رگبي فٽبال
| فائل:Rugby ball on grass.jpg رگبي ۾ استعمال ٿيندڙ بيضوي شڪل جو بال | |
| راند | ورلڊ رگبي (رگبي يونين) انٽرنيشنل رگبي ليگ (رگبي ليگ) |
|---|---|
| رانديگرن جو تعداد | 1845 (پهريون ڀيرو قاعدا لکيا ويا) |
رگبي فٽبال (Rugby football) فٽبال جي هڪ قسم آهي، جيڪا ٽيم جي صورت ۾ کيڏي ويندڙ راند آهي. هيءَ راند اوڻويهين صديءَ ۾ انگلستان ۾ پروان چڙهي. رگبي اصل ۾ "رگبي يونين" ۽ "رگبي ليگ" جو گڏيل نالو آهي.
تاريخ
[سنواريو]رگبي فٽبال جي شروعات واروڪشائر، انگلستان جي رگبي اسڪول (Rugby School) مان ٿي، جتي 1845ع ۾ پهريون ڀيرو ان جا قاعدا ۽ قانون لکيا ويا. فٽبال جا اهڙا قسم جنهن ۾ بال کي هٿ ۾ کڻي ڊوڙڻ يا اڇلائڻ شامل هو، وچين دور کان موجود هئا (ڏسو: قرون وسطيٰ واري فٽبال). رگبي فٽبال قديم پبلڪ اسڪولن جي فٽبال مان هڪ آهي. 19هين صديءَ جي وچ ڌاري انگلستان ۾ رڳو انهن فٽبال قسمن کي سماجي مڃتا ملي جيڪي پبلڪ اسڪولن ۾ واضح قاعدن سان کيڏيا ويندا هئا. رگبي واحد راند هئي جيڪا اسڪولن کان ٻاهر به مقبول ٿي سگهي، ان ڪري هيءَ راند برطانوي سلطنت جي ٻين اسڪولن ۽ علائقن ۾ تيزي سان پکڙجي وئي.
ورهاست (رگبي ليگ ۽ رگبي يونين)
[سنواريو]1895ع ۾ رگبي فٽبال ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. جڏهن اتر انگلستان جي 21 ڪلبن "رگبي فٽبال يونين" کان الڳ ٿي "ناردرن رگبي فٽبال يونين" (جنهن کي 1922ع ۾ رگبي فٽبال ليگ جو نالو ڏنو ويو) قائم ڪئي. هيءَ علحدگي هڊرز فيلڊ جي جارج هوٽل ۾ ٿي، جنهن جو بنيادي سبب رانديگرن کي ڪم تان موڪل وٺڻ تي معاوضي جي ادائيگي (Broken-time payments) جو تڪرار هو. اهڙي طرح رگبي ليگ پيشيور (Professional) رانديگرن کي معاوضو ڏيندڙ پهرين فٽبال ڪوڊ بڻجي وئي. رگبي يونين ان جي 100 سالن کانپوءِ 1995ع ۾ پيشيور رانديگرن جي اجازت ڏني.
رگبي يونين جي انتظامي معاملن کي ورلڊ رگبي (World Rugby) ۽ رگبي ليگ کي انٽرنيشنل رگبي ليگ (International Rugby League) هلائيندي آهي.
ٻيون صورتون
[سنواريو]ڪينيڊين فٽبال ۽ آمريڪي فٽبال کي ڪنهن زماني ۾ رگبي فٽبال جي ئي صورت سمجهيو ويندو هو، پر قاعدن ۾ وڏين تبديلين کانپوءِ هاڻي اهي الڳ رانديون آهن. تنهن هوندي به انهن جي اسڪورنگ سسٽم ۽ اصطلاحن ۾ اڃا تائين رگبي جا اثر نظر اچن ٿا. ڪينيڊين فٽبال جي تنظيم "فٽبال ڪينيڊا" کي 1967ع تائين "ڪينيڊين رگبي يونين" چيو ويندو هو.