رپيو

رپيو يا روپيو (Rupee) ڀارت، موريتانيا، نيپال، پاڪستان، سيشلز ۽ سريلنڪا جي ڪرنسين جو گڏيل نالو آهي. ان کان علاوه هي افغانستان، بحرين، ڪويت، عمان، گڏيل عرب امارات، برطانوي اوڀر آفريڪا، برما، جرمن اوڀر آفريڪا ۽ تبيت جي اڳوڻي ڪرنسي پڻ رهي چڪو آهي. انڊونيشيا ۽ مالديپ ۾ ڪرنسي جي اڪائي کي بالترتيب روپيه (rupiah) ۽ روفييا (rufiyaa) چيو ويندو آهي، جيڪي رپيو لفظ جا ئي هم معنيٰ آهن.
ڀارتي رپئي ۽ پاڪستاني رپئي کي هڪ سو پئسن ۾ ورهايو ويو آهي. نيپالي رپيو پڻ هڪ سو پئسن يا چئن سوڪا (sukaa) ۾ ورهايل آهي. جڏهن ته موريتانيا، سيشلز ۽ سريلنڪن رپيا 100 سينٽس (cents) ۾ ورهايل آهن.
اشتقاق (Etymology)
[سنواريو]هندستاني لفظ روپيا (رپيا) سنسڪرت جي لفظ روپيا (روپيه) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي "گھڙيل چاندي يا چاندي جو سڪو".[1] هي بنيادي طور تي صفت طور استعمال ٿيندو هو جنهن جي معنيٰ آهي "سهڻي شڪل وارو" يا "مهر لڳل". هي لفظ بنيادي لفظ روپا (روپ) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي "شڪل يا تصوير".
تاريخ
[سنواريو]
روپئي جي تاريخ قديم هندستان (اٽڪل 3 صدي قبل مسيح) سان وڃي ملي ٿي. قديم هندستان دنيا ۾ سڪا جاري ڪندڙ اوائلي خطن مان هڪ هو.[2] لفظ روپيا چاندي جي سڪي لاءِ سنسڪرت اصطلاح آهي.[3]
چاڻڪيا پاران لکيل ارٿ شاستر ۾ چاندي جي سڪن کي روپياروپا جي نالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي. سون (روپيا سورنا)، ٽامي (تامرا روپا) ۽ سيسي (سيسا روپا) جي سڪن جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
1540 کان 1545 تائين پنهنجي حڪومت دوران، شير شاهه سوري هڪ نئون انتظامي نظام قائم ڪيو ۽ چاندي جو سڪو جاري ڪيو جنهن جو وزن 178 گرين هو، جنهن کي پڻ روپيا سڏيو ويو.[4] هن تانبي جا سڪا پڻ متعارف ڪرايا جن کي دم چيو ويندو هو. مغل سلطنت جي دور ۾ پڻ رپئي جو استعمال ساڳي معيار ۽ وزن سان جاري رهيو.
برطانوي راڄ دوران، 1835 جي ڪوائنيج ايڪٽ سڄي هندستان ۾ هڪ جهڙي ڪرنسي متعارف ڪرائي. 1947 ۾ آزاديءَ تائين هي نظام مختلف تبديلين سان جاري رهيو. آزاديءَ کانپوءِ هندستان ۽ پاڪستان پنهنجا پنهنجا روپيا جاري ڪيا.
اوڀر آفريڪا ۽ عربستان
[سنواريو]اوڀر آفريڪا، عربستان ۽ ميسوپوٽيميا جي مختلف علائقن ۾ پڻ مختلف وقتن تي رپيو گردش ۾ رهيو. هندستاني رپيو 1959 تائين دبئي ۽ قطر جي سرڪاري ڪرنسي هئي، جنهن کانپوءِ هندستان سون جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ "گلف رپيو" متعارف ڪرايو.[5] هي 1966 تائين قانوني طور تي هلندو رهيو.
اڪائيون (Denominations)
[سنواريو]اصل چاندي جو رپيو 16 آنن (annas)، 64 پئسن، يا 192 پائين (pies) ۾ ورهايل هوندو هو. هندستان ۾ 1957 ۽ پاڪستان ۾ 1961 ۾ اعشاريه نظام (Decimalisation) متعارف ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ هڪ رپئي کي 100 پئسن ۾ ورهايو ويو.
رپئي لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ علامت "₨" آهي. هندستان 15 جولاءِ 2010 تي پنهنجي رپئي لاءِ نئين علامت (
) اختيار ڪئي.
بنگالي ۽ آسامي ٻولين ۾ رپئي کي "ٽڪا" (Taka) چيو ويندو آهي، جيڪو هندستاني بئنڪ نوٽن تي پڻ لکيل هوندو آهي. بنگلاديش آزاديءَ کانپوءِ 1971 ۾ پنهنجي ڪرنسي جو سرڪاري نالو "ٽڪا" (BDT) رکيو.
هندستان ۾ ڪرنسي جاري ڪرڻ جو اختيار رزرو بئنڪ آف انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ آهي.
علامت
[سنواريو]علامت سانچو:Char ڀارتي رپئي جي نشاني آهي. جڏهن ته علامت سانچو:Char پاڪستان، سريلنڪا، نيپال، موريتانيا ۽ سيشلز ۾ استعمال ٿيندي آهي. نيپالي رپئي کي سانچو:Char سان پڻ ظاهر ڪيو ويندو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Etymology of rupee". etymonline.com. 20 September 2008. 20 September 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Subodh Kapoor (January 2002). The Indian encyclopaedia: biographical, historical, religious ..., Volume 6. Cosmo Publications. p. 1599. ISBN 81-7755-257-0. https://books.google.com/books?id=q5ZM0nZXZEkC&pg=PA1599.
- ↑ Turner, Sir Ralph Lilley (1985). "A Comparative Dictionary of the Indo-Aryan Languages". Digital South Asia Library. 26 August 2010 تي حاصل ڪيل.
rū'pya 10805 rū'pya 'beautiful, bearing a stamp' ; 'silver'
- ↑ etymonline.com (20 September 2008). "Etymology of rupee". 20 September 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Richard F. Nyrop (2008). Area Handbook for the Persian Gulf States. Wildside Press. ISBN 978-1-4344-6210-7. https://books.google.com/books?id=BPX0h_wbFtEC.