رضيہ سلطانہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
رضيہ سلطان
Razia Sultan the great
دھلي جي سلطان
Tomb of Razia Sultana 001.jpg
دھليءَ ۾ ترڪمان گيٽ ڀرسان بلبل خان ۾ سلطان رضيہ جي قبر
دھليءَ جو سلطان
10 November 1236 – 14 October 1240
پيشرورڪن الدين فيروز
جانشينمعزالدين بھرام
جيون ساٿيملڪ التونيہ
مڪمل نالو
رضيہ بيگم بنت شمس الدين التمش جلالت الدين رضيہ
خاندانمملوڪ يا غلام گھراڻو
والدالتمش
والدهقطب بيگم
پيدائشت. 1205
بدايون ، اتر پرديش، انڊيا
وفات14 October 1240 (aged 35)
دھلي، سلطنت دھلي
تدفينبلبل خان، لڳ ترڪمان گيٽ، دھلي
مذھباسلام

رضيه سلطانه

رضيه بيگم، جنهن کي پوءِ ”رضيه سلطانه“ جو نالو ۽ ”بلقيس جهان“ جو لقب مليو، سا سلطان شمس الدين التمش جي ڌيءُ هئي، ۽ سلطان رڪن الدين جي ڀيڻ هئي، سنه 634 هجري، مطابق 1336ع ۾ رڪن الدين کي جڏهن ماڻهن ستن مهينن جي راڄ کانپوءِ دهليءَ جي تخت تان لاٿو، تڏهن سندس ڀيڻ رضيه بيگم کي تخت تي ويهاريائون. هن جو راڄ ٽي ورهيه هليو. جيتوڻيڪ هن حڪومت تمام ٿوري ڪئي، تڏهن به تمام چڱي ڪئي. ”فرشتو“ پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو، ته، ”هن بيگم ۾ هر طرح جي شاهاڻي لياقت هئي، ۽ منجهس ٻيو عيب ڪوبه ڪونه هو، سواءِ هن جي ته هوءَ زال هئي.[1] هوءَ حڪومت جي ڪم ۾ اهڙي هوشيار ۽ خبردار هئي، جو جڏهن پڻس التمش دکن وارين جنگين تي ويو هو يا جڏهن گواليار فتح ڪرڻ ويو هو، تڏهن پٽن کي ڇڏي ڌيءُ کي ولي عهد ٺهرائي، حڪومت جو ڪم سندس حوالي ڪري ويو هو. جڏهن هوءَ پاڻ بادشاهه ٿي، تڏهن به هن چڱي حڪمراني ڪئي. اميرن مان ٻه فرقا ٿي پيا هئا، ۽ جن ڀاڻس کي تخت تان لاٿو هو، تن مان هڪڙو هن جي تخت نشينيءَ جي به برخلاف هو. انهيءَ جماعت جو مهندار گذريل ٻنهي بادشاهن جو وزير هو، ۽ اُهي ماڻهو اهڙا زور وارا هئا، جي جيڪڏهن دهليءَ تي ڪاهي اچن ها، ته شاهي لشڪر کي شڪست ڏين ها، پر راڻيءَ رضيه جي عقلمندي سندن لشڪر کان زور هئي. هن تجويز ڪري، پنهنجن دشمنن جي وچ ۾ اهڙي بداتفاقي وڌي، جو هنن جو سارو منصوبو ٽٽي پيو، ۽ ماڻهو ڌار ڌار ٿي سندس پيش اچي پيا. پوءِ جيڪي شرارتي۽ فسادي هئا، تن کي مارايائين، ۽ٻين کي مهرباني ڏيکاري پرچايائين ۽ راضي ڪيائين، ۽ سگهوئي ملڪ ۾ سانت ۽ صُلح ٿي ويو. ”ابن بطوطہ“ لکي ٿو، ته ”رضيه مردانو لباس ڍڪي، گهوڙي تي چڙهي ٻاهر نڪرندي هئي، شڪار به ڪندي هئي. هڪڙي ڀيري پڻس التمش شڪار تي ويو هو، رضيه ۽ ٻيون ڪي بيگمون به ساڻس هيون، هڪڙو شينهن التمش تي ڪاهي آيو، رضيه، بهادريءَ سان ترار کڻي، شينهن کي ٻه _ ٽي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو _ جي ائين نه ڪري ها، ته التمش ضرور زخمي ٿي پوي ها. حڪومت جي تخت تي به هوءَ اهڙيءَ حشمت ۽ رعب سان ويهندي هئي، جو امير امراءُ وٽس ڪنبندا ايندا هئا. درٻار ۾ هوءَ شاهي پوشاڪ ڍڪي ويهندي هئي، ۽ پاڻ ڪم جو نيڪال ڪندي هئي. هن قاعدا قانون سڌاريا، ۽ گذريل حڪومت ۾ جيڪي خرابيون ملڪ ۾ اچي پيون هيون، سي سڀ برطرف ڪيائين. مطلب ته انصاف ۽ جرائت سان حڪمراني ڪيائين. پر، هڪڙو نامناسب ڪم ڪيائين، جنهن ڪري ماڻهو منجهانئس ناراض ٿيا: هوءَ پنهنجي حويلي جي حبشي داروغي، ”ياقوت“ تي ڏاڍي مهربان هئي، ۽ انهيءَ کي ”اميرالامراء“ جو خطاب کڻي ڏنائين. اهو هميشه سندس حاضريءَ ۾ رهندو هو، ۽ گهوڙي ته به اهو چاڙهيندو هوس. سردارن ۽ اميرن کي اها ڳالهه تمام ناپسند آئي، سي فساد ڪرڻ لڳا[1]. مَلڪ اعزالدين، مَلڪ سيف الدين ۽ ملڪ علاو الدين جهڙا گهڻا زور ڀريا امير دشمن ٿي بيٺس، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪري، لشڪر وٺي، دهليءَ کي ڦري آيا، جيڪو ٻاهريون لشڪر رضيه جي مدد لاءِ ٿي آيو، تنهن کي به يا هٽائي ٿي ڇڏيائون، يا ته پاڻ سان ملائي ٿي ڇڏيائون. انهيءَ هوندي به، رضيه سلطانه پنهنجي اڪيلي همت ۽ مردانگيءَ سان اُنهن سڀني کي شڪست ڏيئي ڇڏي. وري لاهور جي حاڪم فساد ڪيو، تنهن تي به پاڻ پنهنجي سر فوج وٺي ڪاهي ويئي، ۽ فساد بند ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ، وري ڀٽنڊا جي حاڪم ”التونيه“ ياقوت حبشيءَ جي تڪليفن کان تنگ اچي سرڪشي ڪئي، ته انهي تي به ڪاهي ويئي، پر پنهنجن نوڪرن جي سازش ڪري گرفتار ٿي پيئي، ۽ ”ياقوت“ مارجي ويو. تنهن کانپوءِ اٽڪل ۽ محبت سان ”التونيه“ کي پنهنجو ڪيائين _ بلڪ، ضرورت ڄاڻي، انهيءَ سان شادي به ڪيائين. پوءِ ٻيئي گڏجي، دهلي جي تخت لاءِ، ٻين اميرن سان جنگ ڪرڻ لڳا. انهن مان مُک اعزالدين بُلبني هو، جو التمش جو ناٺي هو، ۽ جنهن جو خطاب ”الف خان“ هو. انهن جي وچ ۾ به وڏيون جنگيون ٿيون، جن ۾ رضيه گرفتار ٿي پيئي، پر ڏاڍي چالاڪي سان قيد مان ڀڄي نئين سر لشڪر گڏ ڪري وڙهڻ لاءِ آئي. ٻه _ ٽي ڀيرا دهليءَ جي تخت لاءِ چوٽ ڏنائين، پر سندس هاڻوڪو لشڪر نئون ڀرتي ٿيل هو، تنهنڪري اهو شڪست کائي ڀڳو، ۽ پاڻ مڙس سميت قيد ٿي پيئي، ۽ ٻيئي قتل ڪيا ويا. پوءِ ڀاڻس معز الدين ”بهرام خان“ کي اميرن تخت تي ويهاريو.[1] رضيه سلطانه، ظاهري حُسن کان سواءِ، باطني حسن به رکندي هئي، ۽ گهڻن علمن مان واقف هئي. مذهب جي ڏاڍي پابند هئي. دهاڙي قرآن پڙهندي هئي. شعر به گهڻو پڙهندي هئي، ۽ پاڻ شعر به چوندي هئي. پردي کانسواءِ تخت تي ويهي ، درٻار جو ڪم ڪندي هئي ۽ مقدما فيصل ڪندي هئي. سڀ فرمان اڪثر هن جي قلم سان جاري ٿيندا هئا. جنگ ۾ فوج جي سپهه سالار به پاڻ ٿيندي هئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page14.html.  Missing or empty |title= (مدد)}