مواد ڏانھن هلو

ذھن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ذهن اهو آهي جيڪو سوچي ٿو، محسوس ڪري ٿو، پرکي ٿو (مشاهدو ڪري ٿو)، تصور ڪري ٿو، ياد ڪري ٿو ۽ ارادو ڪري ٿو. هي ذهني پديدن (phenomena) جي مجموعي جو نالو آهي، جنهن ۾ اهي شعوري عمل پڻ شامل آهن جن جي ذريعي هڪ فرد خارجي ۽ داخلي حالتن کان واقف ٿئي ٿو، ۽ اهي لاشعوري عمل پڻ جيڪي ڪنهن ارادي يا آگاهي کانسواءِ فرد تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. انساني زندگيءَ جي اڪثر پهلوئن ۾ ذهن مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ان جي حقيقي نوعيت تڪراري آهي. ڪجهه وصفون داخلي پهلوئن تي زور ڏين ٿيون، جن موجب ذهن معلومات کي تبديل ڪري ٿو ۽ ٻاهرين مشاهدہ ڪندڙن لاءِ سڌي ريت پهچ لائق ناهي هوندو. ٻيا وري ان جو تعلق ظاهري روش سان ڳنڍين ٿا، ۽ ذهني پديدن کي مشاهدي هيٺ ايندڙ رويي جي لاڙن طور سمجهن ٿا.

ذهن ۽ جسم جو مسئلو

[سنواريو]

ذهن ۽ جسم جو مسئلو مادي ۽ ذهن جي وچ ۾ تعلق جي وضاحت ڪرڻ جو هڪ چئلينج آهي. روايتي طور تي، ذهن ۽ مادي کي اڪثر علحده وجود (substances) سمجهيو ويندو هو جيڪي هڪ ٻئي کان آزاد رهي سگهن ٿا. 20 هين صديءَ کان وٺي غالب فلسفاڻو موقف فزيڪلزم (Physicalism) رهيو آهي، جيڪو چوي ٿو ته هر شيءِ مادي آهي، يعني ذهن ڪجهه مادي شين جا خاص پهلو يا خاصيتون آهن.

ذهن جي ارتقائي تاريخ تنتي نظام (Nervous system) جي واڌ ويجهه سان جڙيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دماغ جي بناوت ٿي. جيئن دماغ وڌيڪ پيچيده ٿيندا ويا، ذهني ڪمن جو تعداد ۽ صلاحيت وڌندي وئي ۽ دماغ جا مخصوص حصا خاص ذهني ڪمن لاءِ وقف ٿي ويا. انفرادي انساني ذهن پڻ وقت سان گڏ تجربن مان سکڻ ۽ عمر وڌڻ سان گڏ نفسياتي مرحلن مان گذرندي ترقي ڪن ٿا. ڪجهه ماڻهو ذهني بيمارين کان متاثر ٿين ٿا، جن ۾ ڪجهه ذهني صلاحيتون گهربل طريقي سان ڪم نه ڪري سگهنديون آهن.

غير انساني ۽ مصنوعي ذهن

[سنواريو]

اهو وڏي پيماني تي تسليم ڪيو وڃي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه غير انساني جانورن وٽ به ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن شڪل موجود آهي، پر اهو اڃا تائين تڪراري آهي ته اهو ڪهڙن جانورن تي لاڳو ٿئي ٿو. مصنوعي ذهن (Artificial mind) جو موضوع به اهڙي ئي قسم جا چئلينج پيش ڪري ٿو ۽ نظريي دان ڪمپيوٽر جي ذريعي انهن کي پيدا ڪرڻ جي امڪانن ۽ نتيجن تي بحث ڪن ٿا.

مطالعو جا شعبا

[سنواريو]

ذهن جو مطالعو ڪندڙ مکيه شعبن ۾ شامل آهن:

اهي شعبا ذهن جي مختلف پهلوئن تي ڌيان ڏين ٿا ۽ تحقيق جا مختلف طريقا استعمال ڪن ٿا، جن ۾ تجربيگاھي مشاهدي ۽ نيرو ايمجنگ کان وٺي تصوراتي تجزيي ۽ خيالي تجربن تائين جا طريقا شامل آهن. ذهن جو موضوع ٻين ڪيترن ئي شعبن سان پڻ لاڳاپيل آهي، جن ۾ علميات (Epistemology)، علم انسانات (Anthropology)، مذهب ۽ تعليم شامل آهن.