رنگ ورم
ڏيک
رِنگ ورم (Ringworm) يا خارش جي بيماري هڪ عام فنگل انفيڪشن آهي، جيڪو چمڙي، وارن، ۽ نُھَن تي اثر انداز ٿيئي ٿو. ان جو نالو "ورم" آهي، پر اھو ڪنھن هڪ جراثيم جو سبب نه آهي، ان کي ڊرماٽو فائٽس (Dermatophytes) نالي فنگس جو گروھه پيدا ڪري ٿو. هي انفيڪشن گول ڳاڙهن داڳن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جنهن جي چوڌاري خارش ٿيندي آهي.
لڳڻ جا سبب ۽ منتقلي جا ذريعا
[سنواريو]لڳڻ جا سبب ۽ منتقلي جا ذريعا هيٺيان آهن:
- انساني رابطي سان (Human-to-Human):
جيڪڏهن ڪو متاثر ٿيل شخص جلد جي رابطي ۾ اچي، ته ان کان ٻئي ماڻهو کي رينگ ورم ٿي سگهي ٿي. متاثر ٿيلسان هٿ ملائڻ، گڏيل ڪپڙا، يا ٽوال استعمال ڪرڻ سان هي انفيڪشن پکڙجي سگهي ٿو.
- جانورن کان انسان ڏانهن (Animal-to-Human): متاثر ٿيل ٻڪري، ٻلي، ڪتو، يا ٻيا جانور کان هي انفيڪشن لڳي سگھي ٿو. جانور جي چمڙي تي خارس يا وارن جي ڇڻڻ انفيڪشن جون علامتون ٿي سگھن ٿيون.
- ماحولياتي سبب: گهميل ۽ گرم حالتن ۾ فنگس وڌيڪ تيزيءَ سان وڌندي آهي.
- گدلي پاڻي يا مٽي: جيڪڏهن ڪنهن کي گندي ماحول ۾ ڪم ڪرڻو پوي، ته چمڙي جي انفيڪشن جا موقعا وڌي سگهن ٿا.
رنگ ورم، لڳندڙ يا وِچڙندڙ (Contagious) آهي ۽ سئولائي سان هڪ فرد کان ٻئي ڏانهن منتقل ٿي پکڙجي سگهي ٿي.
- سڌو سنئون: متاثر ٿيل ماڻهو جي چمڙي کي ڇهڻ سان لڳي سگھي ٿي.
- شيئر ڪيل شيون: متاثر ٿيل ماڻهو جي استعمال ڪيل ڪپڙن، ٽوالن، يا ھنڌ ۾ سمھڻ سان لڳي سگھي ٿي.
- جانور سان رابطي ۾ اچڻ: متاثر ٿيل جانور کي ڇهڻ سان لڳي سگھي ٿي.
علامتون
[سنواريو]- ڳاڙها، گول داغ: وچ ۾ صاف ۽ ڪنارن تي ڳاڙها، مٿي نڪتل داڳ، جيڪي حلقي جي شڪل جا هوندا آهن.
- خارس: متاثر ٿيل جاءِ تي ڏاڍي خارس ٿيندي آهي.
- متاثر ٿيل چمڙي (کل) جي خشڪي، ڇلڪي ۽ ڇِلر سان به لڳي سگھي ٿي.
- وارن جو ڇڻڻ: جيڪڏهن هي وارن واري جگھ تي ٿئي، ته وارا ڇڻڻ لڳندا آهن.
بچاءُ جا طريقا
[سنواريو]- پنهنجي جسم کي صاف ۽ سُڪل رکو. روزانو صاف ڪپڙا پايو ۽ گرم علائقن ۾ خاص ڌيان ڏيو.
- گڏيل شين کان پاسو: ٽوال، ڪپڙا، سمھڻ جو ھنڌ، يا ذاتي شيون ٻين سان شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪريو.
- متاثر ٿيل شخص جون شيون ڌوئڻ کان سواءِ ٻيهر استعمال نه ڪريو.
- نمي کان بچاءُ: متاثر ٿيل جلد کي سُڪل ۽ صاف رکو.
- جوتا يا ڪپڙا ڊگهي وقت تائين گهميل نه رکو.
علاج جا طريقا
[سنواريو]- دوائون ۽ ڪريمون: اينٽي فنگل ڪريمز متاثر ٿيل جاءِ تي ڪريم لڳائڻ کي جاري رکو جيستائين مڪمل علاج ٿئي.
- وات ذريعي دوائون (Oral Medications).
پڻ ڏسندا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Ringworm (body): How to treat this skin infection-Ringworm (body) - Symptoms & causes". Mayo Clinic (انگريزي ۾). 2024-12-20 تي حاصل ڪيل.