زمين ۽ پاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زمين يا ڌرتيءَ تي، اسان هي جيڪو پاڻي ڏسون ٿا، اهو ان جي ٺهڻ وقت نه هو. سائنسدانن جي خيال ۾ ڌرتيءَ تي موجود پاڻي اصل ۾ پُڇڙ تارن ۽ سيارچن جي ڌرتيءَ سان ٽڪرائڻ جي ذريعي آيو هو. ان وقت جڏهن سج منڊل (نظام شمسي) اڄ کان 4.6 ارب سال پهرين وجود ۾ آيو هو. تڏهن پاڻي جا ذرا ان دوڙ ۽ پٿرن جي واچوڙي ۾ موجود هئا. پر زمين جي گرمي پد وڌيل هئڻ سبب پاڻي بخار ٿي مٿي هليو ويندو هو. ان دوران ايندڙ 70 ڪروڙ سالن تائين اسان جي هن گرهه يا ڌرتيءَ تي پُڇڙ تارن ۽ سيارچن جو وسڪارو ٿيندو رهيو. ڌرتي سان ٽڪرائڻ وارن يا وسڻ وارن پُڇڙ تارن ۽ سيارچن ۾ برف موجود هئي، جيڪا پوءِ رجي پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪري وئي. [1]