رسول بخش انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فقير رسول بخش -انڙ- قاضي احمد شهر، ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير -آباد-) ۾ 1901ع ڌاري سردار خانصاحب محمد خان -انڙ- جي گهر ۾ -جنم- ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان مشهور هو، هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا ۽ پهرئين سمي حاڪم ڄام -انڙ- جو اولاد هئا، انهيءَ تعلق جي ڪري سردار رسول بخش -انڙ- جي خاندان کي سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان ڪليدي حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش -انڙ-، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ 1937ع ۾ سنڌ جي پهرين اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. -ان- کان پهرين 1933ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيدنٽ پڻ رهيو، رئيس فقير رسول بخش -انڙ- 1940ع ڌاري حيدرآباد ۾ آل -پاڪستان- سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو. رسول بخش -انڙ- جو نالو -ان- دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن 1942ع ۾ هڪ -انگريز- ڪليڪٽر ڊيوس (Davis) سان سندس تڪرار ٿيو. -ان- دوران هي پهريون شخص هو، جنهن -انگريز- سرڪار کان خانبهادريءَ جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو، سندس -ان- قدم تي -انگريز- سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن، رئيس -امام- بخش -انڙ- ۽ رئيس ڌڻي بخش -انڙ- تي -بغاوت-، قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي -تنگ- ڪرڻ لاءِ سندس شنوايون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. -ان- وقت سانگهڙ ۽ نوابشاهه هڪ ضلعو هئا، پر جنهن به شهر ۾ فقير صاحب جي شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا، اصل ۾ هي ڪيس فقير رسول بخش جي طاقت ۽ اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا پر رئيس چيف ڪورٽ مان باعزت -بري- ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر محمد علي جناح ڪئي. 1950ع ڌاري سردار رسول بخش -انڙ- جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداري لقب هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. ٽي چار ڀيرا پنهنجن هارين جا قرض معاف ڪيائين. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. وٿاڻن ۾ بيٺل جانور، غريبن ۾ ورهائي ڇڏيائين. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي. سندس سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان تعلقات هئا، پر سائين جي. ايم. سيد سان گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هـئـس، جـنـهـن جـو ذڪـر سـائـيـن جـي. ايـم. سـيـد پـنـهـنـجـي ڪـتـاب ”-جن- سين'>-جنب گذاريم -جن- سين-“ ۾ ڪيو آهي. 1970ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي موجودگيءَ ۾ فقير رسول بخش سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سردار ڪوٺايو، جيڪو هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن آهي. سردار ڄام -تماچي- پڻ پنهنجي والد جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ۾ اڳڀرو آهي. رئيس فقير رسول بخش -انڙ- 1980ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]