مواد ڏانھن هلو

رنگين پردو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دا پينٽيڊ ويل (The Painted Veil، رنگيل پردو)، برطانوي ليکڪ ڊبليو. سومرسيٽ ماهم جو 1925ع ۾ شايع ٿيل ناول آهي. هن ناول جو عنوان شاعر پرسي بشي شيلئ جي سال 1824ع واري سونيٽ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن جي شروعات هن سٽ سان ٿئي ٿي:

"Lift not the painted veil
which those who live/Call Life"
(اُن رنگيل پردي کي نه هٽاءِ،
جن کي جيئرا ماڻهو زندگي چون ٿا)

هي ناول پهريون ڀيرو قسطن جي صورت ۾ رسالي "ڪاسموپوليٽن" (Cosmopolitan) جي پنجن شمارن ۾ شايع ٿيو (نومبر 1924ع کان مارچ 1925ع تائين). ڊسمبر 1924ع کان برطانيا ۾ پڻ هي ناول قسطوار شايع ٿيو، جتي "نئشز مئگزين" (Nash’s Magazine) ۾ اٺ حصن ۾ ڇپيو (جلد 74، شمارو 380 (ڊسمبر 1924ع) صفحا 10–87)، ۽ پوءِ هر مهيني ڇپجندو رهيو، تان جو جلد 75، شمارو 387 (جولاءِ 1925ع) صفحا 56–72 تائين پهتو.

ماهم جي سوانح نگار رچرڊ ڪارڊيل لکي ٿو ته هي ڪتاب ماهم جي سائنسي مطالعي ۽ سينٽ ٿامس اسپتال ۾ هائوس مين طور ڪم ڪرڻ جي تجربي کان متاثر هو۔ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ماهم ٻڌائي ٿو ته شروعات ۾ مکيه ڪردارن جا نالا "لئن" (Lane) هئا، پر پوءِ اهي "فئن" (Fane) رکيا ويا، ڇاڪاڻ ⁠تہ هانگ ڪانگ جي "لئن" نالي واري هڪ جوڙي پاران ناشرن خلاف بدنامي (ليبَل) جو ڪيس کٽڻ کان پوءِ نالا بدلائڻا پيا. ان جوڙي کي 250 پائونڊ معاوضو مليو. ساڳي نموني مسئلن کان بچڻ لاءِ، جڏهن هانگ ڪانگ جي ان وقت جي اسسٽنٽ ڪالونيل سيڪريٽري اي.جي.ايم. فليچر به قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني، تڏهن ڪالوني جو نالو بدلائي "چنگ-يئن" (Tching-Yen) رکيو ويو. بعد ۾ ڇاپن ۾ وري هانگ ڪانگ جو نالو بحال ڪيو ويو، پر ڪردارن لاءِ "فئن" نالو سڀني ايڊيشنن ۾ برقرار رکيو ويو.

حوالا

[سنواريو]