رعايت (سياسيات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(رعايت کان چوريل)

ڳالهين يا ويچارڻ جي عمل دوران جڏهن هڪ ڌُر رضاڪاراڻي بُنيادن تي ٻي ڌُر کي ڪي خاص حق، رعايتون، سهولتون يا ڪنسيشن (Concession) ۽ برتري ڏئي ٿي ته اُن سهڪار کي هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو وڃي ٿو. هي عمل اصل ٻن مُلڪن وچ ۾ ڪنهن به واسطيداريءَ دوران، هڪ سگهاري ڌُر طرفان ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ رضامنديءَ ۽ سهولت ڀريي رويئي جي نشاندهي ڪندي، روايتي اعتراضن ۽ شڪايتن کي پرڀرو رکڻ جي آگاهي ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ ”رعايت“ جو معيار، وقت ۽ ڪارڻ وڏي اهميت رکندا آهن. ڪنهن به هڪ طرفي رعايت جو مطلب اهو هوندو آهي ته ”رعايت“ ڏيندڙ ڌُر ڳالهين ۾ آيل رڪاوٽ کي ختم ڪري پيدا ٿيل گهوٽالي ۾ وڏي دل جو مظاهرو ڪري رهي آهي. رياستي معاملن ۾ محدود حد تائين رعايت يا سهوليت کي ته هاڪاري اڳڀرائيءَ طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ان ڏس ۾ لامحدود سهڪار، نيٺ هاڃي جو سبب بڻجي رياست جي خودمختياريءَ کي هاڃو پهچائي ٿو. انهيءَ ڪري ٻه-طرفيون يا گهڻ- طرفيون رعايتون/ سهولتون علائقي يا عالمي سياست ۾ خوشگوار تبديليون پيدا ڪري سگهن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. رعايت[مئل ڳنڍڻو] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع