راڻو راءديو
راڻو راء ديو(انگريزي: Rana Rai Dev) يا راڻو راج ديو امر ڪوٽ جو سوڍن جي خاندان جو ھڪ حاڪم ھيو.چڪ ديو رتيڪوٽ ۾ رهيا. چاچڪ ديو کانپوءِ سندس پٽ راجديو يا رائديو، رتيڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو. هي بهادر جوان هو. هن کي دل ۾ خيال آيو ته رڳو رتوڪوٽ ۽ ان جو آسپاس وارو ملڪ وٺي نه وهجي، پر سڄو ٿر ۽ پارڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. سوڍي کان وٺي هيستائين سو کن ورهيه اچي ٿيا هئا، تنهنڪري ڪافي زور ورتو هئائون. سنڌ جي سومرن جي طاقت هنن کي معلوم هئي، تنهن هوندي به هنن جوڳا بندوبست ڪيا[1]. آڳاٽن راجائن وٽ شعر جوگهڻو قدر هوندو هو. اڄ به جوڌپور، جيسلمير، بيڪانير ۽ ٻين ڪن ڏيهي رياستن ۾ راجائن جي درٻارين ۾ ڪوي ۽ راڳيندڙ موجود آهن. سوڍن وٽ به ڪي ڪوي ۽ راڳيندڙ هئا. راڻي رائديو وٽ جنڦ نالي هڪ ڪوي ۽ ٻڌيمان چارڻ هو، جنهن کي ڪي ماڻهو ساڻ ڏنائون، جي ويس بدلائي جاچ ڪري آيا ته ڪهڙي واٽ تان لشڪر وٺي وڃجي ۽ ڪهڙو هنڌ حملي ڪرڻ لاءِ ٺيڪ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته سومرا راجپوتن کي چارڻ جي امرڪوٽ ۾ اچڻ تي ڪوبه شڪ ڪونه پوندو. جنڦ چارڻ، سواءِ ڪنهن تڪليف جي امرڪوٽ جي سموري حالت کان واقف ٿي موٽي ويو ۽ وڃي رائديو کي سموري حقيقت ڏنائين ۽ پڻ کيس امرڪوٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ همٿايائين. جڏهن سموريون رٿون ٺاهي راس ڪيائون، تڏهن وڏوڪٽڪ تيار ڪري نڪتا ۽ امرڪوٽ ۾ اچي سومرن جي سامهون ٿيا. تٿ ستم سهائي مهنو ويساک سنبت 1282 مطابق 1226ع جي لڙائي لڳي، جنهن ۾ 125 کن سومرا مارجي ويا ۽ امرڪوٽ راڻن هٿ ڪيو. سومرا هارائي ڀڄي ويا، جن مان ڪن وڃي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ۾ پنهنجو نئون راڄ ٺاهيو. سوڍن لڙائي کٽڻ کان پوءِ جنڦ چارڻ جو چڱو قدر ڪيو، جو کيس کاروڙي جو ڳوٺ، عمرڪوٽ کان 4 ميل پري ڇوڙ اسٽيشن جي رستي تي آهي، سو کيس امداد ڪيو ۽ پڻ کيس ڪيتريون گانيون ۽ مينهون دان ۾ ڏنائون. اتي اڄ تائين سندس پوين جي زمينداري آهي.[1]. اهو کاروڙي جو ڳوٺ اڳي تمام وڏو هو ۽ منجهس ججهي آبادي هئي. هن وقت کاروڙي ۾ جيڪي ٿورا چارڻ رهن ٿا، سي انهيءَ جنڦ چارڻ جو اولاد آهن ۽ راڻن سان اڄ تائين رستو اٿن.[1].