شهر) تي حملو ڪرڻ لاءِ نڪتا. بهرحال، مسلم فوج کي بازنطيني فوجن روڪي ڇڏيو. زيد بن حارثه پوء هڪ ٻئي مهم، موته جي جنگ ۾ لشڪر جي اڳواڻي ڪندي، شهيد ٿئي ويا.

ننڍپڻ

[سنواريو]

غلامي

[سنواريو]

مڪي ۾ زندگي

[سنواريو]

اسلام قبول ڪرڻ

[سنواريو]

هجرت

[سنواريو]

شاديون ۽ ٻار

[سنواريو]

فوجي مهمون

[سنواريو]

موته جي جنگ ۽ شهادت

[سنواريو]

خانداني شجرو

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:اسلام

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Muhammad ibn Sa'd. Kitab al-Tabaqat al-Kabir. Translated by Bewley, A. (2013). Volume 3: The Companions of Badr. London: Ta-Ha Publishers.