مواد ڏانھن هلو

روماني لوڪ وارتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روماني لوڪ داستان روماني ماڻهن جي لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، زباني روايتن ۽ ليجنڊ تي ٻڌل آهن. روماني ماڻهو لاڏائو هئا جڏهن اهي وچين دور ۾ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري نڪتا. انهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪئي، خاص ڪري يورپ ڏانهن، جڏهن ته ٻيا گروهه ترسي پيا ۽ مستقل رهواسي بڻجي ويا. ڪجهه ڏند ڪٿائون (اڪثر غير روماني ماڻهن پاران) چون ٿيون ته ڪجهه روماني ماڻهن وٽ غير معمولي مانسڪ شڪتيون آهن، جهڙوڪ همدردي، اڳڪٿي، ماضي جي ڄاڻ، يا شين کي ڇهڻ سان انهن بابت ڄاڻڻ. مثال طور، وليسلاڪي پاڻ سکيل جپسولوجسٽ طور مشهور هو، ۽ هن جي ڪيترن ئي لکتن کي مستند روماني ڪهاڻيون سمجهيو وڃي ٿو، پر وليسلاڪي جي ڇپيل ڏند ڪٿائن جو اصل روماني روايتن سان ڪو واسطو ناهي؛ هي سڄي روماني قوم بابت غلط فهمي پيدا ڪري ٿو. ٻين ڏند ڪٿائن ۾ هوا ۾ اڏامڻ جي صلاحيت، مراقبي ذريعي روحاني سفر، پٽون پاراتا يا دعائون ڏيڻ، روحن کي گهرائڻ يا انهن سان رابطو ڪرڻ، ۽ نظر بنديءَ جو فن شامل آهن. سلاوڪ ملڪن جا روما ماڻهو آدم خور بگهڙن (werewolves) تي ويساھ رکن ٿا.[1] روماني جادوگريون (چوويحانيون) اڪثر ڪري بچاءُ لاءِ مختلف ٻوٽين ۽ ڌاڳن ڦيڻن جو استعمال ڪنديون آهن. ٿوم روماني ماڻهن پاران استعمال ٿيندڙ هڪ مشهور ٻوٽي آهي.[2]

روماني لوڪ ڪهاڻيون

[سنواريو]
  • گنجو مٿو (Bald Pate)[3]
  • "بانديءَ جي ڪهاڻي ۽ طوهر" (The Captive's Tale and Circumcision)[4]
  • "سارنگي (وائلن) جي رچنا" (The Creation of the Violin)[5]
  • "فيدور ۽ پري" (Fedor and the Fairy)
  • فوم ميڊن (جهڳ واري ڪنوار)
  • "جيڪ ۽ سندس سون جي ناس واري دٻي" (Jack and His Golden Snuff-Box)
  • "انگلنڊ جو بادشاهه ۽ سندس ٽي پٽ" (The King of England and his Three Sons)
  • "ننڍڙو گابي جو ٻچو" (The Little Bull-Calf)
  • "موسي ڪوٽ" (Mossycoat)
  • "ڳاڙهو بادشاهه ۽ جادوگرياڻي" (The Red King and the Witch)[6]
  • "پيلو ازدها" (The Yellow Dragon)[7]
  • آني (بيضي) مان نڪتل ڇوڪري (The Girl from the Egg)

حوالا

[سنواريو]
  1. Buckland, Raymond (1 May 2010). Buckland's Book of Gypsy Magic: Travelers' Stories, Spells, and Healings. Weiser Books. ISBN 978-1-60925-165-9. https://books.google.com/books?id=LusZMgBAJZQC&pg=PA148. Retrieved 14 December 2023.
  2. Dunwich, Gerina (1 September 2019). Herbal Magick: A Guide to Herbal Enchantments, Folklore, and Divination. Weiser Books. ISBN 978-1-63341-158-6. https://books.google.com/books?id=KpWMDwAAQBAJ&pg=PA79. Retrieved 14 December 2023.
  3. Baldpate at Gypsy Folk Tales], by Francis Hindes Groome, 1899, at sacred-texts.com
  4. Childers, William P. ""The Captive's Tale" and Circumcision".
  5. The Creation of the Violin at Gypsy Folk Tales, by Francis Hindes Groome, 1899, at sacred-texts.com
  6. The Red King and the Witch at Gypsy Folk Tales, by Francis Hindes Groome, 1899, at sacred-texts.com
  7. Hampden, John (1969). The Gypsy Fiddle: And Other Tales Told by the Gypsies. World Publishing Company. pp. 47-52.