رگ ويد
رگ ويد (انگريزي ٻولي: Rigveda؛ (Sanskrit:ऋग्वेद) رگ جي معني آھي: تعريف، چمڪ[1] ءويدا جي معني آهي: ڄاڻ. هزارين سال اڳ سنڌو درياهه جي ڪناري تي لکيل مذهبي رچنائن جي چئن مجموعن: ”رگ ويد“، ”سام ويد“، ”يجر ويد“ ۽ ”اٿر ويد“ مان پهريون مجموعو آهي. رگ ويد ۾ ڏھ هزار منتر يا مناجاتي گيت آهن. اهو ويد مڪمل نظم جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ هندن جي خدائن جي تعريف ۽ بزرگيءَ متعلق گيت جمع ڪيا ويا آهن ۽ ديوتائن کي مخاطب ڪري کانئن دعائون طلب ڪيون ويون آهن. رگ ويد باقي سڀني ويدن ۾ سڀ کان پراڻو آهي. هن ويد ۾ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جو ذڪر پڻ ملي ٿو.[2]

رڳ ويد يا رگ ويد (Ragg Ved or Rug Veda) سناتن ڌرم يا هندو ڌرم جو حصو آهي. اٿر ويد چئن ويدن مان آخري يعني چوٿون ويد. آڳاٽي ۾ آڳاٽو رگ ويد، اُن کان پوءِ يجر ويد ۽ سام ويد، اهم ڌرمي گرنٿ آهن. جڏهن ته چوٿون نمبر اٿر ويد پوئين دور جو ويد آهي، جنهن ۾ ٽوڻا ڦيڻا ۽ منتر شامل آهن.
رڳ ويد مقدس ۾ بيان ڪيل آهي ته،
سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،
رٿئن ۾ شاهوڪار، ڪپڙن ۾ شاهوڪار،
عاليشان هيرن جواهرن ۾ شاهوڪار،
کائڻ پيڻ ۾ شاهوڪار ۽
هن سنڌو جا ڪپر سُرهن گلن سان ڀريا پيا آهن.
(رڳ ويد، منڊل 10)
رگ ويد جي ٻولي ۽ پارسين جي زنداوستا جي ٻولي هڪ ٻئي کي بلڪل ويجهيون آهن. زنداوستا گهڻو پوءِ جو لکيل آهي ۽ ان جي ٻولي ڪيتريقدر قديم پارسيءَ جهڙي آهي.[5]
رگويد جا گيت
[سنواريو]رِگ ويد جا حمديہ گيت قديم ترين زماني ۾ به قديم هندستانين جي تهذيب، رهڻي ڪهڻي، هنر، صنعتن، جنگين ۽ فتوحات جي هڪ وفادار تصوير محفوظ ڪن ٿا. رِگ ويد ۾ هزار کان وڌيڪ گيت شامل آهن، جيڪي فطرت جي ديوتائن کي مخاطب ڪري چيا ويا آهن، جهڙوڪ اگني (باهه)، اندر (مينهن جو ديوتا)، ورڻ (آسمان)، سَوِتا (سج) ۽ مروت (طوفاني هوائون) وغيره<[6]. جيتوڻيڪ عبادت فطرت جي قوتن ڏانهن ڪئي ويندي هئي، قديم هندستانين کي اها سمجهه هئي ته اهي سڀ قوتون هڪ ئي اعليٰ خدا سان وابسته آهن. رِگ ويد ۾ چيو ويو آهي:
"هو هڪ آهي، جيتوڻيڪ کيس ڪيترن ديوتائن جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو."
رگويد ۾ پنجاب جي دريائن جو بار بار ذڪر ملي ٿو، جن کي گڏيل طور تي سپت سنڌو چيو ويو آهي، جن مان پهريون سنڌو (انڊس) ۽ آخري سرسوتي درياهه آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته آريه نسل جي ماڻهن جي ابتدائي آبادڪاري انهن ٻن دريائن جي وچ واري علائقي ۾ ٿي هئي[6].
۔
رگ ويد ۾ سنڌ ۾ آيل زلزلن جو ذڪر
[سنواريو]رگ ويد ۾ سپت سنڌو (Sapat Sindhu) (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن واري ملڪ) جو ذڪر آهي، تنهن ۾ سنڌ جي حدن جو ذڪر نه ٿو ملي. رگ ويد جي منڊل 2، سوڪت 17 ۾ ڏهڪائيندڙ زلزلن جو ذڪر آهي، جن انهيءَ وقت ۾ ئي ملڪ جي طبعي صورت ۾ ڦيرو پئي آندو. رگ ويد کانپوءِ جي احوالن مان به ائين ظاهر آهي ته وقت بوقت زلزلن ۽ سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين ڪيئن ساوا پاسا سُڃا، ۽ سڃا پاسا ساوا ڪيا آهن. سنه 962ع ۾ اهڙو هڪ زلزلو آيو، جنهن بکر وارا ٽَڪَر به ٽوڙي ڇڏيا، ۽ الور ۽ ٻيا ڪيترا آباد شهر ويران ٿي ويا. سنڌونديءَ، جا الور واري ٽڪريءَ جي بنهه هيٺان وهندي هئي، تنهن پنهنجو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو. پڇاڙيءَ وارو زلزلو 1819ع ۾ ٿيو، جنهن سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جي طبعي صورت ڦيرائي ڇڏي، ۽ ڪڇ جو رڻ، جنهن مان اڳي درياهه وهندو هو، ۽ راحموڪي بازار (Raahmoki Baazaar)، سنڌڙي ۽ ٻيا بندر به اُتي هئا، تن به پنهنجي سهڻي صورت ڦيرائي، ۽ برپٽ ٿي پيو.[7]
حوالا
[سنواريو]- ↑ derived from the root ṛc praise", cf. Dhātupātha 28.19. Monier-Williams translates "a Veda of Praise or Hymn-Veda"
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ رگ وید - آزاد دائرۃ المعارف، ویکیپیڈیا
- ↑ بربادی انڈس ڈیلٹا کا مقدر کیوں بنی؟ - Pakistan - Dawn News
- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)} - 1 2 A Brief History of Ancient and Modern India, by:Romesh Chunder Dutt, Calcutta, 1908, page 3
- ↑ قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 29 آڪٽوبر 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 مارچ 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)