روايتي شاعري
روايتي شاعري __(Dral Poetry):
اهڙي شاعري جيڪا لکت ۾ نه آئي هجي پر نسل در نسل زباني روايتن ذريعي راوين جي زباني محفوظ رهي هجي، سنڌ ۾ ڀٽ، ڀاڻ ۽ چارڻ اهڙي شاعري ڳائي وڄائي مشهور ڪندا هئا. سومرن جي دور ۾ دودي چنيسر جو قصو اهڙي ريت مشهور ٿيو ۽ ان بابت ڪيل شاعري روايتي شاعري آهي. ٻيا ڪيترائي رزميه داستان به رواين ذريعي محفوظ ٿيل آهن. [1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي