مواد ڏانھن هلو

رومي سونف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سؤنف رومي (نالا: عربي: انيسون، فارسي: باديان، ھندي، وغيره: رندلي، زيره رومي، برهليامن ۽ رازيانہ) سؤنف جي ٻج کان سنهو ميرانجهڙي رنگ تي ذائقي ۾ تيز هڪ ٻج آهي.

خاصيت: جگر ۽ گردن لاءِ مقوي آهي. پيشاب، حيض ۽ کير کي جاري ڪن ٿا، وائي بادي، ٻرهل ۽ جگر جي غليظ سدن کي تحليل ڪن ٿا. مٿي جي سور، سيني جي سور، کنگهہ، دمڪشي، جلندر، بلغمي تپن، رحم جي رطوبت لاءِ مفيد آهن. هن جو سنون ڏندن جي صفائي ڪري ۽ وات جي بدبوءِ کي ڪڍي ٿو. هن کي گل روغن ۾ ڪاڙهجي، پوءِ اهو تيل ڪن جي سور ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪندو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007؛ع پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، حيدرآباد.