زبور

| اسلام تي مضمونن جو سلسلو |
| اسلام |
|---|
زبور (عربي: ٱلزَّبُورِ؛ انگريزي: Psalm in Islam) اسلامي روايتن جي مطابق، حضرت داؤد عليہ السلام کي ڏنل مقدس ڪتاب آهي، جيڪا قرآن کان اڳ الله پاران نازل ڪيل بئين ڪتابن، توريت (Torah) ۽ انجيل (Gospel) سان گڏ، هڪ مقدس ڪتاب آهي. اسلامي روايت جي مطابق، قرآن ۾ ذڪر ڪيل زبور، هاڻ بائبل جي قديم عهدنامي ۾ موجود، داؤد عليہ السلام جي زبور (Psalm) جي طور آهي.[1]
اسلام کان اڳ واري عرب جا عيسائي راهب ۽ صوفي شايد اسلام کان اڳ واري عربي شاعري ۾ "مزمور" نالي متن سان لاڳاپيل ٻين حوالن، جهڙوڪ "زبور جي پنن واري دستاويزن" (Palmleaf Psalm) جو حوالو ڏئي سگهن ٿا.[2] ڪجهه اسڪالر هن کي زبور جي ٻئي نالي، (Psalters) جي حوالي سان تعبير ڪيو آهي.[3]
وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪيترن ئي عيسائي برادرين ۾، لفظ "مزمور" (اردو:مزمور؛ هندي:ज़बूर) عبراني بائيبل جي ڀاگي، "دائود جي زبور" (Psalm of David) لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.
قرآن ۾ پندرهين سپاري جي سورت بني اسرائيل ۾ هن طرح آيو آهي:[4]
"وَرَبُّكَ أَعْلَمُ بِمَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَقَدْ فَضَّلْنَا بَعْضَ النَّبِيِّينَ عَلَى بَعْضٍ وَآتَيْنَا دَاوُدَ زَبُورًا" (سورة الإسراء)
هڪ حديث، جنهن کي امام بخاري صحيح جو درجو ڏنو آهي، جي مطابق:
"حضرت ابو هريره رضي الله تعالٰي عنه کان روايت آهي، ته رسول الله ﷺ فرمايا، دائود عليه السلام لاءِ زبور پڙهڻ آسان ڪيو ويو هو. هنن سندس سواري تي زين چاڙهڻ وقت زبور جي تلاوت شروع ڪندا هئا ۽ زين چاڙهيا وڃڻ کان پهرين ئي، زبور جي تلاوت ختم ڪندا هئا ۽ هنن پنهنجي هٿ جي ڪمائي کان سواءِ ڪڏهن به نه کائيندا هئا." (صحيح البخاري: 4:55:628)
حوالا
[سنواريو]- ↑ Kolodziejczyk, Dariusz (2011). The Crimean Khanate and Poland-Lithuania: International Diplomacy on the European Periphery (15th-18th Century). A Study of Peace Treaties Followed by Annotated Documents. BRILL. p. 397. ISBN 978-90-04-19190-7. https://books.google.com/books?id=FHrTxHmegRYC&pg=PA397.
- ↑ Horovitz, Josef (1999), "mazmour", ۾ Bearman, P. J., Encyclopedia of Islam XI (2nd ڇاپو), Leiden: Brill, صص: 372–373۔
- ↑ Shahîd, Irfan (1989). Byzantium and the Arabs in the Fifth Century. Dumbarton Oaks. p. 520. ISBN 978-0-88402-152-0.
- ↑ القرآن الكريم، سورة الإسراء.