رام سنگھ سوڍو
| رام سنگهه سوڍي | |
|---|---|
| پيدائش | 16 جنوري 1945ع آروکي، ڏيپلو، ٿرپارڪر، سنڌ |
| وفات | 13 فيبروري 2021ع احمد آباد، گجرات، ڀارت |
| قوميت | پاڪستاني |
| پيشو | سياستدان، وڪيل، سماجي اڳواڻ |
| شھرت جو ڪارڻ | سنڌ اسيمبلي ميمبر، اقليتي اڳواڻ |
رام سنگهه سوڍو (16 جنوري 1945ع – 13 فيبروري 2021ع) پاڪستان جي صوبي سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ سياستدان، وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ هو. هن سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر طور اقليتن جي نمائندگي ڪئي ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن سبب سڃاتو وڃي ٿو.
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]رام سنگهه سوڍي 16 جنوري 1945ع تي تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ آروکيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد راڻ سنگهه سوڍي ٿر جي نامور سماجي شخصيتن مان هو، جنهن جو گهرو اثر رام سنگهه سوڍي جي فڪر ۽ شخصيت تي پيو.
هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ بي.اي (آنرز) پاس ڪيائين ۽ جناح لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري عملي زندگيءَ ۾ وڪيل طور ڪم شروع ڪيائين.
سياسي ڪيريئر
[سنواريو]رام سنگهه سوڍي سياسي زندگيءَ جي شروعات ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر/ميرپورخاص جي ميمبر طور ڪئي.
سنڌ صوبائي اسيمبلي
[سنواريو]- 1985ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
- ان دؤر ۾ کيس ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
- 2001ع کان 2005ع تائين ضلعي ٿرپارڪر جو نائب ناظم رهيو.
- 2008ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان اقليتي مخصوص سيٽ تي ايم.پي.اي چونڊيو ويو.
اسيمبلي ڪميٽيون
[سنواريو]سنڌ اسيمبليءَ ۾ رهندي هو:
- پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر
- اقليتي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر
- نوجوانن جي معاملن ۽ راندين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين رهيو
سماجي سيوا
[سنواريو]رام سنگهه سوڍي ٿرپارڪر ۾ موجود سماجي براين، جهالت، طبقاتي فرق، نشي ۽ نقصانڪار رسمن خلاف سرگرم رهيو. سماجي سڌارن لاءِ هن HRDO (هيومن ريسورس ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن) جو بنياد وڌو، جنهن وسيلي ٿر جي مختلف علائقن ۾ آگاهي مهمون هلايون ويون.
ادبي سيوا
[سنواريو]رام سنگهه سوڍي سماجي شعور جي واڌ لاءِ قلم به استعمال ڪيو. سندس اهم ڪتاب هي آهن:
- نشن جا نقصان (1960ع)
- جيون جاڳرتا (1995ع)
سندس ڪافي لکڻيون اڃا تائين اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
ذاتي زندگي
[سنواريو]رام سنگهه سوڍي جو وڏو پٽ دليپ سنگهه سوڍو 2001ع ۾ ڀارت جي رياست گجرات ۾ آيل شديد زلزلي دوران فوت ٿي ويو. دليپ سنگهه ذهين نوجوان ليکڪ هو، جنهن 17 ورهين جي عمر ۾ روشن راهون نالي ڪتاب لکيو.
سندس ٻيو پٽ گمان سنگهه سوڍو 2005ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر ڪائونسل جو ميمبر رهيو.
ڀارت لڏپلاڻ ۽ استعيفا
[سنواريو]پٽ جي وفات کان پوءِ رام سنگهه سوڍي جي صحت متاثر ٿي. 2010–2011ع ڌاري علاج ۽ ذاتي سببن ڪري ڀارت ويو، جتي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. ان ئي عرصي دوران هن سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
وفات
[سنواريو]رام سنگهه سوڍي 13 فيبروري 2021ع تي احمد آباد، گجرات (ڀارت) ۾ وفات ڪئي. سندس سياسي ۽ سماجي خدمتون ٿرپارڪر جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون.