مواد ڏانھن هلو

راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راند (Sport) جسماني سرگرمي، اڪثر مقابلي واري ۽ منظم، جو هڪ روپ آهي. رانديون جسماني صلاحيت ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪن ٿيون، برقرار رکن ٿيون، يا بهتر ڪن ٿيون. اهي شرڪت ڪندڙن کي لطف اندوزي پڻ فراهم ڪن ٿيون ۽ ڪجهه حالتن ۾، تماشائين کي پڻ تفريح فراهم ڪن ٿيون. مختلف شرڪت ڪندڙن جي تعداد سان، ڪيتريون ئي رانديون موجود آهن، ڪجهه هڪ انفرادي هونديون آهن، جڏهن ته ٻين ۾ هڪ سان وڌيڪ رانديگرن پاران ڪيون وينديون آهن. گهڻيون رانديون يا ته ٽيمن جي وچ ۾ مقابلي طور يا انفرادي رانديگر جي وچ ۾ مقابلي طور ٿينديون آهن. ڪجهه رانديون "نتيجي جي بغير" (Tie) جي اجازت ڏين ٿيون، جنهن ۾ ڪو به هڪ فاتح نا هوندو آهي. ٻين ۾ هڪ جي فتح طور يقيني بڻائڻ لاءِ ٽائي بريڪنگ طريقا مهيا ڪيا ويندا آهن. هڪ رانديگر يا ٽيم کي چيمپيئن طور سڃاڻ لاء، ڪيترائي مقابلا، ٽورنامينٽ جي شڪل ۾ ترتيب ڏنا ويندا آهن. راند جي ڪيتريون ئي ليگون باقاعده راندين جي سيزن ۾، ڪجههصورتن ۾ پلي آف ذريعي، راندين کي ترتيب ڏئي سالياني چيمپيئن ٺاهينديون آهن.

حوالا

[سنواريو]