راز ناٿن شاهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راز ناٿن شاهي

راز ناٿن شاهي (انگريزي:Raz Nathanshahi) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، شاعر، مصور ۽ ڪيليگرافر هو.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

راز ناٿن شاهي جو پورو نالو علي شير پٽ نور محمد ميراڻي هو، هيءُ 7 آگسٽ 1947ع تي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي شھر خيرپور ناٿن شاھ ۾ ڄائو.[2]

تعليم[سنواريو]

شروعاتي تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. هن وڌيڪ تعليم خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي.[2]

خدمتون[سنواريو]

راز ناٿن شاهي کي ادب سان چاھ ننڍپڻ کان ئي هو. مٿس ادب ورثي طور سندس ناني مرحوم محمد اعظم اعظم ميراڻيءَ کان مليو.  راز ناٿن شاهي اول ڪهاڻيون لکيون جيڪي مختلف اخبارن ۽ ادبي رسان ۾ ڇپيون. بعد ۾ قلمي نالي راز ناٿن شاهي سان شاعري به ڪرڻ لڳو. هن شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ شاعري ڪئي. ڪهاڻيڪار ۽ شاعر سان گڏ مصور ۽ ڪيليگرافر هو. هن ڳچ عرصو پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي ڪيليگرافي پڻ ڪئي. هن پاڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو ۾ خطاط طور مڃايو. سندس ڪيليگرافي جون نمائشون پڻ ٿيون.[2]

وفات[سنواريو]

راز ناٿن شاهي4 نومبر 2019ع تي دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Bio-bibliography.com - Authors". www.bio-bibliography.com. حاصل ڪيل 2020-01-07. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "راز ناٿن شاهي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-07. 
  3. "ناميارو شاعر راز ناٿن شاهي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-07.