مواد ڏانھن هلو

رت جا رشتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رت جي رشتيداريءَ جي درجن جي هڪ قانوني تعريف.[1] ٽيبل ۾ ڏنل انگ رشتي جي درجي (degree) کي ظاهر ڪن ٿا.

رت جي رشتن (Consanguinity) مان مراد اهڙو تعلق آهي جنھن ۾ ٻہ ماڻهو ڪنھن گڏيل وڏي (common ancestor) جو نسل هجن.

ڪيترن ئي ملڪن ۾ رت جي ويجهن رشتن جي وچ ۾ شادي يا جنسي تعلقات تي قانوني ممانعت هوندي آهي. ممانعت جو درجو هر جاءِ تي مختلف هوندو آهي.[2] ٻئي طرف، دنيا جي اٽڪل 20% آبادي اهڙن علائقن ۾ رهي ٿي جتي مٽ مائٽن ۾ شاديءَ کي ترجيح ڏني ويندي آهي.[3] رت جي رشتيداريءَ جو درجو وراثت جي ورڇ ۽ وصيت کان سواءِ ملڪيت جي منتقليءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.[4] ڪجهه سماجن ۾ سؤٽن ۽ ماساتن جي شادي کي عام يا سٺو سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻين سماجن ۾ ان کي محرم رشتن جي جنسي تعلق (incest) وانگر هڪ سماجي برائي (taboo) سمجهيو ويندو آهي. رت جي رشتيداريءَ کي هڪ چارٽ يا ٽيبل ذريعي سمجهائي سگهجي ٿو.

قانوني وصفون

[سنواريو]
فرانس جي بادشاهن جي شجري ۾ رت جي رشتيداريءَ جي تصوير (14 هين صدي).

جديد سيويل قانون

[سنواريو]

ٻن ماڻهن جي وچ ۾ رشتي جي درجي مان ڪيترائي قانوني معاملا جنم وٺن ٿا. ڪجهه قانون ويجهن مائٽن جي وچ ۾ جنسي تعلقات کي ڏوهه قرار ڏين ٿا. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ رت جي رشتيداريءَ جي ٻئي درجي (جهڙوڪ ڀاءُ ڀيڻ) تائين شادي منع ٿيل آهي. ڪجهه ملڪن ۾ پهرين سؤٽن (first cousins) سان شادي منع آهي، جڏهن ته ڪجهه ۾ اجازت آهي. چاچي، مامي يا ماسيءَ سان شادي (avunculate marriage) به ڪجهه ملڪن ۾ قانوني آهي.[5]

مذهبي ۽ روايتي قانون

[سنواريو]

عيسائيت

[سنواريو]

رومي قانون موجب، جنهن جي پيروي ابتدائي ڪيٿولڪ چرچ ڪندو هو، رت جي رشتيداريءَ جي چئن درجن تائين شادي منع هئي.[6] نائين صديءَ ۾ چرچ هن ممانعت کي ستين درجي تائين وڌائي ڇڏيو، جنهن سان شريف خاندانن کي پنهنجي دائري کان ٻاهر جيون ساٿي ڳولڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون. 1215ع ۾، لاترن ڪائونسل ان کي ٻيهر گهٽائي چئن درجن تائين آندو.[7]

اسلام

[سنواريو]

قرآن شريف جي سورت النساء (4:22–24) ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته: "توهان تي حرام ڪيون ويون آهن توهان جون مائون، توهان جون ڌيئرون، توهان جون ڀينرون، توهان جون پڦيون، توهان جون ماسيون، توهان جي ڀاءُ جون ڌيئرون (ڀائٽيون) ۽ توهان جي ڀيڻ جون ڌيئرون (ڀاڻيجيون)."[8] قرآن پاڪ ۾ سؤٽن، ماساتن، پڦاٽن يا ماروٽن سان شاديءَ جي ممانعت ناهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي سؤٽ بيبي زينب بنت جحش رضہ سان نڪاح ڪيو هو.[9] ڪجهه ملڪن (جهڙوڪ يو اي اي ۽ قطر) ۾ مٽن مائٽن ۾ شاديءَ جي حوصلا شڪني ڪرڻ لاءِ شاديءَ کان اڳ جينياتي اسڪريننگ لازمي ڪئي وئي آهي ته جيئن موروثي بيمارين کان بچي سگهجي.[10]

جينياتي تعريفون

[سنواريو]
مائٽن جي وچ ۾ گڏيل DNA جو سراسري تناسب[11]
رشتو گڏيل DNA %
خود (پاڻ)100%
والدين / ٻار50%
سڳو ڀاءُ / ڀيڻ50%
اڌ ڀاءُ / ڀيڻ25%
ڏاڏو / ڏاڏي / پوٽو25%
چاچو / مامو / ڀائٽيو25%
پهريون سؤٽ12.5%
ٻيون سؤٽ3.125%

جينياتي طور تي، رت جي رشتيداريءَ جي ڪري انسان ۾ موروثي تنوع (genetic variation) گهٽجي ويندي آهي. جيڪڏهن ٻه ويجها مائٽ ٻار پيدا ڪن ٿا، ته ان ڳالهه جو امڪان وڌي وڃي ٿو ته ٻار ۾ ڪو نقصانڪار موروثي جين (recessive gene) منتقل ٿئي.

عام طور تي ٻن ماڻهن کي "رت جي رشتيدار شادي" جي زمري ۾ تڏهن رکيو ويندو آهي جڏهن اهي ٻئي سؤٽ (second cousins) يا ان کان وڌيڪ ويجها هجن. عالمي سطح تي اندازو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 8.5% ٻارن جا والدين پاڻ ۾ رت جا مائٽ هوندا آهن.[12]

سماجي ۽ ثقافتي عنصر

[سنواريو]

مٽن مائٽن ۾ شاديءَ کي ترجيح ڏيڻ جا ڪجهه سبب مڙس ۽ زال جي وچ ۾ بهتر تال ميل، سماجي لاڳاپن جو هڪ هجڻ، خاندان جو اتحاد ۽ مالي معاملن (جهڙوڪ ڏاج يا ملڪيت جو ٻاهر نه وڃڻ) ۾ آساني ٻڌايا وڃن ٿا.[13] هي عمل خاص طور تي وچ اوڀر، مغربي ايشيا ۽ اتر آفريڪا ۾ وڌيڪ آهي. عرب دنيا ۾ اڄ به خانداني شاديون تمام گهڻيون آهن. هڪ رپورٽ موجب، گڏيل عرب امارات (UAE) جي شهرين ۾ اٽڪل 40% کان 54% شاديون خاندان جي اندر ٿين ٿيون.[10]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "19 Texas Administrative Code §100.1113". texreg.sos.state.tx.us. State of Texas. 2022-05-05 تي حاصل ڪيل.
  2. O'Sullivan, Kathryn (2019). "Access to marriage: consanguinity and affinity prohibitions in national and international context". Irish Journal of Family Law 22 (2): 8–12.
  3. Modell, Bernadette; Darr, Aamra (March 2002). "Science and society: genetic counselling and customary consanguineous marriage". Nature Reviews Genetics 3 (3): 225–229. doi:10.1038/nrg754.
  4. Ritchie, Herbert (1940). "Methods of Intestate Succession". University of Cincinnati Law Review 14: 508.
  5. Farrow, Michael G.; Juberg, Richard C. (1969-07-28). "Genetics and Laws Prohibiting Marriage in the United States". JAMA 209 (4): 534–538.
  6. Constance Brittain Bouchard (24 November 2010). Those of My Blood: Creating Noble Families in Medieval Francia. University of Pennsylvania Press. p. 40. ISBN 978-0-8122-0140-6.
  7. James A. Brundage (15 February 2009). Law, Sex, and Christian Society in Medieval Europe. University of Chicago Press. p. 356. ISBN 978-0-226-07789-5.
  8. "Surah An-Nisa [4:22–25]". Quran.com.
  9. "Islam's Women".
  10. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named mid
  11. "Average percent DNA shared between relatives". 23andme.
  12. Darr, Aamra (14 October 2010). "Consanguineous Marriage and Inherited Disorders". City of Bradford. {{cite web}}: Missing or empty |url= (مدد)
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named hamamy