مواد ڏانھن هلو

رنگ انڌوپن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رنگ انڌو پن (Colorblindness)، نظر ۾ رنگن جي خرابي (CVD) يا رنگ جي گهٽتائي، ڪجهه رنگن کي ڏسڻ يا رنگن ۾ فرق ڪرن جي صلاحيت ۾ گهٽتائي آهي. رنگ انڌو پن جي شدت گهڻو ڪري معمولي کان وٺي رنگن جي تصور جي مڪمل غير موجودگي تائين آهي. رنگ انڌو پن عام طور تي هڪ جنس سان ڳنڍيل وراثتي مسئلو آهي، جئين تي اها اک جي پردي (Retina) ۾ جيو گهرڙن جي ٽن طبقن، جيڪا نظر ۾ رنگن جي وچولي طور ڪم ڪندا آهن، مان هڪ يا وڌيڪ جي ڪارڪردگي ۾ تبديلي آهي. سڀ کان عام شڪل هڪ جينياتي حالت (پروٽان ۽ ڊيوٽان قسمن سميت) جي ڪري ٿيندي آهي جنهن کي پيدائشي ڳاڙهي-سائي رنگ جو انڌو پن سڏيو ويندو آهي، جيڪو 12 مان هڪ مرد (%8) ۽ 200 مان هڪ عورت (%0.5) کي متاثر ڪري ٿي. اها حالت مردن ۾ وڌيڪ عام آهي، ڇاڪاڻ ته هن جا ذميوار جين، مردانه X ڪروموسوم ۾ موجود هوندا آهن. رنگ انڌو پن جو سبب بڻجندڙ نادر جينياتي حالتن ۾ پيدائشي نيرو-پيلو رنگ انڌو پن (ٽريٽان قسم)، نيرو رنگ جي هڪ رنگي (monochromacy) ۽ ايڪروميٽوپسيا شامل آهن. رنگ انڌو پن اکين، بصري تنتي يا دماغ جي بصري حصي (optic lobe) کي طبيعي (Physical) يا ڪيميائي نقصان يا دوائن جي زهر (side effects)، جي نتيجي ۾ پڻ ٿي سگهي ٿو. ان کان سواء نظر ۾ رنگن کي تميز ڪرڻ جي صلاحيت قدرتي طور تي وڏي عمر ۾ گهٽجي ويندي آهي.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]