رئيس الهڏتا رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سماجي سياسي ادبي شخص مرحوم رئيس الهڏتا رند 3جون1942ع تي ڳوٺ محب علي رند Mohib Ali Rind ۾مهر علي رند جي گهر ۾ ڄائو.سندس تعلقمقصودو رندجي معزز فقيراڻي خاندان سان ھو. پاڻ پنھنجي برادري جو پھريون ميٽرڪ پاس شخص ھو. شروعاتي تعليم علائقي جي مختلف اسڪولن ۾ حاصل ڪرڻ کانپوء وڌيڪ تعليم شھر شھدادپور جي ميونسپل ھائ اسڪول ۾حاصل ڪئي۔ھالا ڪاليج مان انٽر ڪرڻ کانپوء بي اي جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين۔تعليم کانپوء پنھنجي برادري مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ساڻنس گڏ رھيو۔

سماجي ۽ سياسي شخصيت رئيس الهڏتي رند ولد ميهر علي ڳوٺ محب علي رند، تعلقي شهدادپور ۾ 3 جون 1942ع تي جنم ورتو. ٽن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات کانپوءِ سندس چاچي محمد ابراهيم سندس پالنا ڪئي. جڏهن ڪجهه وڏو ٿيو ته پرائمري تعليم لاءِ علائقي جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتائين. سنڌي فائنل کانپوءِ مئٽرڪ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، علائقي جو پهريون مئٽرڪ پاس ڪندڙ شخص بڻجي ويو. ميٽرڪ جي تعليم کان پوءِ هالا جي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺي ڳوٺاڻن جي قانوني مسئلن حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. 1976ع ۾ پنهنجي اباڻي ٻني آباد ڪيائين ۽ قانوني مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏ سٺي زميندار جي حيثيت سان علائقي ۾ سرگرم رهيو. 1986ع ڌاري ڳوٺ ۾ بجلي ورتائين، 1994ع ۾ ڳوٺ ۾ دڪانن جي مارڪيٽ ٺهرائي، هڪ چوڪ جو بنياد وڌائين، جيڪو ’مقصودي رند‘ جو هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز آهي، هن چوڪ جي آباد ٿيڻ ڪري ڪيترن ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا. رئيس الهڏتي رند ادبي سرگرمين ۾ به حصو ورتو. شاعري ڪرڻ سان گڏ سلطان فقير بابت معلومات شايع ڪرايائين.

هن هر دلعزيز انسان مختصر علالت بعد 22 نومبر 2005ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي قبرستان ’گهنور فقير رند‘ ۾ آهي.