رُٿ فائو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمني جي شهر Leipzig ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

جرمن ڊاڪٽر رُٿ فائو (Dr. Ruth Pfau) هڪ عام ڊاڪٽر ۽ هڪ عام انسان کان گهڻو مٿي درجو رکي ٿي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا 55 سال ڪراچي, سنڌ ۾ رهي، هن مُلڪ مان ڪوڙهه (Leprosy) جي مرض ختم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. رُٿ فائو ننڍي هوندي کان ئي ڏُکيا ڏينهن ڏٺا، جڏهن هن جي اباڻي علائقي تي فوج جي حملي سبب سندس خاندان کي دربدر ٿيڻو پيو. زندگيءَ جي ڏکيائين سان جهيڙيندي هي جڏهن وڏي ٿي ته طب جي تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿي وئي. 1955ع ۾ پاڻ کي مُڪمل سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪرڻ لاءِ سسٽر Nun (عيسائي ڌرم ۾ شادي نه ڪري چرچ يا فلاحي ڪمن کي ڏيئي زندگي وقف ڪندڙ) ٿي وئي. پاڻ 1956ع ۾ Daughters of the Heart of Marry ۾ شامل ٿي، جيڪو فرانس ۾ هڪ ”آرڊر“ ٺهيو هو. ان سلسلي ۾ کيس انڊيا وڃڻو هو ۽ ويزا جي مسئلي سبب کيس صلاح ڏني وئي ته هو پهريان ڪراچي وڃي اُتان ويزا آساني سان ملي ويندس. ڪراچي اچي جڏهن هو پاڻ جهڙي ميڪسيڪن سسٽر ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ فارماسسٽ بيرنس سان ملي ته هن جي زندگيءَ جو مقصد ئي بدلجي ويو. بيرنس کيس ٻُڌايو ته هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي رهائش واري علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي جن جي حالت صفا خراب آهي. جڏهن ڊاڪٽر رُٿ فائو وڃي ڏٺو ته هو اهو عزم ڪرڻ کان رهي نه سگهي ته انهن مريضن لاءِ ڪم ڪبو. هُن نه رڳو پاڪستان پر افغانستان تائين ڪم ڪيو ۽ کيس پاڪستان جي نيشنلٽي سان گڏ ڪيئي قومي ايوارڊ پڻ مليا. سندس هاڻي واري هاسپٽل تي ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALI) ريگل چونڪ ڪراچي ۾ آهي. سندس اسپتال جي اسٽاف ۾ گهڻا ئي سنڌي به آهن.“

ٻي عالمي جنگ[سنواريو]

عالمي جنگ کانپوءِ جرمني جڏهن جرمني ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ته ڊاڪٽر رُٿ، اوڀر جرمني مان اولهه جرمنيءَ ۾ آئي ۽ اتي صحت جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. [1] [2]

ڊاڪٽر رُٿ فائو جا ويچار[سنواريو]

سندس چوڻ هئو ته سنڌ جو شهر ڪراچي هڪ عجيب شهر آهي. اڄ هن شهر لاءِ ڪُجهه چوان ته سڀاڻي اُهو سچ نه هوندو. آءُ ماضي جي غير يقيني ۽ تڪڙين تبديلين کي ڏِسان ٿي ته اڄ ڪا به راءِ نه ٿي ڏيئي سگهان ڇو ته سڀاڻي اُن تي ڪو به يقين ڪندو اها پڪ نه اٿم. رڳو اهو سو ضرور چونديس ته هن شهر ۾ پائيدار امن جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪو به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. ڏک آهي ته ليڊرشپ صحيح ناهي. هن مُلڪ جي سرڪار سان گڏ هلڻ ڪم ڪرڻ يا ڪا وڏي اُميد رکڻ ڏاڍي ڏُکي آهي. عوام ان ڌوڪي ۾ آهي ته اها سڀ ڌارين جي سازش آهي، جڏهن ته ايئن ناهي. مُلڪ جي غير يقيني صورتِحال جو سبب هتان جا حُڪمران آهن ٻيو ڪو به نه.

ڊاڪٽر رُٿ جا سنڌ جي عورتن جي باري ۾ ويچار[سنواريو]

ڊاڪٽر رُٿ فائو جو چوڻ هئو ته هتان جي عورتن ۾ ڏاڍيون صلاحتيون آهن، پر سندن ڀائر ۽ مُڙس ئي انهن لاءِ رُڪاوٽ آهن. اُهي نه ٿا چاهين ته عورتون ساڻن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪم ڪن. ڪُجهه وري هتي سماجي ۽ سياسي مسئلا پڻ آهن. حالتن جو به عمل دخل آهي. هن ٻڌايو ته سندس اسسٽنٽ ڪانتا جيڪا ٿر جي وارياسي علائقي مٺي سان تعلق رکي ٿي سا به ڏاڍي هوشيار آهي. ڊاڪٽر فائو چيو ته، آءُ سمجهان ٿي اُها منهنجي جاءِ تي ڪم ڪري سگهي ٿي. آءُ کيس پنهنجو مُتبادل سمجهان ٿي پر هو هتي نه ٿي رهي.

ڊاڪٽر رُٿ جي ڪوششن سان سنڌ ۽ پاڪستان مان ڪوڙهه جو خاتمو[سنواريو]

ڊاڪٽر رُٿ فائو چوندي هئي ته اسان جڏهن ڪم شروع ڪيو ته لڳو پئي ڪم ڏُکيو آهي. اُن جا وڏا داستان آهن اُن کي ڇڏيون ٿا قصو ڪوتاهه پر اڳتي هلي 1980ع ۾ WHO جي مدد سان هڪ ٻٽي علاج سان ڪوشش ڪئي ته ڪوڙهه ڪنٽرول ٿيڻ شروع ٿي ۽ اڳتي هلي اها مُڪمل ختم ٿي وئي. 1996 ۾ ته WHO به اهو اعلان ڪيو ته هاڻ پاڪستان ڪوڙهه کان پاڪ آهي.

پاڻ کي سُڃاڻو ۽ سمجهو. زندگيءَ جو ڪو مقصد ٺاهي ان کي پورو ڪيو[سنواريو]

ڊاڪٽر فائو چوندي هئي ته آئون اولهه مُلڪن ۾ ڏسان ٿي ته ماڻهن جي صلاحيتن کي پرکيو وڃي ٿو. هو ڇا ۽ ڪيئن ڪري سگهن ٿا اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان کان پوءِ کين راضي ڪري اهو ڪم وٺي فائدا ورتا وڃن ٿا. هتي سنڌ ۾ ظلم اهو آهي ته ٻيا ته ٺهيو پر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. هتان جي گهڻائي بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪم ۾ لڳل آهي. جڏهن ته وقت جي گهُرج آهي پنهنجي صلاحيتن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي. اوهان پاڻ کي ڏسو. پنهنجي صلاحيتن کي سمجهو. پوءِ زندگيءَ لاءِ هڪ چئلنج کڻي اُن کي پورو وقت ڏيو. ڏسو ته ڪيئن نه ٿي اچي تبديلي ۽ اوهان ڪيئن نه ٿا ڪامياب ٿيو. ”پاڻ کي سُڃاڻو ۽ سمجهو. زندگيءَ جو ڪو مقصد ٺاهي ان کي پورو ڪيو“. [3] [4] [5]

لاڏاڻو[سنواريو]

ڊاڪٽر رُٿ فائو 10 آگسٽ 1917ع تي 87 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي، سنڌ ۾ ديهانت ڪري وئي.[1]

حوالا[سنواريو]