ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي سزا ۽ ان خلاف سنڌي عورتن جي جاکوڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

1980ع جو سال هو، ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ فوجي آمر جنرل ضياءَ الحق ڏهڪاءُ پکيڙي رهيو هو، فوجي عدالتون قيد ۽ ڪوڙن (ڦٽڪن) جون سزائون ڌڙا ڌڙ ڏئي رهيون هيون، جنهن به ٿي ڳالهايو يا احتجاج ڪيو، هڪدم گرفتار ڪري ٻي ڏينهن سزا ڪوڙهن ۽ قيد جي ڏين، پي پي پي وارا ڊپ ۽ ڏهڪاءَ کان گُم ۽ ماٺ ۾ هُئا، تڏهن رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو جي جيل ۾ هوندي به عوامي تحريڪ راهوڪي ۾ احتجاجي جلسي جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته جڏهين ذوالفقار علي ڀُٽو کي ڦاسي جي سزا جو فيصلو آيو، تڏهن سڄي ملڪ مان پهريون احتجاج ۽ سزا خلاف مظاهرو سنڌياڻي تحريڪ حيدرآباد ۾ ڪيو هو، اٽڪل هڪ سئو عورتن گاڏي کاتي کان صدر تائين مارچ ڪيو هو. ان جي قيادت جيجي زرينا بلوچ بُرقعي ۾ ڪري رهي هُئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ سرڪاري ملازم هُئي. نيٺ راهوڪي جي جلسي جي اعلان، سڀني سان گڏ فوجين کي به حيران پريشان ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڪارڪن گرفتار به ڪيا ويا، ليڊر ته اڳي ئي جيل ۾ هئا، پر تڏهين به ڊپ ۽ ڏهڪاءَ واري ماحول ۾ جلسي جون تياريون ٿيون، گهڻيون افواهون پکيڙيون ويون ته فوج حملو ڪندي، فائرنگ ٿيندي، بم هڻندا وغيره پر جلسو ٿيو، ٻه ٽي هزار ماڻهو شامل هُئا، ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو، پُرجوش تقريرون ۽ جذباتي انقلابي گيت هُئا، اياز جو ڪلام ”سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ ماڻهن اُڀ ڦاڙ نعرا هنيا هئا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ان جلسي ۾ پنهنجو شعر پڙهيو هو، اُن به ماڻهن کي گرمائي ڇڏيو. اهو جلسو پورو ٿيو ته گرفتاريون شروع ٿيون، مٺو مهري ۽ ٻن ٻين کي بدين ۾ ڪوڙا لڳا ۽ مٺو مهريءَ هر ڦٽڪي لڳڻ تي جيئي سنڌ جو نعرو هنيو هو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا (خواجه غلام علي کوساڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا، خواجا غلام علي کوساڻي