ريسٽورنٽ
ڏيک

ريسٽورنٽ کاڌي پيتي جي لاءِ ھڪ ڪاروباري جڳھ ھوندي آھي جتي ماڻهو دوستن ۽ عزيزن سان گڏ فارغ وقت ۾ يا ڪنھن خاص موقعي جھڙوڪ جنم ڏينھن، ڀليڪار، الوداع، شادي، وغيرہ تي کاڌو پيتو کائڻ ويندا آھن. عام طور ريسٽورنٽن تي مختلف کاڌا پيش ڪيا ويندا آھن. جڏھن تہ خاص ريسٽورنٽ ڪنھن ملڪ يا علائقي يا کاڌي جو مخصوص قسم پنھنجن گراهڪن کي پيش ڪندا آھن. اھڙي طرح موسم جي حساب سان پڻ کاڌا پيتا بدلجندا رھندا آھن.