ريوڪيو ٻيٽ
جاٻاني: 南西諸島 (نانسي شوتو) 琉球列島 (ريوڪيو-ريتو)[1] | |
|---|---|
ريوڪيو ٻيٽن جي جڳهه | |
| جاگرافي | |
| جڳھ | اوڀر چين سمنڊ ۽ فلپائن سمنڊ جي وچ ۾ حد تي |
| مقانيت | 26°30′N 127°54′E / 26.5°N 127.9°E |
| ٻيٽن جي جھرمٽ | جاپان |
| ڪُل ٻَيٽ | 100+ |
| مُک ٻَيٽ | امامي اوشيما اوڪيناوا ٻيٽ |
| ايراضي | 4٬642 km2 (1٬792 sq mi) |
| مٿاھون علائقو | 1,936 m (6,352 ft) |
| مٿاھين چوٽي | مائونٽ ميانورا |
| انتظاميا | |
| _خالي_ | |
| رهاڪن جو نالو | ريوڪيووان |
| آبادي | 15,50,161 (2005) |
| ٽائيم زون | جاپان جو معياري وقت (JST) (UTC+9) |
| پکيڙ | 4,642 چورس ڪلوميٽر |
ريوڪيو ٻيٽ (琉球列島، ريوڪيو ريتو)، جنهن کي نانسي ٻيٽ (南西諸島، نانسي شوتو؛ لفظي طور 'ڏکڻ اولهه ٻيٽ') يا ريوڪيو قوس (琉球弧، ريوڪيو-ڪو) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جاپاني ٻيٽن جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو ڪيوشو کان تائيوان تائين ڏکڻ اولهه ۾ پکڙيل آهي. ريوڪيو جا ٻيٽ ستسونان ٻيٽن، اوسومي، ٽوڪارا ۽ امامي ۽ اوڪيناوا پريفيڪچر جي ڊائيٽو، مياڪو، ياياما، سينڪاڪو ۽ اوڪيناوا ٻيٽ، ساڪيشيما جا ٻيٽ، جيڪا وڌيڪ مياڪو ۽ ياياما ٻيٽن ۾ ورهايل آهي ۽ سڀ کان اولهه ۾ يوناگوني ٻيٽ ۾ ورهايل آهن. وڏا ٻيٽ گهڻو ڪري آتش فشاني ٻيٽ آهن ۽ ننڍا گهڻو ڪري مرجان چٽانن وارا آهن. سڀ کان وڏو ٻيٽ اوڪيناوا آهي.
ٻيٽن جي آبهوا اتر ۾ نمي واري آبهوا (ڪوپن موسمياتي درجه بندي Cfa) کان وٺي ڏکڻ ۾ ٽراپيڪل برساتي ٻيلن جي آبهوا (ڪوپن موسمياتي درجه بندي Af) تائين آهي. [2] برسات تمام گهڻي ٿيندي آهي ۽ برسات جي موسم ۽ طوفانن کان متاثر ٿئي ٿي. ٻاهرين ڊائٽو ٻيٽن کانسواءِ، ٻيٽن جي سلسلن ۾، ٽوڪارا اسٽريٽ، ٽوڪارا ۽ امامي ٻيٽن جي وچ ۾ ۽ ڪيراما گيپ، اوڪيناوا ۽ مياڪو ٻيٽن جي وچ ۾، ٻه وڏيون ارضياتي حدون آهن. ٽوڪارا اسٽريٽ کان ٻاهر ٻيٽ جي خصوصيت انهن جي مرجاني چٽانون آهن.
ٻيٽن جي دور اتر ۾، اوسومي ۽ ٽوڪارا ٻيٽ، جاپان جي ڪيوشو علائقي جي ثقافتي دائري ۾ اچن ٿا، مقامي رهواسي جاپاني ٻولي جو ڪاگوشيما لهجي جا مختلف قسم ڳالهائين ٿا. امامي، اوڪيناوا، مياڪو ۽ ياياما ٻيٽن ۾ هڪ مقامي آبادي، جن کي مجموعي طور تي ريوڪيووان ماڻهو، اڳوڻي ريوڪيو بادشاهت (1429-1875) جي نالي، جيڪي انهن تي حڪومت ڪندي هئي، تي رکيو ويو، سڏيو ويندو آهي. روايتي طور هن ٻيٽن تي مختلف قسم جون ريوڪيوان ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. وڏي ٻيٽن جون پنهنجون الڳ ٻوليون آهن. جديد دور ۾، جاپاني ٻولي ٻيٽن جي بنيادي ٻولي رهي آهي، وڪيناوي جاپاني لهجي سان گڏ عام طور تي ڳالهائي ويندي آهي. ٻاهرين ڊائٽو ٻيٽ، ميجي دور تائين غيرآباد هئا، جيستائين انهن جي ترقي خاص طور، ٽوڪيو جي ڏکڻ ۾، ايزو ٻيٽ جي ماڻهن طرفان شروع نا ڪئي وئي. اتي جا ماڻهو هاچيجو ٻولي ڳالهائيندا آهن.
1951ع جي سان فرانسسڪو معاهدو، جن پئسفڪ جنگ جو خاتمو آندو، کانپوءِ ٻيٽ آمريڪا جي قبضي ۾ هئا. انهن کي 1971ع جي اوڪيناوا جي واپسي جي معاهدي تحت، چين سان سينڪاڪو ٻيٽن تي تڪرار ڪندي، جاپان واپس ڪيو ويو.
انتظامي طور تي، ٻيٽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ورهايل آهن. اتر ٻيٽ، جيڪي مجموعي طور تي ستسونان ٻيٽ سڏيا وڃن ٿا، ڪاگوشيما پريفيڪچر جو حصو آهن، خاص طور ڪاگوشيما ضلعو، ڪوماگي سب پريفيڪچر/ضلعو ۽ اوشيما سب پريفيڪچر/ضلعو). جڏهن ته زنجير جو ڏکڻ حصو اوڪيناوا پريفيڪچر ٺاهيندو آهي. ورهايل امامي ۽ اوڪيناوا ٻيٽن جي وچ ۾ آهي، ڊائيٽو ٻيٽ اوڪيناوا صوبي جو حصو آهن.
جاگرافي
[سنواريو]نالا ۽ حدون
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]آباديات
[سنواريو]ماحوليات
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- A Brief History of the Uchinanchu (Okinawans) آرڪائيو ڪيا ويا 2016-08-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- National Archives of Japan: Ryukyu Chuzano ryoshisha tojogyoretsu, scroll illustrating procession of Ryukyu emissary to Edo, Hōei 7 (1710)
- Historic maps in the Perry–Castañeda Library Map Collection by the Army Map Service, Ryukyu Retto 1:50,000 Series L791, 1943–1945
سانچو:Regions and administrative divisions of Japan سانچو:East Asian topics
- ↑ {{cite book |last=Tsuneyoshi |first=Ukita |title=Nihon-dai-chizuchō (Grand Atlas Japan) |publisher=Heibonsha |year=1993 |isbn=978-4-582-43402-6}
- ↑ "Climate of the Senkaku Islands (Climate Classification and Weather Conditions)", the opri center of island studies, 17 فيبروري 2015, اصل کان 11 جولاءِ 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 جولاءِ 2022۔
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox islands with conflicting parameters
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ريوڪيو ٻيٽ
- جاپاني ٻيٽن جو ميڙ
- سامونڊي ماحولياتي علائقا
- پئسفڪ سمنڊ ۾ ٻيٽن جا ميڙ
- زمرو:جاپان جا ماحولياتي علائقا