مواد ڏانھن هلو

رائيٽ آنربل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هي نقطيدار نقاشي جارج ڪارنيوال ليوس جي آهي، جنهن جي عبارت ۾ رائيٽ آنربل (The Right Honourable) شامل آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته تصوير جي تياري وقت هو گھرو سيڪريٽري جي عهدي تي فائز هو.


رائيٽ آنربل يا انتھائي محترم, نھايت محترم، نھايت عزت مآب: The Right Honourable (مخفف: The Rt Hon. يا ان جون ٻيون صورتون) هڪ اعزازي خطابي انداز آهي، جيڪو روايتي طور تي ڪجهه خاص شخصيتن ۽ اجتماعي ادارن لاءِ برطانيا، اڳوڻي برطانوي ايمپائر، ۽ دولتِ مشترڪه ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. اڄڪلهه هي اصطلاح خاص طور تي برطانيا، ڪينيڊا، نيوزيلينڊ، ۽ ڪجهه حد تائين آسٽريليا ۽ نيپال ۾ اعليٰ سرڪاري عهدن سان وابسته اعزازي انداز طور استعمال ٿئي ٿو.

هن پسمنظر ۾ رائيٽ (Right) هڪ ظرف آهي، جنهن جو مطلب آهي “نھايت” يا “مڪمل طور”.[1] گرامري لحاظ کان، رائيٽ آنربل يا نھايت محترم (The Right Honourable) هڪ صفتي وصفي فقرو آهي، جيڪو ڪنهن شخص بابت اضافي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.[2] تنهنڪري ان کي سڌي خطاب ۾ استعمال ڪرڻ، يا نالي جي جاءِ تي اڪيلي لقب طور لکڻ درست نه سمجھيو وڃي ٿو؛ بلڪه اهو ٽئين شخص واري صيغي ۾ نالي يا ڪنهن اسم سان گڏ استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي اهو وصف ڏئي ٿو[3][4][lower-alpha 1]

رائٽ جي انگريزي لفظ Right کي مختصر ڪري Rt، ۽ آنربل يا عزت مآب (Honourable) کي Hon. لکيو ويندو آهي، يا ٻئي گڏ. لفظ The ڪڏهن ڪڏهن لکڻ وقت مختصر صورت ۾ ڇڏبو آهي، پر اچار ۾ هميشه پڙهيو ويندو آهي.

عام يا موجوده استعمال وارا ملڪ

[سنواريو]

برطانيا (يونائيٽيڊ ڪنگڊم)

[سنواريو]

حقداري

[سنواريو]
ملڪه وڪٽوريا پنهنجي پروي ڪائونسل جو اجلاس ڪندي. سڀ پروي ڪائونسلر رائيٽ آنربل جي انداز سان سڏبا آهن (جيستائين کين ذاتي طور ڪنهن وڌيڪ اعليٰ انداز جي حقداري نه هجي).
هڪ بارون جا پارلياماني جبّا، جيڪي بيوليو جو لارڊ مانٽگو پاتل آهن. بئرون، وائس ڪائونٽ يا ارل جي درجي وارا پيرز (اميراڻي طبقي وارا) آنربل يا عزت مآب (Honourable) انداز جا حقدار آهن.
گاوِن آرٿر ، لنڊن جو 675هون لارڊ ميئر، پنهنجي عهدي واري سال دوران “ رائيٽ آنربل (نھايت عزت مآب) لارڊ ميئر آف لنڊن” جي انداز سان سڏجڻ جو حقدار هو.

برطانوي حڪومت موجب،[5]. هيٺيان ماڻهو رائيٽ آنربل (نھايت عزت مآب) خطاب سان سڏجڻ جا حقدار آهن: ; پروي ڪائونسل جا ميمبر: پروي ڪائونسل اصولي طور بادشاهه/ملڪه جي رسمي صلاحڪارن جو ادارو آهي. ڪابينه جا ميمبر، سينيئر سياستدان، ۽ ڪجهه ٻيا اعليٰ آفيسر سڄي عمر لاءِ ميمبر مقرر ٿيندا آهن، ۽ پوءِ ذاتي طور رائيٽ آنربل (انتھائي محترم) جي خطاب سان سڏجڻ جا حقدار هوندا آهن.[6][7]

پيريج (اميراڻو طبقو) جا ميمبر جيڪي مارڪئس کان هيٺ درجي ۾ هجن
ارل ۽ ڪائونٽيسون،[8] وائسڪائونٽ ۽ وائسڪائونٽيسون[9] ۽ بئرون ۽ بئرونيسون[10] جيڪي اصل/حقيقي لقب (موروثي يا زندگي ڀر) رکن ٿا، ذاتي طور رائيٽ آنربل خطاب جا حقدار آهن.[11] ڪنهن پير جي زال يا بيوه کي به قانوني طور پنهنجي مڙس جي خطاب جو حق حاصل هوندو آهي; ڪجهه شهرن جا لارڊ ميئر ۽ لارڊ پروووِسٽ ( عهدي موجب ميمبر ex officio): لنڊن، ڪارڊف، بيلفاسٽ، برسٽل ۽ يارڪ جا لارڊ ميئر؛ ۽ ايڊنبرگ ۽ گلاسگو جا لارڊ پروووِسٽ پنهنجي عهدي دوران رائيٽ آنربل (نھايت عزت مآب) سڏبا آهن. بهرحال، هي خطاب عهدي سان لاڳاپيل هوندو آهي، شخص جي نالي سان نه.

پروي ڪائونسلر

[سنواريو]

پروي ڪائونسلر بادشاهه/ملڪا طرفان وزيراعظم جي صلاح تي مقرر ٿيندا آهن، ۽ عملاً سڄي عمر لاءِ ميمبر رهندا آهن، جيستائين هو استعيفا نه ڏين يا کين خارج نه ڪيو وڃي. عملي طور، پرائيوي ڪائونسل جي رڪنيت عام طور هيٺين کي ڏني ويندي آهي:

  • ڪيبينيٽ جا سڀ ميمبر (جيڪي فني لحاظ سان پروي ڪائونسل جي ڪميٽي آهي) ۽ حڪومت جا ڪجهه ٻيا اهم سينيئر وزير؛
  • شيڊو ڪابينه جا وڏا سينيئر ميمبر، پارليامينٽ ۾ وڏين سياسي پارٽين جا اڳواڻ، ۽ اسپيڪر؛
  • اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ جا پهريان وزير، ۽ اسڪاٽش پارليامينٽ ۾ سڀ کان وڏي مخالف پارٽي جو اڳواڻ؛
  • انگلينڊ جي چرچ جا ٻئي آرچ بيشپ، جيڪي عهدي موجب هائوس آف لارڊز ۾ ويهندا آهن؛
  • سينيئر جج، جيڪي پروي ڪائونسل جا عدالتي ڪم سرانجام ڏيندا آهن؛
  • دولتِ مشترڪه ملڪن جا سينيئر نمائندا؛ ۽
  • برطانوي شاهي خاندان جا سينيئر فرد.

ان ڪري برطانيا جا ڪيترائي اڳوڻا ۽ موجوده نمايان سياستدان رائيٽ آنربل (نھايت محترم) خطاب جا حقدار آهن.

اتر آئرلينڊ جي پروي ڪائونسل 1971ع کانپوءِ ڪا نئين مقرري نه ٿي، پر بچيل مقرر ڪيل ميمبر اڃا به هن انداز جا حقدار آهن. غير برطانوي دولتِ مشترڪه-شهري جج جيڪي پروي ڪائونسل جي عدالتي ڪميٽي ۾ مقرر ٿين، اهي به هن خطاب جا حقدار آهن، البت جج جي پنهنجي ملڪ ۾ اهو خطاب نظرانداز به ٿي سگهي ٿو. هن وقت هائوس آف لارڊز[12] ۽ ڪاليج آف آرمس جو رواج هي آهي ته رائيٽ آنربل (نھايت عزت مآب) خطاب صرف پروي ڪائونسلرن لاءِ لاڳو ڪيو وڃي.[13]

پيرز (Peers)

[سنواريو]

هر اهڙو پير (اميراڻي طبقي جو ميمبر) جيڪو مارڪئس کان هيٺ درجي ۾ اصل/حقيقي پيريج رکي ٿو، رائيٽ آنربل خطاب جو حقدار آهي،[lower-alpha 2] ۽ اهڙي پير جون زالون ۽ بيواهون به.[حوالو گهربل] پر ڪنهن پير جو وارث جيڪو رواجِي/لحاظي لقب استعمال ڪري، ان کي اهو انداز نه ڏنو ويندو.[حوالو گهربل] ايرل کان مٿي درجي وارن پيرز لاءِ ٻيا انداز آهن: ڊيوڪ ۽ ڊچس لاءِ دي موسٽ نوبل يا ھز گريس يا ھر گريس, ۽ مارڪئس ۽ مارڪيونس لاءِ موسٽ آنربل.

پيرز مان جيڪي گڏوگڏ پروي ڪائونسل جا ميمبر به هجن، ۽ جيڪي نه هجن، انهن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ نالي بعد وارا اکر (post-nominal letter) جھڙوڪ PC ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪيا ويندا آهن.[lower-alpha 3] اهو سڀني درجن واري پيرز تي لاڳو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ⁠ته ڊيوڪ يا مارڪئس جيڪڏهن پروي ڪائونسلر بڻجن به، ته انهن جو وڌيڪ اعليٰ انداز برقرار رهندو، ۽ بغير انهن اکرن جي سڃاڻپ مشڪل ٿي سگهي ٿي. عملي طور، سرڪاري ڇاپن ۾، جتي مونجهارو ٿي سگهي، اتي رائيٽ آنربل خطاب کي پروي ڪائونسلرن جي سڃاڻپ لاءِ خاص طور استعمال ڪيو ويندو آهي.[23][13]

لارڊ ميئر، لارڊ پروووِسٽ ۽ ٻيا آفيسر

[سنواريو]

لنڊن، ڪارڊف، بيلفاسٽ ۽ يارڪ جا لارڊ ميئر؛ ۽ ايڊنبرگ ۽ گلاسگو جا لارڊ پروووِسٽ پنهنجي عهدي دوران رائيٽ آنربل انداز جا حقدار آهن. بيلفاسٽ ۽ ڪارڊف وارا بادشاهه/ملڪا جي واضح عطا سان، ۽ ٻيا قديم روايت موجب.[24] هي انداز شخص جي ذاتي نالي سان نه، پر عهدي جي نالي سان استعمال ٿيندو آهي، جيئن: “ رائيٽ آنربل لارڊ ميئر آف لنڊن” يا “ رائيٽ آنربل لارڊ پرووسٽ آف سٽي آف ايڊن برگ”.[25]. ٻيا لارڊ ميئر ڪڏهن رائيٽ ورشپفل به سڏيا وڃن ٿا، ۽ ٻيا ڪيترائي لارڊ پروووِسٽ ڪو خاص خطاب استعمال نٿا ڪن. 1920ع واري ڏهاڪي تائين، ڪي شهرن جا ميئر (مثلاً ليڊز جو لارڊ ميئر) غير رسمي طور رائيٽ آنربل استعمال ڪرڻ لڳا، جنهن بابت پارليامينٽ ۾ سوال به اٿيو.[26] برسٽل جو لارڊ ميئر اڃا تائين بغير سرڪاري اجازت جي رائيٽ آنربل استعمال ڪري ٿو.[27][28] جون 2003 ۾ جاري ڪيل هدايتن ۾ چانسري واري ڪرائون آفيس سفارش ڪئي ته ايبرڊين ۽ ڊنڊي جا لارڊ پروووِسٽ به ايڊنبرگ ۽ گلاسگو وانگر رائيٽ آنربل سڏيا وڃن.[25]

لنڊن ڪائونٽي ڪائونسل (LCC) جي چيئرمين کي 1935 ۾ بادشاهه جارج پنجون جي سلور جوبلي جي جشن طور اهو خطاب ڏنو ويو.[29] 1965 ۾ LCC جي جاءِ تي ايندڙ گريٽر لنڊن ڪائونسل (GLC) جي چيئرمين کي به اهو خطاب ڏنو ويو،[30] جيستائين 1986 ۾ GLC ختم نه ٿي.

رائيٽ آنربل خطاب لارڊ ليئون ڪنگ آف آرمز لاءِ به عهدي دوران استعمال ٿئي ٿو،[31][32][33] ۽ اهو انداز سندس ذاتي نالي بدران عهدي جي نالي کان اڳ ايندو آهي، جيئن ٻيا عھدي واري حيثيت (ex officio) تحت استعمال ڪن ٿا.

هائوس آف ڪامنس

[سنواريو]
برطانوي هائوس آف ڪامنس ۾، ميمبر هڪٻئي لاءِ آنربل (عزت مآب) ۽ رائيٽ آنربل جا لفظ استعمال ڪندا آهن.

برطانوي هائوس آف ڪامنس جي چيمبر ۾ ھائوس جي ميمبرن کي اجازت ناهي ته هو هڪٻئي کي سڌو مخاطب ڪن، يا ٻيا ميمبر نالي سان سڏين؛ بلڪه هو اسپيڪر کي مخاطب ڪري ٻين ميمبرن ڏانهن اڻ سڌي نموني حوالو ڏيندا آهن. هي رواج شائسته لهجي ۽ نظم برقرار رکڻ لاءِ آهي.[34] ڪرسيءَ تي ويٺل شخص (Chair) ئي ميمبرن کي نالي سان مخاطب ڪندو آهي. ميمبر عام طور پنھنجي پارٽي جي ساٿي لاء "ماء آنربل فرينڊ" (منھنجو عزت مآب دوست) چوندا آهن، ۽ ٻي صورت ۾ “آنربل جينٽلمين/ ليڊي/ ميمبر”. ضرورت پئي ته حلقو (“  جو آنربل ميمبر...”) يا وزيراڻو عهدو (مثلاً "منھنجا رائيٽ آنربل دوست وزيراعظم ”) وضاحت لاءِ شامل ڪري سگهن ٿا.[lower-alpha 4]

هڪٻئي کي آنربل (عزت مآب) سڏڻ صرف ايوان جي اندر هڪ شائستگي آهي، ايوان کان ٻاهر ڪو رسمي انداز ناهي. پر جيڪڏهن ڪو ميمبر حقيقت ۾ رائيٽ آنربل خطاب جو حقدار هجي (عملي طور هميشه پروي ڪائونسل جي رڪنيت سبب)، ته ايوان ۾ به کيس اهڙي طرح سڏيو ويندو آهي. ڪڏهن روايتي طور پادرين لاءِ رورنڊ (reverend)، فوجي آفيسرن لاءِ گالنٽ (gallant)، ۽ بيرسٽرن لاءِ لرنڊ (learned) جا اضافي لفظ به لڳايا ويندا آهن؛ 2010 جي ماڊرنائيزيشن ڪميٽي رپورٽ کان پوءِ ختم ڪرڻ جي سفارش ٿي، پر عملي طور اڃا جاري آهي.[35][36] خلاصو:

  • جيڪي ميمبر پروي ڪائونسلر نه هجن، انهن لاءِ “آنربل”.
  • جيڪي ميمبر پروي ڪائونسلر هجن، انهن لاءِ “رائيٽ آنربل”.
  • “(رائيٽ) آنربل اينڊ رورنڊ" پادرين لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.[37]
  • “(رائيٽ) آنربل ۽ گالنٽ” فوجي آفيسرن لاءِ.[38][39]
  • “(رائيٽ) آنربل ۽ لرنڊ ” بيرسٽرن لاءِ.[40][41]

اجتماعي ادارا

[سنواريو]

رائيٽ آنربل (نھايت محترم) کي ڪيترن اجتماعي ادارن جي نالن کان اڳ پڻ مھڙ (prefix) طور وڌو ويندو آهي، جيئن: رائيٽ آنربل

ڪينيڊا (Canada)

[سنواريو]

ڪينيڊا ۾ رڳو ٽن سڀ کان اعليٰ سرڪاري عهدن تي ويٺل ماڻهن کي رائيٽ آنربل (فرينچ ۾ Le/La très honorable) سڏيو ويندو آهي. اڳي اهو يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي پروي ڪائونسل ۾ مقرري سبب هو، پر ليسٽر پيئرسن جي حڪومت دوران ڪينيڊين مقرريون بند ٿي ويون. هاڻي، جيڪي ماڻهو هيٺين عهدن مان ڪنهن عهدي تي هجن يا رهي چڪا هجن، اهي سڄي عمر لاءِ رائيٽ آنربل انداز جا حقدار آهن:

رائيٽ آنربل کي ھز ايڪسيلنسي يا ھر ايڪسيلنسي سان نه ملايو وڃي، جيڪو گورنر جنرل پنهنجي عهدي دوران استعمال ڪري ٿو؛ ۽ نه ئي آنربل سان، جيڪو رڳو عهدي دوران استعمال ٿئي ٿو (سواءِ نووا اسڪوٽيا، البرٽا، سسڪاچوان ۽ اونٽاريو، جتي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جا اعزازي ميمبر مستقل طور هي خطاب رکن ٿا)؛ جڏهن⁠ته سينيٽر ۽ ڪنگز پروي ڪائونسل آف ڪيناڊا جا ميمبر (عام طور ڪابينه جا وزير، ۽ ڪڏهن پارٽي اڳواڻ يا صوبائي پريميئر) زندگيءَ دوران آنربل رکن ٿا.

گورنر جنرل ممتاز ڪينيڊين شخصيتن کي به زندگيءَ لاءِ هي خطاب ڏئي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ انهن وٽ اهي عهدا نه هجن جن مان پاڻمرادو حقداري پيدا ٿئي. اهو ٻه ڀيرا ٿيو آهي: 1992 ۾ ڪيناڊائي ڪنفيڊريشن جي 125هين سالگرهه تي اٺ سياسي شخصيتن کي،[lower-alpha 5] ۽ 2002 ۾ ڊگهي عرصي جي ايم پي ھرب گري کي رٽائرمينٽ تي.

زنده ڪيناڊائي ماڻھو جيڪي رائيٽ آنربل (نھايت محترم) وارو خطاب رکن ٿا
شخص جنم ڀومي عھدو ڄائو منظوري
مارڪ ڪارني فورٽ سمٿ, اتر-اولھ وارو علائقو وزيراعظم 16 مارچ 1965 14 مارچ 2025
جسٽن ٽروڊو اوٽاوا, اونٽاريو اڳوڻو وزيراعظم 25 ڊسمبر 1971 4 نومبر 2015
اسٽيفن ھارپر ٽورنٽو, اونٽاريو 30 اپريل 1959 6 فيبروري 2006
پاويل مارٽن ونڊسر, اونٽاريو 28 آگسٽ 1938 12 ڊسمبر 2003
جين ڪريتين شاونيگان, ڪيوبڪ 11 جنوري 1934 4 ڊسمبر 1993
ڪم ڪيمپبيل پورٽ البرني, برٽش ڪولمبيا 10 مارچ 1947 25 جون 1993
جو ڪليرڪ ھاء رور, البرٽا 5 جون 1939 4 جون 1979
ميري سائمن فورٽ سيورائٽ, ڪيوبڪ ڪيناڊا جو گورنر جنرل 21 آگسٽ 1947 26 جولاءِ 2021
جولي Payette مونٽريال, ڪيوبڪ اڳوڻو گورنر جنرل 20 آڪٽوبر 1963 2 آڪٽوبر 2017
ڊيوڊ جانسٽن سڊبري, اونٽاريو 28 جون 1941 1 آڪٽوبر 2010
مشلي جين پورٽو پرنس, ھئٽي 6 سيپٽمبر 1957 27 سيپٽمبر 2005
ايڊريئني ڪلئرڪسن ھانگ ڪانگ 10 فيبروري 1939 7 آڪٽوبر 1999
ايڊورڊ شريئر بوزژور, مينٽوبا 21 ڊسمبر 1935 22 جنوري 1979
رچرڊ ويگنر مونٽريال, ڪيوبڪ چيف جسٽس 2 اپريل 1957 18 ڊسمبر 2017
بيورلي ميڪلاڪلن پنچر ڪريڪ, البرٽا اڳوڻو چيف جسٽس 7 سيپٽمبر 1943 7 جنوري 2000

وقت سان گڏ، ڪيترائي ڪينيڊين شخصيتون برطانوي پرائيوي ڪائونسل جون ميمبر بڻيون ۽ رائيٽ آنربل(نھايت محترم) انداز جون حقدار ٿيون—يا ته برطانيا ۾ خدمتن سبب (مثلاً لنڊن ۾ نمائندن طور)، يا امپيريل جنگي ڪابينه جي ميمبرشپ سبب، يا پنهنجي سياسي اهميت سبب. انهن ۾ ڪينيڊا جي شروعاتي وزيراعظمن مان ٽي ( اليگزينڊر ميڪنيزي، جان ايبٽ، ۽ ميڪنيزي بوئل ) کان سواءِ گهڻا شامل هئا، ڇاڪاڻ⁠ته اهي ان دور ۾ وزيراعظم هئا جڏهن ڪينيڊا اندروني طور هن عنوان کي استعمال ڪرڻ شروع نه ڪيو هو.

نيوزيلينڊ

[سنواريو]

نيوزيلينڊ ۾ اڳي وزيراعظم ۽ ڪجهه ٻيا سينيئر وزير عام طور تي برطانوي پروي ڪائونسل ۾ مقرر ٿيندا هئا ۽ ان سبب رائيٽ آنربل سڏبا هئا.[42]

ھيلن ڪلارڪ پنهنجي وزيراعظمي (1999–2008) دوران ڪنهن نئين پرائيوي ڪائونسلر جي سفارش نه ڪئي. 2009 ۾ اعلان ٿيو ته سندس جانشين جان ڪي به برطانوي تاج کي وڌيڪ مقررين لاءِ سفارشون نه ڪندو.[43]

آگسٽ 2010 ۾ نيوزيلينڊ جو شاھي سربراھ اعلان ڪيو ته فوري طور تي، جيڪي ماڻهو هيٺين عهدن تي هجن، ۽ جيڪي ان تاريخ کان پوءِ انهن عهدن تي مقرر ٿين، انهن کي زندگيءَ لاءِ رائيٽ آنربل انداز ڏنو ويندو:[42]

هي تبديلي ان ڪري آندي وئي جو نيوزيلينڊ وارن جي برطانوي پرائيوي ڪائونسل ۾ مقرريءَ جو رواج ختم ٿي چڪو هو. البت، فوري اثر محدود رهيو، ڇو⁠ته جن کي انداز ڏنو ويو انهن مان اڪثر اڳ ئي پرائيوي ڪائونسلر هئا.[44][45].

زنده نيوزيلينڊرز جيڪي پروي ڪائونسل جي رڪنيت سبب رائيٽ آنربل آهن:


زنده نيوزيلينڊرز جيڪي 2010 واري تبديليءَ سبب زندگيءَ لاءِ رائٽ آنربل آهن:

نالوسببتاريخ
سر آنند ستيا نند اڳوڻو گورنر جنرل 2 آگسٽ 2010
سر جان ڪي اڳوڻو وزيراعظم
سر لاڪ وُڊ اسمتھ اڳوڻو اسپيڪر، هائوس آف ريپريزنٽيٽوز
سر جيري ماتي پارائي اڳوڻو گورنر جنرل 31 آگسٽ 2011
سر ڊيوڊ ڪارٽر اڳوڻو اسپيڪر، هائوس آف ريپريزنٽيٽوز 31 جنوري 2013
ڊيم پيٽسي ريڊي اڳوڻي گورنر جنرل 28 سيپٽمبر 2016
سر بل انگلش اڳوڻو وزيراعظم 12 ڊسمبر 2016
ڊيم جيسنڊا آرڊرن 26 آڪٽوبر 2017
سر ٽريور ميلارڊ اڳوڻو اسپيڪر، هائوس آف ريپريزنٽيٽوز 7 نومبر 2017
ڊيم هيلن وِنڪلمين چيف جسٽس 14 مارچ 2019
ڊيم سنڊي ڪيرو گورنر جنرل 21 آڪٽوبر 2021
ايڊرين رُراوي اڳوڻو اسپيڪر، هائوس آف ريپريزنٽيٽوز 24 آگسٽ 2022
ڪرس هپڪنز اڳوڻو وزيراعظم 25 جنوري 2023
ڪرسٽوفر لڪسن وزيراعظم 27 نومبر 2023
گيري براونلي اسپيڪر، هائوس آف ريپريزنٽيٽوز 5 ڊسمبر 2023

آفريقا

[سنواريو]

ڪينيا جي وزيراعظم جو عهدو پنهنجي وجود واري عرصي دوران رائيٽ آنربل (نھايت محترم) جي خطاب سان سڏبو هو۔ آزاديءَ کان پوءِ ڪينيا ۾ ٻه شخص اهڙا ٿيا، جن کي رائيٽ آنربل جو خطاب ڏنو ويو: ملڪ جو باني اڳواڻ ۽ پهريون وزيراعظم جومو ڪينياتا (Jomo Kenyatta)، ۽ ٻيو وزيراعظم رائلا امولو اوڊنگا (Raila Amolo Odinga)، جيڪو 2008ع کان 2013ع تائين هن عهدي تي رهيو۔ رائلا امولو اوڊنگا، جنهن کي عوامي طور بابا (Baba) ــ يعني سياسي پيءُ ۽ هڪ معما ــ پڻ چيو وڃي ٿو، آفريڪا ۾ هڪ وڏو سياسي اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو۔ هو پين آفريقن ازم (Pan-Africanism) جو حامي ۽ بھتر حڪمراني (Good Governance) لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو۔ هن وقت نميبيا (Namibia) ۽ يوگنڊا (Uganda) جا وزيراعظم پڻ رائيٽ آنربل جي اعزازي انداز سان سڏيا وڃن ٿا۔ ان کان علاوه، يوگنڊا جي پارليامينٽ جو اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر به هن اعزازي انداز جا حقدار آهن۔

ڪيريبين

[سنواريو]

بارباڊوس، گريناڊا، سينٽ لوسيا، سينٽ ونسنٽ اينڊ دي گرينڊينز ۽ ٽرينڊاڊ اينڊ ٽوباگو جا وزيراعظم رائيٽ آنربل (نھايت محترم) جي خطاب سان سڏيا وڃن ٿا۔ ان کان علاوه، ويسٽ انڊيز فيڊريشن جي وزيراعظم کي به، هن فيڊريشن جي مختصر وجود واري عرصي دوران، رائيٽ آنربل جو اعزازي انداز ڏنو ويندو هو۔

ملائيشيا

[سنواريو]

ملائيشيا ۾ وفاقي سطح تي رڳو ملائيشيائي وزيراعظم، سندس يا سندس جي ڊپٽي وزيراعظم، فيڊرل ڪورٽ جا چار جج[lower-alpha 6] ۽ اهي پارليامينٽ جا ميمبر جيڪي تُون (Tun) جي لقب سان نوازيل هجن، رائيٽ آنربل ( نھايت محترم) جي انداز سان سڏيا وڃن ٿا۔

ملئي ٻولي ۾ اهو خطاب Yang Amat Berhormat سڏبو آهي، جڏهن ⁠ته ججن لاءِ Yang Amat Arif استعمال ڪيو ويندو آهي۔

صوبائي سطح تي منتري بيسار، چيف منسٽر ۽ پريميئر]] ۽ سندن ڊپٽي پڻ رائيٽ آنربل سڏجن ٿا۔

نيپال

[سنواريو]

نيپال ۾ صدر، نائب صدر، ايوانِ نمائندگان جو اسپيڪر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي رسمي طور رائيٽ آنربل (Script error: The function "langx" does not exist.) چيو ويندو آهي۔ وزير، پارليامينٽ جا ميمبر (هيٺيون ۽ مٿيون ايوان، ۽ صوبائي اسيمبليون) ۽ صوبن جا چيف منسٽر رڳو آنربل (محترم) سڏيا وڃن ٿا۔ غير رسمي گفتگو ۾ ڪڏهن ڪڏهن “آنربل” لفظ جي استعمال بابت مذاق پڻ ڪيو ويندو آهي، جيئن وڌيڪ سينيئر ۽ گهٽ سينيئر عهدن وارن ۾ فرق ظاهر ڪيو وڃي۔ انگريزي ۾ هي خطاب ڪڏهن ڪڏهن The Rt. Hon’ble طور به لکيو ويندو آهي۔


ڏکڻ ڪوريا

[سنواريو]

ڏکڻ ڪوريا ۾ صدر، وزيراعظم، نيشنل اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رائيٽ آنربل ( نھايت محترم) جو خطاب استعمال ڪري سگهن ٿا۔[حوالو گهربل]


اسپين

[سنواريو]

اسپين جي خودمختيار برادرين مان ڪاتالونيا (Catalonia) ۾ ڪاتالونيا جو صدر ۽ پارليامينٽ جو صدر کي رسمي طور رائيٽ آنربل ( نھايت محترم) سان مخاطب ڪيو ويندو آهي۔

خطاب جو تاريخ ۾ يا محدود استعمال ٿيڻ وارا ملڪ

[سنواريو]

آسٽريليا

[سنواريو]

آسٽريليا ۾ ايڊليڊ، برسبين، هوبارٽ، ميلبورن، پرٿ ۽ سڊني جا لارڊ ميئر عهدو سنڀاليندي، ‘‘رائيٽ آنربل جي خطاب جا حقدار هوندا آهن۔ تاريخي طور، ڪيتريون ئي آسٽريلين شخصيتون برطانيه جي برطانوي پروي ڪائونسل جا ميمبر هئڻ سبب هن خطاب جون حقدار رهيون آهن۔ آسٽريليا جي ھم منصب اداري فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ مقرري، پاڻمرادو ’’رائيٽ آنربل‘‘ جو خطاب عطا نٿي ڪري۔ شاهي پروي ڪائونسل ۾ مقررين ۾ عام طور رياستي ۽ وفاقي سطح جا سينيئر سياستدان ۽ جج شامل هوندا هئا۔ ميلڪم فريزر (Malcolm Fraser) 1976ع ۾ اهڙو آخري وزيراعظم هو، جنهن پروي ڪائونسل جي مقرري قبول ڪئي ۽ ان سبب ’’رائيٽ آنربل‘‘ سڏجڻ جو حق حاصل ڪيو۔ هن کان اڳ وارن 21 وزيراعظمن مان صرف چار اهڙا هئا، جيڪي پروي ڪائونسل جا ميمبر نه هئا: الفريڊ ڊيڪن (Alfred Deakin) مقرري جي پيشڪش رد ڪئي ھئي، ڪرس واٽسن (Chris Watson) کي ڪڏهن پيشڪش ئي نه ٿي، آرٿر فيڊن (Arthur Fadden) پيشڪش عهدو ڇڏڻ بعد قبول ڪئي، ۽ گف وِٽلم (Gough Whitlam) مقرري جي پيشڪش رد ڪئي ھئي۔ آسٽريليا جو آخري گورنر جنرل، جيڪو ’’رائيٽ آنربل‘‘ جي خطاب جو حقدار هو، سر نينيئن اسٽيڦن (Ninian Stephen) هو۔

موجوده دور ۾ آسٽريليا جون حڪومتون هاڻي آسٽريلين کي برطانوي اشرافيه (Peerage) ۾ بلند ڪرڻ يا برطانوي پرائيوي ڪائونسل ۾ مقرري جي سفارش نٿيون ڪن. تنهن هوندي به، ڪجهه موجوده آسٽريلين شهري اڃا تائين موروثي اشرافي لقب رکن ٿا (مثال طور مالڪم مري، ٻارهون ارل آف ڊنمور (Malcolm Murray, 12th Earl of Dunmore)).

اڄ جي دور جا اهي آسٽريلين جيڪي رائيٽ آنربل جو لقب رکن ٿا سبب اڳوڻو عهدو
آئين سنڪليئر، AC برطانيا جي برطانوي پروي ڪائونسل جو ميمبر اسپيڪر، آسٽريلين هائوس آف ريپريزينٽيٽو
سر وليم هيسلٽائن، GCB، GCVO، AC


برطانيا جي برطانوي پروي ڪائونسل جو ميمبر بادشاهه جو ذاتي سيڪريٽري
مالڪم مري، ٻارهون ارل آف ڊنمور ارل آف ڊنمور برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر
رابرٽ فائينز-ڪلِنٽن، اوڻيهون ارل آف لنڪن ارل آف لنڪن
سائمن ايبني-هيسٽنگز، پندرهون ارل آف لوڊن ارل آف لوڊن (Earl of Loudoun)
جارج ڊاسن-ڊيـمر، ستون ارل آف پورٽرلنگٽن ارل آف پورٽرلنگٽن
ڪيٿ روس، ڇهون ارل آف اسٽريڊبروڪ ارل آف اسٽريڊبروڪ
فرانسس گروسوينر، اٺون ارل آف ولٽن ارل آف ولٽن
نڪولس سينٽ جان، نائون وسڪائونٽ بولنگ بروڪ، ڏهون وسڪائونٽ سينٽ جان وسڪائونٽ بولنگ بروڪ
چارلس ڪيوندش، ستون بارن چيشم بئرن چيشم
جيمس لنڊزي، ٽيون بارن لنڊزي آف برڪر بئرن لنڊزي آف برڪر
ڊيوڊ ڪيمپبل، ستون بارن آف اسٽريٿيڊن اينڊ ڪيمپبل بئرن اسٽريٿيڊن
ڊيوڊ بيڊن-پاويل، پنجون بارن بيڊن-پاويل بئرن بيڊن-پاويل


آئرلينڊ

[سنواريو]

آئرلينڊ جي پروي ڪائونسل جا ميمبر ’’رائيٽ آنربل‘‘ جي لقب جا حقدار هئا، جيتوڻيڪ ڊسمبر 1922ع ۾ آئرش فري اسٽيٽ جي قيام کان پوءِ پرائيوي ڪائونسل عملي طور پنهنجا سمورا اختيار وڃائي ويٺي ۽ گڏجاڻيون به نه ٿيون ٿين. تنهن هوندي به، ڊبلن جو لارڊ ميئر، برطانيا ۾ پنهنجي ڪجهه هم منصبن وانگر، اهو اعزازي لقب استعمال ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ⁠ته اهو لقب کيس قانون سازي ذريعي الڳ نموني سان عطا ڪيو ويو هو؛ پر 2001ع ۾ مقامي حڪومت بابت قانوني سڌارن جي نتيجي ۾ اهو لقب ختم ڪيو ويو.[حوالو گهربل]

سري لنڪا

[سنواريو]

سري لنڪا (جيڪو اڳ ۾ برطانوي سيلون (British Ceylon) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو) ۾ برطانوي روايت تي عمل ڪيو ويندو هو، جتي برطانيا جي پروي ڪائونسل جا سيلوني ميمبر ’’رائيٽ آنربل‘‘ جي لقب سان سڏبا هئا، ۽ سنھالا ٻولي ۾ کين Mahamanya چيو ويندو هو. سيلون مان پروي ڪائونسل ۾ مقرر ٿيل شخصيتن ۾ ڊي. ايس. سينانائڪي (D. S. Senanayake) ۽ سر جان ڪوٽيلاؤالا (Sir John Kotelawala) شامل هئا.[46]

حوالا

[سنواريو]
  1. سانچو:OED
  2. سانچو:OED
  3. Montague-Smith (1979), pp. 33–35, 80–82.
  4. Hickey (2013), pp. 365–372, 378– 379, 396–402.
  5. Ferrers 1989, c.1116WA, "بيلفاسٽ ۽ ڪارڊف جا لارڊ ميئر ۽ گلاسگو جو لارڊ پروووِسٽ بادشاهه/ملڪا جي واضح عطا (express grant) موجب ‘رائيٽ آنربل’ (نھايت محترم) خطاب جا حقدار آهن. هي خطاب پروي ڪائونسلرن، مارڪئس کان هيٺ درجي وارن پيرز (جن ۾ اهي عورتون به شامل آهن جيڪي پاڻ پنهنجي حق ۾ پير آهن)، لنڊن ۽ يارڪ جي لارڊ ميئرن، ۽ ايڊنبرگ جي لارڊ پروووِسٽ طرفان به قديم رواج ۽ تسليم شده روايت (ancient prescriptive usage) جي بنياد تي اختيار ڪيو ويندو آهي.```".
  6. "Privy Council members", Privy Council Office, اصل کان 6 December 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 June 2015۔
  7. "Right Honourable", TheyWorkForYou, اصل کان 6 September 2017 تي آرڪائيو ٿيل۔
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named debretts-earls
  9. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named debretts-viscounts
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named debretts-barons
  11. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named britannica
  12. "Addressing members of the Lords", House of Lords, UK Parliament, حاصل ڪيل 7 May 2022۔
  13. 1 2 Home Office (30 January 2021), Titles: Guidance for Her Majesty's Passport Office operational staff on how to add and record titles and observations on a passport, Version 7.0, HM Government, ص: 10, حاصل ڪيل 5 May 2022۔
  14. Black (1955), p. 44.
  15. Kidd & Williamson (1985), passim.
  16. Hickey (2013), pp. 396–402.
  17. Montague-Smith (1979), pp. 21–37.
  18. Kidd & Williamson (1985), p. 43, headings "Privy Counsellors" and "Rt Honourable".
  19. Montague-Smith (1979), pp. 28, 35, 80–82.
  20. Hickey (2013), pp. 365–366.
  21. Mosley (1999), passim.
  22. Black (1955), pp. 44, 101–102.
  23. Ferrers (1989), cc. 1117WA–1118WA, "For official purposes, the style is omitted in many circumstances, owing to the need for brevity, clarity or informality, as the occasion dictates. For example, the style is omitted in lists of Ministers for Peers who fall below the rank of Marquess and who are not Privy Counsellors in order to distinguish them from Peers who are Privy Counsellors."
  24. Ferrers 1989, c.1116WA, "The Lord Mayors of Belfast and Cardiff and the Lord Provost of Glasgow are entitled to the style 'Right Honourable' by express grant of the Sovereign. The style is also taken by Privy Counsellors, Peers below the rank of Marquess (which includes ladies who are Peers in their own right), the Lord Mayors of London and York and the Lord Provost of Edinburgh by ancient prescriptive usage.".
  25. 1 2 Crown Office (June 2003), "Forms of Address for Use Orally and in Correspondence", Department for Constitutional Affairs, UK Government, اصل کان 16 January 2006 تي آرڪائيو ٿيل۔
  26. "Reception by the Right Hon. the LORD MAYOR OF LEEDS and LADY MAYORESS (Mr. and Mrs. HUGH LUPTON) to the B.N.O.C. on the occasion of their visit to the Theatre Royal, Leeds – 2LS Leeds, 6 November 1927", Radio Times, اصل کان 9 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 9 March 2016۔
  27. "The Title of Lord Mayor – Use of the Prefix 'Right Honourableسانچو:'", in The Times, 7 July 1932, p. 16
  28. "Lord Mayor of Bristol", Bristol City Council, اصل کان 21 March 2009 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 26 December 2008۔
  29. "Royal Guests of L.C.C. The Queen At The County Hall, Honour For Chairman". The Times: p. 16. 1 June 1935.
  30. "Home Office", The لنڊن Gazette (43613), 30 March 1965: 3195
  31. "The Lord Lyon", The Court of the Lord Lyon, اصل کان Nov 29, 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 May 2022, "Dr Joseph John Morrow CBE QC LLD DL FRSE, The Right Honourable the Lord Lyon King of Arms"
  32. "Other Notices", The ايڊنبرا Gazette (26518), 2 September 2008: 3660, "Anyone believing they have a better claim to the dignity of the Barony of Cartsburn should write to the Rt Hon Lord Lyon at H.M. New Register House, Edinburgh, EH1 3YT within 40 calendar days ..."
  33. Callaghan, Jamie (7 May 2019). "Crail to be presented new coat of arms". Fife Today. https://www.fifetoday.co.uk/news/people/crail-be-presented-new-coat-arms-977233. "The Right Honourable the Lord Lyon King of Arms, the head of Lyon Court, is the most junior of the Great Officers of State in Scotland ..."
  34. "Forms of address". BBC News. 1 September 2008. http://news.bbc.co.uk/1/hi/uk_politics/82149.stm.
  35. Afghanistan آرڪائيو ڪيا ويا 14 February 2022 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Hansard. (2021). An example of the use after recommended abolition.
  36. "Factsheet G7 – Some Traditions and Customs of the House", House of Commons, August 2010, ص: 
  37. Ross, William (4 February 1998). "Functions of the Commission". Hansard. House of Commons debates. 305. UK Parliament. c. 1154. https://hansard.parliament.uk/commons/1998-02-04/debates/0cc0029a-98df-48d8-adee-bcf4c98e54a3/Clause2#contribution-f482543d-108f-41ff-aa29-9fcc8418c6d7. "My hon. and reverend Friend the Member for Belfast, South (Rev. Martin Smyth) ..."
  38. Ansell, Caroline (11 November 2020). "Remembrance, UK Armed Forces and Society". Hansard. House of Commons debates. 683. UK Parliament. c. 967. https://hansard.parliament.uk/commons/2020-11-11/debates/A73629F4-0813-40AA-AA6C-48AB187CBB40/RemembranceUKArmedForcesAndSociety#contribution-5F8AFA68-BAE6-469B-8B3C-1B747041BB2C. Retrieved 9 May 2022. "... as raised by my right hon. and gallant Friend the Member for Bournemouth East (Mr Ellwood)."
  39. Mitchell, Andrew (15 March 2022). "Ukraine". Hansard. House of Commons debates. 710. UK Parliament. c. 835. https://hansard.parliament.uk/Commons/2022-03-15/debates/C14107E9-C9B3-4D21-BC8D-0026C95B6B04/Ukraine#contribution-E7531641-A2E0-4FCA-9FF1-E96C2C420A4B. Retrieved 9 May 2022. "My right hon. and gallant Friend, who made such a great speech earlier ..."
  40. Johnson, Boris (Prime Minister). "Engagements". Hansard. House of Commons debates. 704. UK Parliament. c. 909. https://hansard.parliament.uk/commons/2021-12-01/debates/A0E282CF-039D-4F26-8F16-946B8C6E2ABC/Engagements#contribution-A1887424-0E58-4F32-AEAB-908EC2392C17. "I know that the right hon. and learned Gentleman is eligible for his booster."
  41. "Bercow dragged to Speaker's chair by Grant, Bottomley and McGovern". BBC News. 13 June 2017. https://www.bbc.co.uk/news/av/uk-politics-40263944. This video is of the speech of Speaker John Bercow after his re-election as Speaker after the 2017 general election, referring to "the right honourable and learned gentleman, the member for Rushcliffe", i.e. Father of the House Kenneth Clarke, who is a barrister.
  42. 1 2 "The Right Honourable" (ٻولي ۾ en-NZ), Department of the Prime Minister and Cabinet, اصل کان 8 April 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 April 2017۔
  43. "Reinstatement of Titles in the New Zealand Honours System Questions and Answers", اصل کان 3 June 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 June 2009۔
  44. "Use of the title 'The Right Honourable' in New Zealand", The Royal Household, 2 August 2010, اصل کان 5 August 2010 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 3 August 2010۔
  45. هي ضابطو اڳوڻن گورنر جنرلن سر پال ريِوز، ڊيم ڪئٿرين ٽزارڊ ۽ ڊيم سلويا ڪارٽ رائيٽ تي لاڳو نه ٿيو، ۽ نه ئي اڳوڻن اسپيڪرن سر ڪيري برڪ، سر رابن گري، سر پيٽر ٽئپسِل، سر ڊگ ڪِڊ ۽ مارگريٽ وِلسن تي لاڳو ٿيو
  46. "D.S. Senanayake – A nation's father, undisputed leader of all time | Daily FT", www.ft.lk۔
  1. هي اصول عام طور تي اهڙن سڀني وصفي اعزازي اندازن تي لاڳو ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ، اهي اعزازي انداز جيڪي اسم جي صورت ۾ هوندا آهن (مثلاً ماجسٽي. سڌي خطاب ۾ لاڳاپيل ضميري صورت سان يا نالي جي جاءِ تي استعمال ٿي سگهن ٿا.
  2. Black's Titles and Forms of Address claims[14] that the capitalised The before substantive peers' titles is an abbreviated form of their style. For example, "The Earl of Beaconsfield" would be short for "The Right Honourable Earl of Beaconsfield". However, this argument does not account for the second The in commonly-found formulations of the kind "The Right Honourable The Earl of Beaconsfield"سانچو:R/ref or "The Most Honourable The Marquess of Salisbury"سانچو:R/ref; and the argument is not corroborated by other guides which recommend the latter forms.[15][16][17]
  3. This practice is recommended by Debrett's Peerage and Baronetage[18]سانچو:R/refسانچو:R/ref and Correct Form,[19] and Hickey's Honor and Respect;[20] and is applied consistently throughout Burke's Peerage & Baronetage.[21] However, it is considered incorrect by Black's Titles and Forms of Address, which holds that membership of the Privy Council results in no post-nominal letters because it is an office and not an honour.[22]
  4. ھينسارڊ (پارلياماني ڪاروائي جو رڪارڊ) ۾ ٻين ايم پيَز بابت حوالن کي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ وڌائي لکيو ويندو آهي، يعني اُن ۾ لاڳاپيل تڪ يا وزارت/عهدو ۽ نالو قوسين ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، ڀلي اها ڳالهه اصل ۾ ائين چئي ويئي هجي يا نه. هن وقت آنربل (عزت مآب) کي هميشه مختصر ڪري hon لکيو ويندو آهي.```.
  5. Martial Asselin, Ellen Fairclough, Alvin Hamilton, Paul Martin Sr., Don Mazankowski, Jean-Luc Pépin, Jack Pickersgill, and Robert Stanfield.
  6. چار ججن مان مراد: چيف جسٽس، ڪورٽ آف اپيل جو صدر، ۽ ملايا جي هاءِ ڪورٽ ۽ صباح ۽ سراواڪ جي هاءِ ڪورٽ جا چيف جج
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو