رسول بخش ڪلھوڙو
ڏيک
استاد رسول بخش ڪلھوڙو جدي پشتي موسيقار نہ هو، بلڪہ استاد يوسف کٽيءَ وانگر شوقيہ ڳائڻو هو، مگر ڳائڻ ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين ۽ مشھوري حاصل ڪيائين. سندس ڳائڻ جو انداز نھايت نرالو هو. لاڙڪاڻي جو رهواسي ۽ استاد خدا بخش ڀٽي جو شاگرد هو. ديسي موسيقيءَ کان علاوه ڪلاسيڪي موسيقي ۾ به کيس وڏي مھارت حاصل هئي. سندس آواز نھايت نکريل هو ۽ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. تمام وڏي آواز سان ڳائڻ جو عادي هو، جنھنڪري هڪ ڏينھن سندس گلي جون نسون ڦاٽي پيون ۽ ان سبب وفات ڪري ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ استاد رسول بخش ڪلهوڙو : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-09 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-26 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)