مواد ڏانھن هلو

رينگڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رينگِڻي:(انگريزي: Reengnni ) هن کي آڏيري به چئبو آهي. هي ٻوٽو فوٽ کن ڊگهو سخت ميداني زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جا پن ننڍا، چهنبدار ۽ ڦاڪن سان، مٿس ننڍڙا نرم ڪنڊا ٿيندا آهن. ڦل پهريائين سائو، پچڻ بعد وڏي ٻير جيڏو پيلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪارا ننڍا داڻا ٿيندا آهن. گهوڙن جي سرگيل بيماريءَ لاءِ فائديمند آهي. ماڻهو ڏاٺ ۽ ڪن جي سور لاءِ ٻج گهوٽي سنهو ٻورو ٽانڊي تي ڀُرڪائي دونهون ڏيندا آهن ته اندران جي لَٽون هونديون آهن، سي ٻاهر ڪِري پونديون آهن ۽ سور ختم ٿي ويندو آهي. هن کي ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو