ذاتي تنقيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ذاتياتي تنقيد (Personal Criticism)، تنقيد جي هن قسم ۾ نقاد ليکڪ جي انفراديت، ليکڪ جو انداز انهيءَ انداز ۽ تخليقي عمل دؤران وقت جي حالتن کي ڏسندو آهي. تنقيد جي هن قسم ۾ فن جي پرک ۽ جاچ کي ڪا بہ اهميت نہ ڏني ويندي آهي. ان ڪري فني لوازمات بدران نقاد تخليق ۾ تخليقڪار ۽ سندس دؤرجي جهلڪ ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. تنقيد جو هي قسم ڪنهن بہ فن پاري يا تخليق جو معيار مقرر نٿو ڪري، پر وقت ۽ فرد جو بيان ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي