روي داس
ڀڳت يا گرو رويداس | |
|---|---|
![]() شري گرو رويداس | |
| ذاتی | |
| جنم | 1377[1][2] |
| وفات | 1520 (aged 142–143)[1][2] |
| مذھب | وئشنو هندو ڌرم |
| قابل ذڪر ڪم | رويداسي برادري جي بنياد |
| اعزاز | هڪ "گرو" طور عزت ڏنل ۽ گرو گرنٿ صاحب ۾ سندس ڀجن شامل۔ |
ڀڳت رويداس اتر هند ۾ پندرهين ۽ سورهين صدي دوران ڀڳتي تحريڪ سان لاڳاپيل هڪ روحاني شاعر سنت هئا۔[3][4] رويداس کي پنجاب، ڀارت، اتر پرديش، راجسٿان ۽ مهاراشٽر ۾ گرو طور مڃيو وڃي ٿو، جن جي شاعري ڀڳتي تحريڪ تي گهرو اثر وڌو۔ سابقه سک مت جي هڪ ٽولي طرفان کين ايڪيهين صدي ۾ وجود ۾ آيل مذهب رويداسيا مذهب جو باني پڻ سمجھيو وڃي ٿو۔[5]کيس اتر پرديش، راجسٿان، گجرات، مهاراشٽر، مڌيه پرديش ۽ خاص طور تي پنجاب، هريانا ۽ اولھ بنگال ۾ گرو طور پوڄيو وڃي ٿو۔ هي وئشنو شاعر-ساڌڪ، سماجي سڌارڪ ۽ روحاني شخصيت هيو۔
شروعاتي زندگي
[سنواريو]گرو رويداس جي جي زندگي بابت احوال غير يقيني ۽ اختلاف سان ڀرپور آهن۔ عالم چون ٿا ته هو لڳ ڀڳ 1450ع ۾ ڄائو۔
گرو رويداس جا ڀڳتي ڀرپور شبد گرو گرنٿ صاحب نالي سِک ڌرم جي مقدس گرنٿ ۾ شامل آهن۔[4][6] هندو ڌرم جي دادوپنٿي روايت جي پنج باني پڙهائي ۾ پڻ رويداس جون ڪيتريون ئي ڪويتائون ملن ٿيون۔[3] هن ورن ۽ جنس تي ٻڌل سماجي ورهاست کي ختم ڪرڻ جي سکيا ڏني ۽ ذاتي روحاني سڃاڻپ وسيلي ايڪتا جو پيغام ڏنو۔ ڪجهه عالمن موجب هو 1388ع ۾ ڄائو ۽ 1518ع ۾ وفات ڪيائين۔[1][7] گرو رويداس کي رايداس نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو۔[8] هو اتر پرديش جي وارانسي ڀرسان “سير گوورڌنپور” ڳوٺ ۾ ڄائو۔ هن جو جنم هنڌ هاڻي “شري گرو رويداس جنم اسٿان” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔ سندس ماءُ ڪلسان ۽ پيءُ سنتوک داس هئا۔[9] سندس والدين چمڙي جو ڪم ڪندڙ “چمار” برادري سان لاڳاپيل هئا، جنهن سبب کين سماج ۾ “اڇوتائي” واري هيٺئين ذات طور ڏٺو ويندو هو۔[3][4] جيتوڻيڪ سندس شروعاتي ڌنڌو چمڙي جو ڪم هو، پر هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو گنگا نديءَ جي ڪناري روحاني سادھنا ۾ گذاريو۔ پوءِ هن سُوفي فقيرن، سادهن ۽ تپسوين جي صحبت ۾ وقت گذاريو۔[9] اننت داس جي “پرچائي” لکڻي، جيڪا ڀڳتي تحريڪ جي شاعرن جي ابتدائي سوانح عمري سمجهي وڃي ٿي، رويداس جي جنم بابت بيان ڏئي ٿي۔[10] وچئين دور جي گرنٿن جهڙوڪ “ڀڪت مال” مان معلوم ٿئي ٿو ته رويداس برهمڻ ڀڳتي شاعر رامانند جا شِش هئا۔ کيس روايتي طور ڪبير جو همعصر پڻ سمجهيو وڃي ٿو۔[3] ڪجهه وچئين دور جي لکڻين موجب رويداس رامانند کان روحاني ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ رامانندي روايت جا پوئلڳ هئا۔ سندس شهرت سندس حياتيءَ ۾ ئي وڌي وئي۔ بيانن موجب برهمڻ به سندس اڳيان سر جهڪائيندا هئا۔[4] هن آندھرا پرديش، مهاراشٽر، گجرات، راجسٿان ۽ هماليه وارن هندو تيرٿن جو دورو ڪيو۔ هن پرم سچائي جي سگڻ روپ کي ڇڏي نرگڻ، يعني بي صورت ۽ بي وصف سچائيءَ تي ڌيان ڏنو۔[9] گهڻا عالم چون ٿا ته رويداس سِک ڌرم جي باني گرو نانڪ سان مليا هئا۔[4] سندس 41 ڪويتائون آدي گرنٿ ۾ شامل آهن، جيڪي سندس فڪر جو سڀ کان قديم ۽ تصديق ٿيل ذريعو آهن۔[3][4]
ادبي ڪم
[سنواريو]رويداس جي ڪويتائن جا قديم تصديق ٿيل ذريعا آدي گرنٿ ۽ دادوپنٿي روايت جي پنج باني آهن۔[3] آدي گرنٿ ۾ سندس چاليهه ڪويتائون شامل آهن ۽ هو سِک ڌرم جي اهم ڀڳتن مان هڪ آهن. سندس شاعريءَ ۾ نرگڻ ۽ سگڻ، برابري، ظلم خلاف آواز، ۽ اهڙي سڌريل سماج جو تصور ملي ٿو جتي ڪوبه پهرين يا ٽئين درجي جو شهري نه هجي۔
فڪر ۽ فلسفو
[سنواريو]رويداس جي گيتن ۾ نرگڻ-سگڻ موضوعن تي ڳالهايو ويو آهي، گڏوگڏ هندو ڌرم جي ناٿ يوگ روايت سان لاڳاپيل فڪري پهلو پڻ شامل آهن۔ هو “سهج” جي حالت جو ذڪر ڪن ٿا، جيڪا اهڙي روحاني حالت آهي جتي گهڻائي ۽ ايڪتا جو سچ گڏجي وڃي ٿو۔
رائيداس چوي ٿو، مان ڇا ڳايان؟
ڳائيندو ڳائيندو پاڻ هارائيان۔
ڪيترو بيان ڪريان؟
جڏهن پاڻ پاڻ ۾ سمايل آهي۔— رويداس
ڊيوڊ لورينزن موجب رويداس جي شاعري بيحد عشق ڀري ڀڳتي سان ڀريل آهي، جتي خدا کي نرگڻ روپ ۾ سمجهيو ويو آهي۔[11]
متضاد روايتون
[سنواريو]رويداس بابت ٻه وڏيون روايتون ملن ٿيون۔ سترهين صدي جي “ڀڪت مال” روايت ۾ رويداس کي ويدن سان هم آهنگ، غير دوئي فڪر رکندڙ ۽ سڀني سان برابر بحث ڪندڙ ڏيکاريو ويو آهي۔
ويھين صدي جي دلت روايتن ۾ کيس اهڙو شخص ڏيکاريو ويو آهي جنهن برهمڻيت ۽ ويدي روايتن جي مخالفت ڪئي، ذات پات خلاف آواز اٿاريو ۽ مورتي پوڄا کي رد ڪيو۔
گرو گرنٿ صاحب ۾ موجود سندس هڪ شبد اهڙي رسم پرستيءَ تي تنقيد ڪري ٿو:
جيڪو سٺي ۽ خراب عملن ۾ فرق ڪري،
ويد ۽ پراڻ ٻڌي، پر شڪ دل ۾ رهي،
ته ڪيئن پاڪ ٿيندو؟
— رويداس، گرو گرنٿ صاحب
تنهن هوندي به ياد رکڻ گهرجي ته سندس روحاني گرو رامانند برهمڻ هئا ۽ سندس مشهور شِشيا ميرابائي هڪ راجپوت راجڪماري هئي۔
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 سانچو:بڪ حوالو
- 1 2 سانچو:بڪ حوالو
- 1 2 3 4 5 6 James Lochtefeld (2002), The Illustrated Encyclopedia of Hinduism: N-Z, Rosen Publishing, ISBN 978-0-8239-3180-4, page 569
- 1 2 3 4 5 6 سانچو:حوالہ ویب
- ↑ "Punjab sect declares new religion". The Times of India. 1 February 2010.
- ↑ Callewaert and Friedlander, The Life and Works of Ravidass Ji, Manohar, Delhi, 1992, quoted in Gavin Flood, An Introduction to Hinduism, Cambridge 1996.
- ↑ سانچو:بڪ حوالو
- ↑ سانچو:ويب حوالو
- 1 2 3 سانچو:ويب حوالو
- ↑ سانچو:بڪ حوالو
- ↑ David Lorenzen (1995)...
